• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

باب3 سبق 4 (بٽ نمبرنگ) ۽ ميموري ڇا آهي۔

Sindhi Media

سينيئر رڪن
باب3 سبق 4 (بٽ نمبرنگ) ۽ ميموري ڇا آهي۔
اسيمبلي لينگُئيج پروگرامرن موجب (ميموري ڪمپيوٽرم ۾هڪ اهڙي جڳهه آهي جتي اسان ڪاشئي جهڙوڪ (بائيٽس) جمع ڪري ٿا رکون)۔ بائيٽ byte آسان زبان ۾ (8 بٽس) تي هڪ ترتيب ڏنل قطار آهي۔ (بٽ) bit هڪ ننڍڙو (انفارميشن) جو (جُز) unit آهي۔ جيڪو، ها يا نه، آن يا آف، 1 يا 0، ٿي سگهي ٿو۔ اهڙيٕ طرح هر ميموري لوڪيشن پاڻ وٽ 8 خاليون جڳهيون رکي ٿي جنهن جي هر خاني ۾ هي 8 بٽ (هڪ بائيٽ)) اسٽور ڪيون ويندون آهن۔
مٿيون طريقو ٻُڌايو ويو آهي ته بٽ جي قطار ڪيئن ٿي جُڙي۔ هي کاٻي کان ساڄي ۽ ساڄي کان کاٻي به جُڙي سگهي ٿي۔ مٿين شڪل واري قطار
IBM يا گهڻن ئي ڪمپيوٽر مينيوفيڪچررس جو طريقه ڪار آهي۔ پر ڪي مينيوفيڪچرس ڪڏنهن ڪڏنهن 0 (يا ڪڏنهن 1) کان اسٽارٽ وٺندا آهن جنهن جي ترتيب ساڄي طرف جي بجاء کٻي طرفان شروع ٿيندي آهي۔ هر بٽ جي خاني ۾ ڪا به هڪ VALUE رکيل هوندي آهي جيڪا يا 1 ٿي سگهي ٿي يا 0۔ تنهنڪري جيڪڏنهن مثال طور اسان هيڪس C4 جي بائيٽ لکون ته اُها (بائنيريٕ ۾) ٿيندي (11000011)، پر جيئن ته C برابر آهي(1100) بائنري ۽ 3 جي بائنري ٿيندي(0011) ته لوڪيشن هن ريت ٿيندي۔
ڪمپيوٽر جي ميموريٕ ۾ هزارن جي تعداد ۾ ميموري لوڪيشنس ٿين ٿيون ، جنهن ۾ 8 بٽ نمبرس رکيا وڃن ٿاجيئن هيٺ ڏيکاريل آهي۔ توهان ڏٺو ته اسانجو دوستC3 جنهنجي بائنري (1100) آهي اُهو ميموريٕ جي لوڪيشن 102 ۾ ويٺو آهي ۽ ٻين جڳهين تي 0 پيا آهن۔
جيئن اسان هڪ سيگمينٽ سمجهي آيا آهيون ته هڪ سنگل سيگمينٽ ميموري ۾ جنهن ۾ 65536 بائيٽس هُجن ٿا۔ حالانڪه اهو ته صرف هڪ ميموريٕ جو ڀاڱو بُڌايو ويو آهي جيڪو IBM جي ڪمپيوٽر ۾ هُجي ٿو پر ان کان به وڌ بائيٽس کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي۔ اهو هميشه ياد رکڻلازمي آهي ته ريالٽي يا هڪ حقيقت ۾ اسانجي سيگمينٽ ۾ ميموري لوڪيشن 0000 کان شروع ٿي FFFFh يا 65536d تي پُهچي ٿي۔
 
Back
Top