• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ائين ضبط دل تي ڪري ير ڏٺو سين

ائين ضبط دل تي ڪري ير ڇڏيو سين
نه ڪو ذڪر ڪنهن سان ڪري ڪو ڏٺو سين

هئي دل ۾ هلچل محبت جا مانڌاڻ
فڪر هن فراق ۾ ڪري ير ڏٺو سين

دُکي دوهون دل ۾ ، چڙنگون ٻرن ٿيون
ايئن مرڪ منهن ۾ ڪري ير ڏٺوسين

اولانڀا اندر ۾ ڪي شعلا ٻرن پيا
نه ڪا ٻاڦ ٻاهر ڪري ير ڏٺو سين

جتي رات روشن اونداهو هجي ڏينهن
پل تنهن کان پاسو ڪري ير ڏٺو سين

نه خاموش آهي چري دل اڃا ڀي
برباد جنهن کي ڪري ير ڏٺو سين
 
نه خاموش آهي چري دل اڃا ڀي
برباد جنهن کي ڪري ير ڏٺو سين

خوبصورت شاعري ۔۔۔ سهڻو اظهار
 
Back
Top