• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پر تشدد وڊيو گيم: رڪارڊ وڪرو

پر تشدد وڊيو گيم: رڪارڊ وڪرو


هڪ اندازي موجب نئين وڊيو گيم ”ڪال آف ڊيوٽي، ماڊرن وار فيئر“ اڳوڻين سڀني وڊيو گيمن جي وڪري جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ماهرن جو چوڻ آهي ته هن وڊيو گيم جون هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿي سگهن ٿيون.

هن وڊيو گيم جا شيدائي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ايڇ ايم وي جي دڪانن تي رش لڳايون بيٺا هئا ۽ جڏهن ايڇ ايم وي پنهنجا سڀ اسٽور رات جو 12 بجي کوليا ته هن وڊيو گيم جو وڪرو سڄي رات هلندو رهيو هن گيم جي رانديگر کي موقعو ڏنو ويندو آهي ته اهو ان فوج جو حصو بڻجي سگهي ٿو جيڪا روسي ڪٽر قوم پرست گروپ سان جنگ وڙهي رهي آهي، هن گيم ۾ ٽيم دهشتگردن جي ڪاررواين کي ناڪام بڻائڻ لاءِ روس، افغانستان، قزاقستان، برازيل جو سفر پڻ ڪندي آهي. هن گيم جي ڪجهه حصن کي تنقيد جو پڻ نشانو بڻايو ويو آهي جنهن ۾ هڪ رانديگر ايئرپورٽ تي ٿيندڙ قتل عام ۾ شريڪ ٿيندو آهي.

ايڇ ايم وي موجب هن گيم جون 30 لک ڪاپيون برطانيه ۾ پهرين هفتي ۾ ئي وڪرو ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هن وڊيو گيم کان اڳ ”گرينڊ ٿڦن آٽو فور“ کي سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ گيم قرار ڏنو ويو هو پر ماهرن موجب هيءَ گيم اڳين گيم کان 20 سيڪڙو وڌيڪ وڪرو ٿيندي، ان لائين دڪان مالڪن جو چوڻ آهي ته هن گيم جي بڪنگ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي رهي آهي.

برطانيه جي ليبر پارٽي جي پارلياماني ميمبر ڪيٿ وار گيم جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هو ان گيم ۾ تشدد وارا سين ڏسي ڪري دنگ رهجي ويو آهي، جڏهن ليبر پارٽي جي هڪ ٻئي ميمبر هن گيم جي حمايت ۾ فيس بڪ تي گروپ ٺاهيو آهي، ياد رهي ته ”ماڊرن وار فيئر ون“ گيم جو دنيا اندر 12 ملين ڪاپيون وڪرو ٿيون هيون ۽ هينئر ”ماڊرن وار فيئر ٽو“ جو وڪرو شروع ٿي چڪو آهي، هن وڊيو کي انٽرٽينمينٽ جي دنيا جي سڀ کان وڏي رليز پڻ قرار ڏنو ويو آهي.
 
بلڪل سائين۔۔۔ امن کي اڄ ڪلهه ڪير ٿو پسند ڪري، سڀ ڪو دهشت گرديءَ ۽ پرتشدد ڪاروائين جو شوقين آهي۔۔۔
 
جواب: پر تشدد وڊيو گيم: رڪارڊ وڪرو

ادا انگريزن جا ٻار اهڙيون گيمون شوق سان کيڏندا آهن
 
Back
Top