پگهار گھڻي اٿئي؟ “ادا السلام عليڪم” “ڀاءُ وعليڪم السلام” “ادا اوهان ڪير؟؟” “لغاري” “ڪٿان جا آهيو ادا؟؟” “ڪراچي جو” “ڪراچي ۾ ڪٿي جو؟” “سچل ڳوٺ” “اهو ڪٿي آ؟؟” “ڪراچي يونيورسٽي جي پويان” “اهو ملير واري پاسي آهي؟” “ها بس ان پاسي ئي آهي” “ڇا ڪندا آهيو ڪراچي ۾؟؟” “نوڪري آهي” “ڪهڙي؟؟” “ماستر آهيان” “پرائيوٽ يا سرڪاري؟” “سرڪاري” “پگهار گهڻي اٿئو؟” اوهان بس ۾ هجو يا بس اسٽاپ تي انتظار ۾ بيٺل هجو، ڪنهن محفل ۾ هجو يا ڪنهن دعوت ۾ هجو، ڪنهن ريڙهي تي “عياشي ڪري رهيا هجو يا ڪنهن هوٽل ۾ چانهه پي رهيا هجو، ڳوٺ وڃي دوستن جي مجلس ۾ ويٺا آهيو يا گس ويندي ويندي ڪو مليو هجي رسمي سوال جواب (جيڪي به گهڻي قدر فضول ۽ اجايا هوندا آهن) ڪري “پگهار گهڻي اٿئو؟” وارو سوال لازمي پڇيو ويندو آهي!! ماڻهو اهو به چئي نٿو سگهي ته ٻيلي ان سان اوهان جو ڪهڙو ڪم آهي ۽ جيڪر اهو جواب ڏجي ته بس مڙيئي گذارو ٿي ويندو آهي ته به اهڙا غيراخلاقي سوال پڇندڙ ناراض ٿي ويندا آهن ۽ هروڀرو اهڙو رويو رکندا ڄڻ اسان ڪو صفا “بکيا پارٽي” جا ماڻهو آهيون، سندس اهڙن تبصرن مان ڪجهه هن وانگر به به هوندا آهن: سرڪاري ماستر ويچارو به آزار ۾ هوندو آهي، ٿورڙي پگهار تي آخر هو ڪهڙو ته ڪم ڪندو؟ ماستر ويچارو ڪيترو به بچت مان ڪم وٺي پر نيٺ ان کي دڪان تان “کنڌو” کڻڻو ئي پوندو آهي. پگهار مان اڄ ڪلهه ڪٿي ٿي پورت ٿئي. ڪراچي جهڙي شهر ۾ نيٺ اوهان جا 8، 10 هزار ته خرچ ٿي ويندا هوندا. نيٺ ماڻهو پريشان ٿي هُن جي “ڄار” ۾ ڦاسندو ۽ پنهنجو ماهوار بجيٽ کيس ٻڌائي پنهنجا سور سلي سندس “پيٽ جو سُور” لاهيندو. پريشاني اها آهي ته “پگهار گهڻي اٿئو؟” واري سوال سان هر ڪنهن جي ايتري دلچسپي ڇو آهي؟؟ اسان ۾ اجتماعي طرح سان اها برائي موجود آهي ڪو ٻڌائي سگهي ٿو ته اها بُرائي ڪيئن نڪرندي؟؟؟
هاهاهاهاها ۔۔۔۔ مينيجمينٽ ۾ پڙهايو ويندو آهي ته انٽرويو وٺڻ وقت ٻن سوالن ڪرڻ وقت سخت احتياط ڪندا ڪيو۔ 1۔ عورت کان ان جي عمر پڇڻ وقت ۽ 2۔ مرد کان ان جي آمدني پڇڻ وقت ۔۔۔۔۔۔ پر اڄڪلهه اهي ئي ٻه سوال اصل ڪر کنيو بيٺا هوندا آهن۔ ڇا ڪجي ۔۔۔۔۔۔۔ اوهان جي هن ننڍڙي تاثر ۾ مان پاڻ کي به چوڌاري ساڳيا سوال ڪندڙن جي وچ ۾ ڦاٿل ڏٺو۔
ادا يونس ملڪاڻي صاحب السلام عليڪم۔۔ بلڪل اسان کان به ان قسم جا سوال ڪيا ويندا آهن۔ ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته اوهان ۽ اسان سان محبت ڪرڻ وارا انسان ٻڏ تر جو شڪار هوندا آهن ته جيڪي پگهار اسان کي ملي رهي آهي ان ۾ اسان جو خرچ پورو ٿئي ٿو يانه ،انهي ڪري هو پگهار جي باري ۾ پڇندا آهن۔ پگهار پڇڻ مان هنن جي بلڪل به اهو اردو نه هوندو اهي ته ڪو گهٽ پگهار جي ڪري اسان يا اوهان تي ٺٺول ڪن۔ اها ته اسان جي قوم جي هڏ ڏوکي آهي جو پهريائين ملاقات ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ پگهار جي باري ۾ به پڇي وٺيندا آهن تاڪي هو ڏسي سگهن ته اسان جي زندگي جو گاڏو صحيحي نموني هلي رهيو آهي يا نه۔ ان پگهار پڇڻ تي اسان ۽ اوهان کي ناراض نه ٿيڻ گهرجي ۔ آڄ ڪله ته ماشالله اسان جي استادن جون پگهارون به تمام سٺيون آهن جيڪي ٻڌائڻ ۾ انهن کي شرمندگي ڪڏهن به نه ٿيندي۔
محترم غلام مصطفي ميمڻ صاحب اوهان جي ڪافي حد تائين صحيح آهي تاڪي هو ڏسي سگهن ته اسان جي زندگي جو گاڏو صحيحي نموني هلي رهيو آهي يا نه۔ ان پگهار پڇڻ تي اسان ۽ اوهان کي ناراض نه ٿيڻ گهرجي ۔
اصل ۾ پگهار ٿوري ٻڌائڻ ۾ عار محسوس ٿيندو آهي گهڻي ٻڌائڻ ۾ وري ماڻهو ڪيٻائيندو ان ڪري آهي ته متان مخاطب کي هوس ٿئي ته حل يڪي ايتري پگهار توهان اڪيلي کي ملندي آهي۔ ورنه اهو اهڙو ڪبيرو گناهه به ڪونهي پر ماڻهو ڄاڻڻ چاهيندا آهن ته هن نوڪري واري کي ڪيتري پگهار ٿي ملي۔ پوء پگهاردار ماڻهو به مخاطب کي پنهنجي حڪمت عملي سان ٻڌائيندو آهي جي ٿوري آهي ته ڪجهه وڌائي ٻڌائيندو آهي اگر گهڻي آهي ته ڪجهه گهٽائي ٻڌائيندو آهي۔ اڪثر ائين ئي ڏٺو ويو آهي۔
نه ادا پگهار پڇڻ جو مقصد اهو هوندو اٿن ته سندس جاب ڪهڙي سٺي آهي۔ معني ڪهڙي نوڪري ۾ ڪم گهٽ ۽ پئسا وڌيڪ ملن ٿا۔ جتي پگهار گهڻي پڇڻ وارو پي هوندو آهي ته گهر وڃي پٽ کي پهرين ڏاڍي جٺ ڪري مطلوبه شخص جو حوالو ڏيندو ته فلاڻو ايتري پگهارکڻي ٿو۽ تون مفت وارا ٽڪر ويٺو کائي، پو کين اهائي صلاح هوندي تون به اهو ٿي ڏيکار۔ ۽ جي پڇڻ وارو پٽ پاڻ هوندو ته پنهنجي پگهار سان موازنون ڪندو ۽ پگهار گهٽ هوڻ جي صورت ۾ ٻي ڪنهن نوڪري جي ڳولا ڪندو۔ ادا آهي ڪي نه!
يونس ملڪاڻي صاحب! ”پگهار گهڻي ائئي!“ واري ليک ۾ اوهان مزاح سان گڏ ان محرومي کي عيان ڪيو آهي، جيڪا لاڳيتي هن پرڳڻي جي ماڻهن کي ملي آهيهر نوڪري ڪندڙ کي اهو سوال ”پگهار گهڻي اٿئي؟“ ٻڌڻو پيو هوندو يا ٻڌندو ضرور.اصل ۾ هن خطي جي نفسيات اهڙي جڙيل آهي اوهان سنڌ جي ڪراچي کان ويندي ڪمون شهيد جي مير ڪوشن واري علائقي تائين سراسري سروي ڪريو يا آڌيگام کان وٺي اڇڙي ٿر کان ڦري وري به ڏهرڪي جي ڀٽن جي ڀر-مهاڙ تائين وڃو، ساڳيو سوال ضرور ٻڌبو.مرڳو پنهنجي سنڌ پرڳڻي ڇا پنجاب، بلوچستان، پختونستان، ڪشمير ۽ ڀارت جي مڙني رياستن ۾ پڻ ساڳئي نوعيت جو اهو ئي سوال آهي جيڪو هر نوڪري ڪندڙ کان پڇيو ويندو آهي.سو پنهنجي ننڍي کنڊ ۾ جنهن نفسيات جو جڙاءُ ٿيو آهي، لازمي مادي حوالي سان به لوڪ انهيءُ اثر کي اوس قبوليندو ۽ ايئن ٿئي پيو جنهن جو مثال اوهان پنهنجي ليک ۾ تمهيدي مڪالمن ۾ واضح ڪري چڪا آهيو!هاڻي ڏسو نه! اسان جو اهو اپ کنڊ جنهن کي برصغير سان به پاريون ٿا، ان ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي رهي ٿي رهڻي ڪهڻي ريت رسم سڀيتا، سڀاءٌ، لوچ سوچ، فڪر ذڪر ڀل الڳ ٿلڳ هجي پر ڪن حالتن ۾ ڪجهه شيون ساڳئي نوعيت جون هجن ٿيون انهن ۾ ”پگهار گهڻي اٿئي؟“ وارو سوال لڳ ڀڳ ساڳيو هوندو آهي.هي غلام داري واري سرشتي سبب آهي. اسان مسلسل غلامي جي پاڇي هيٺ جو پليا آهيون ان ڪري اها سوچ رکون ٿا باقي سڌريل ملڪن ۾ ان سوال جو ڪو به پڇاڻو ناهي ان سوال ڪرڻ جي اهڙن ملڪن ۾ ضرورت اڃا محسوس نه ڪئي وئي آهي.
توهان جي پوسٽ پگهار ًگهڻي اٿئي پڙهي ذهن تي هڪ واقعو تري آيو ۽ ڏاڍي کل آئي آهي اهو واقعو ڏاڍو عجيب قسم جوآهي ان ڪري سڀني دوستين سان معذرت آهي ڳالهه هن ريت آهي ته مان جيئن ئي ڪميشن پاس ڪئي ۽ اسلاميه آرٽس ڪامرس ڪاليج سکر ۾ ليڪچرار ٿيس ڪجهه ڏينهن کان بعد ڪاليج ۾ پيپر شروع ٿيا پيپرن ۾ منهنجي ڊيوٽي لڳي۔ هڪ ڏينهن پيپرن جي ڊيوٽي جي دوران هڪ شاگرد مون کان حال احوال ورتو ته سائين توهان ڪڏهن ليڪچرار ٿيا آهيو مون وراڻيو ادا هاڻي ئي ٿيو آهيان شاگرد وري سوال ڪيو سائين توهان جي پگهار ڪيتري آهي مون ڳالهه کي کلي ٽاري ڇڏيو ۽ ان کي جواب ڪو نه ڏنو ٻئي ڏينهن اتفاق سان مون سان گڏ ساڳئي ڪلاس ۾ هڪ ڪاوڙيل ۽ بدمغزي ليڪچرار جي ڊيوٽي لڳي شاگرد ويچارا ڪاليج اچن ته استادن جي فطرت مان واقف هجن نه ان ًشاگرد وري ان ڪاوڙيل استاد کان ساڳيو سوال ڪرڻ جي غلطي ڪري وڌي شاگرد :سائين توهان جي پگهار ڪيتري آهي ڪاوڙيل استاد:ڇورا ڇو ڀلا سڱ ڏيندئو ڇا مون کي اگر سڱ ڏيو ته حاضر آهيان پوء توهان کي پگهار به ٻڌايان ان تي شاگرد کڻي هيٺ ڪنڌ ڪيو ان ڏينهن کان بعد ڪنهن به مون کان ڪاليج ۾ پگهار ڪو نه پڇي آهي