يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
پگهار گھڻي اٿئي؟
“ادا السلام عليڪم”
“ڀاءُ وعليڪم السلام”
“ادا اوهان ڪير؟؟”
“لغاري”
“ڪٿان جا آهيو ادا؟؟”
“ڪراچي جو”
“ڪراچي ۾ ڪٿي جو؟”
“سچل ڳوٺ”
“اهو ڪٿي آ؟؟”
“ڪراچي يونيورسٽي جي پويان”
“اهو ملير واري پاسي آهي؟”
“ها بس ان پاسي ئي آهي”
“ڇا ڪندا آهيو ڪراچي ۾؟؟”
“نوڪري آهي”
“ڪهڙي؟؟”
“ماستر آهيان”
“پرائيوٽ يا سرڪاري؟”
“سرڪاري”
“پگهار گهڻي اٿئو؟”
اوهان بس ۾ هجو يا بس اسٽاپ تي انتظار ۾ بيٺل هجو، ڪنهن محفل ۾ هجو يا ڪنهن دعوت ۾ هجو، ڪنهن ريڙهي تي “عياشي ڪري رهيا هجو يا ڪنهن هوٽل ۾ چانهه پي رهيا هجو، ڳوٺ وڃي دوستن جي مجلس ۾ ويٺا آهيو يا گس ويندي ويندي ڪو مليو هجي رسمي سوال جواب (جيڪي به گهڻي قدر فضول ۽ اجايا هوندا آهن) ڪري “پگهار گهڻي اٿئو؟” وارو سوال لازمي پڇيو ويندو آهي!! ماڻهو اهو به چئي نٿو سگهي ته ٻيلي ان سان اوهان جو ڪهڙو ڪم آهي ۽ جيڪر اهو جواب ڏجي ته بس مڙيئي گذارو ٿي ويندو آهي ته به اهڙا غيراخلاقي سوال پڇندڙ ناراض ٿي ويندا آهن ۽ هروڀرو اهڙو رويو رکندا ڄڻ اسان ڪو صفا “بکيا پارٽي” جا ماڻهو آهيون، سندس اهڙن تبصرن مان ڪجهه هن وانگر به به هوندا آهن:
سرڪاري ماستر ويچارو به آزار ۾ هوندو آهي، ٿورڙي پگهار تي آخر هو ڪهڙو ته ڪم ڪندو؟
ماستر ويچارو ڪيترو به بچت مان ڪم وٺي پر نيٺ ان کي دڪان تان “کنڌو” کڻڻو ئي پوندو آهي.
پگهار مان اڄ ڪلهه ڪٿي ٿي پورت ٿئي.
ڪراچي جهڙي شهر ۾ نيٺ اوهان جا 8، 10 هزار ته خرچ ٿي ويندا هوندا.
نيٺ ماڻهو پريشان ٿي هُن جي “ڄار” ۾ ڦاسندو ۽ پنهنجو ماهوار بجيٽ کيس ٻڌائي پنهنجا سور سلي سندس “پيٽ جو سُور” لاهيندو.
پريشاني اها آهي ته “پگهار گهڻي اٿئو؟” واري سوال سان هر ڪنهن جي ايتري دلچسپي ڇو آهي؟؟ اسان ۾ اجتماعي طرح سان اها برائي موجود آهي ڪو ٻڌائي سگهي ٿو ته اها بُرائي ڪيئن نڪرندي؟؟؟