Sindhi Media
سينيئر رڪن
ڇا مان ميهنهُن جي اڳيان مُرلي پيو وڄايان؟
دُنيا ۾ ٽي ڪروڙ سنڌي هُجڻ جي دعوى ڪرڻ وارن کان سوال ته انهن ٽن ڪروڙن ۾ ڪمپيوٽر اورينٽيئيڊ يوٿ ( ڪمپيوٽر اڄ زندگي جي هر شعبي توڙي راند روند جو حصو آهي) ڪيترو سيڪڙو هوندي، انهن ٽن ڪروڙ سنڌين مان انڌيري ۾ رهندڙ قوم ڪيترو سيڪڙو هوندي، انهن ٽن ڪروڙسنڌين مان تعليم جو حصول رکندڙ قوم ڪيترو سيڪڙو هوندي۔ ڀلا جي اهو سوال مُشڪل آهي ته ان کي ڦيرائي آسان ڪريان ٿو ته سنڌ سلامت جي مڪمل ميمبرن ۾ ڪمپيوٽر اورينٽئيد سنڌين جو تعدا ڪيترو هوندو۔ جيڪي ڪمپيوٽر يا ٽيڪنالاجي جي کوجنا ڪري پرائڻ چاهين ٿا يا سڀ جا سڀ اُهي اڃان انڌيرن ۾ ماڊرنيت جو چولو اوڙهي ويٺا موبائل ۽ ڪمپيوٽر کي فقط راند جو ميدان، سمجهن۔ ٽرڙائپ جون وندرون (ايس ايم ايس، چيٽنگ) کي ڪمپيوٽر سکڻ جو سورس سمجهي ميدان ۾ لهن ٿا! ته ڇا مان هڪ گهپ انڌيري مان نڪري هڪ اکين کي چمڪائيندڙ انڌيري ۾ ته نه پيو گهڙان جنهن ايي روشني ڪري اکين اڳيان انڌرو آني ڇڏيو آهي؟
ڇو جو مون کي ته ان انڌيري (اونداهي) ۾ هڪ چڻنگ ٻاري روشني ڪرڻ تي به ڪنهن جي به ساهه کڻڻ يا چُر پر ڪرڻ جو آواز نه آيو آهي، ڪن ٻن پوڙهن پڪن، جهونن کي آهه ڪندي ضرور ٻڌم پر اُهي به پو آهه ڀري وسامي ويا۔ اهو ان ڪري پيو چوان ته هڪ طرف آئون وقت سيڙائي (ڪڍي) ڪمپيوٽر جي سرجري ڪري، آنڊا گُجيون پيو ٻاهر ڪڍان ، ته اڳيان وڌندي ڪن لا ڪمپيوٽر جي دل (مائڪرو پروسيسر) جي سرجري پيو ڪريان، پر پويان مُڙي ڏسان پيو ته آئون ته هڪ خاموش مُڙدي جي سرجري پيو ڪريان نه ڪه ڪنهن بيمار جي ته هن کي دُنياوارو ڪري وٺان۔ وري ٿورڙي دير لا خيال آيم ته نه، مان ته برابر هڪ لاش جي سرجري ڪري، ٻين زنده لاشن جي اڀياس لا ڪم پيو ڪريان، وري پويان جو نهاريان ته اهي اڀياس سمجهندڙ به ڏسڻ ۾ نه پيا اچن، جن لاِ مون لاش (ڪمپيوٽر) کوليو اها دل کولي جنهنجي سرجري (ڊيبگ) پيو ڪريان، اها سکيا (اسيمبلي لينگُئيج) پيو ٻُڌايان، انهن نسن ۾ رت جو وهڪرو (مشين لينگئيج) پيو سمجهايان۔ پر ڪنهن لا۔ مُهنجي ڪلاس روم ۾ ته ٽن ڪروڙ سنڌين مان ڪو فرد آهي ئي ڪونه۔
پو سوچيم ته ڇا مان چريو ٿي ويو آهيان جو(ڊاڪٽر بولن ) جو لاجڪ ڊزائين ڪري، مڪمل ٿيڻ تي چوندو وتان (ٿي ويو! ٿي ويو!) ۽ پو ٻاهر نڪران ته چريو! چريو! چئي ، اڀياس ڪندڙن، سرُن پٿرن سان بولن وانگر منهجو انت آڻين۔ ، مُهنجو روح پرواز ڪري پو ڀلي پويا ٿڌا ساهه کڻي مُهنجي لاجڪ سان دُنيا کي مسخور (سيٽلائيٽ ڊزائين) ڪري انجوا ڪندا وتن۔ پر جي اهو آسرو به هُجي ته خير آهي، پر تاريخ گواه آهي ته اها ٿيوري ٻين قومن لا ته ٿي سگهي ٿي جو اُهي اڳتي وڌڻ ۽ فني علم لا ما جي پيٽان نڪري چائنا وڃڻ جو تصور ته رکن ٿا، جڏنهن ته مُهنجا سنڌي لاڙڪاڻي کان ڪراچي آيا آهن ته چون ٿا ته اسان پرديس ۾ آيا آهيون، ته ڇا مان جيڪو جهد ڪريان پيو اهو کين ست هزار سالن جي انڌيري مان نڪري روشني م آڻيندو ته ڇا هي ڀنگ، سُلفي ۾ پليل قوم ، ٺري جي نشي ۽ اوطارن ۽ اوطاقن کي وساري مقابلي ميدان ۾ لهندي؟ ڇا هي دُهل جي ڏئونڪي تي ميدانن ۾ نچڻ واري قوم انهي جذبي سان فني تعليم جي حصول لا به اڳتي وڌندي! ۽ دُنيادار ٿي چيلينجن کي مُنهن ڏيندي يا اڃا به وڏيرن ۽ ڪامورن جي پُڇ ۾ ونگار واري ڀَتَ تي پورهيو ۽ مزدوري ڪندي پو پويان ڀلي ٻچا بُک مري وڃن ڇا ٿيو، وڏيري کان ڀَتُ ۽ ڀنگ ته مُفت ۾ ملندي نه! سچ چيو آهي ڏاهن ته ڀائو (مُفت جو ڀونڊو به ڀلو) ملي ته ٿو۔
ممڪن ته نه پيو لڳي جو ايترو امپارٽنٽ ٽاپڪ مائڪرو پروسيسر 8088 جي سرجري پيو ڪڍان ۽ ڪو نه بڙڪ پيو ڪڍي نه ئي جهاتي پائي پيو ڏسو، شايد ڀنگ جي نشي ۾ هو رستي تي ڪنهن فقير کي صدا هڻندي ڏسندي اڳتي وڌندا پيا وڃن! شايد پو آئون به شاه صاحب جي اُها صدا سمجهي وڃان (الف الله ! به بس!) ۽ خاموش تمشائي ٿي زندگي جا باقي ڏينهڙا پورا ڪريان۔ (ٿورڙو چيو گهڻو سمجهجو يارئو!