پارس ميمن
سينيئر رڪن
ڪالھ رات نواب شاھ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ نئين سال جي ٻن ٻھراڙي جي سنڌي شاگردن سان ھاسٽل ۾ ڪجھ سنڌي شاگردن جيڪا ويدن ڪئي. ايترو تـ ذهني ٽارچر ڪيو جو هو ويچارا سخت سردي رات ۾ هاسٽل ڇڏي شهر هليا ويا بي يارومددگار نيٺ هنن پنهنجي والد کي پنهنجي ڳوٺ فون ڪئي ان وري پنهنجي هڪ اردواسپيڪنگ دوست کي حيدرآباد فون ڪئي جنهن هنن ٻنهي شاگردن کي نوابشاھ ۾ هڪ اردو اسپيڪنگ مائٽ وت رهڻ جو بندوبست ڪيو. اهي اٿو اسان جي سندي مهربانن جا ڪرتوت جو پنهنجن سنڌين سان اهڙي ڪن ٿا. توهان سنڌي ڀائرن کان اهو سوال اهي تـ ڇا هو پڙهڻ ڇڏي هليا وڃن ؟سينئر شاگردن کي تـ گهرجي تـ هو نون ڀائرن جي آجيان ڪن يا ٽارچر ڪري پڙهائي تان هٿ کڻائي ڇڏين.
هنن کي پنهنجي والد وڏي جفاڪشي سان پڙهائي انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ موڪليو پر ڪهڙي خبر تـ هنن جي اولاد سان يونيورسٽي ۾ اهڙي ويڌن ٿيندي جو هو پڙهائي ڇڏڻ تي مجبور ٿي واپس پنهنجي ڳوٺ هليا ويندا
ڪراچي تـ سنڌين کان کسجي ويئي، اتي سنڌين جي لاءِ تعليم جا دروازا بند آهن باقي جيڪي تعليمي ادارا اندرئين سنڌ ۾ آهن انهن ۾ خدا جي واسطي توهان پنهنجا تـ ائين نـ ڪريو.