منهنجي شاعري (مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌي ساٿيو سڀ کان پهرين ته هن عيد جو توهان کي منهنجي پاران چهريون چهريون کوڙ ساريون مبارڪون، دوستو هي هڪ معمولي تجربو ڪيو اٿم۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پنهنجي شاعريءَ کي پنهنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪري توهان سان ونڊ پيو ڪريان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوستو مان ڪوشش ڪندو آهيان ته ڪجهه مختلف هُجي ، هاڻ ڪيتري قدر مختلف ڪيو اٿم ان جا جج ته توهان ئي ٿي سگهو ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    بس منهنجي هن صفا حقير محنت کي توهان عيد جو تحفو ڪري قبول ڪيو ته مهرباني ٿيندي۔۔۔۔۔۔۔۔
    توهان جو دعاڳو
    نثاراحمد ناز

    آزاد نظم
    نثاراحمد ناز
    مشعلون بنائي
    پنهنجي آڱرين کي،
    حَدِ ديوانگي ،
    ڇُهڻ مان ٿو چاهيان!!
    پَيَل گَجُ بدن تي، سنڌي ڀرت وارو،
    کنيل ڪڇ تي گهاگهر،
    مٿي تي دِلو پڻ،
    هلي ڊيلَ وانگر،
    هُو لوڏا وڏا ڏئي،
    تنهن سنڌي نياڻيءَ جو اسڪيچ ٺاهي،
    ڪا تصوير سُهڻي،
    مان (Oil) آئل سان پينٽي،
    يا واٽر ڪلر ۾
    بنائڻ ٿو چاهيان!!!
    موهن جي دڙي جِي،
    مان تاريخ بڻجي،
    تراشڻ ٿو چاهيان،
    تنهن نچڻي جِي مُورت،
    جيڪا بُک ۾ بدحال،
    وئيشا بَڻِي آ،
    تنهن معصوم، مظلوم پڳلِيءَ جِي مورت!!!
    ڀري ڇند وديا کي،
    پنهنجِي ڪلا ۾،
    ستن سُورمين جا سُرَ سڀ آلاپي،
    تنبوري جي تارُن کي ڇيڙڻ ٿو چاهيان!!
    ڪبير جا دوها،
    ڀٽائيءَ جون وايون،
    رمزون سچل جُون،
    سڄا راز کولي،
    سامي سڀن کي،
    ٻُڌائڻ ٿو چاهيان!!
    تکو وقت تُنهنجي ته رفتار کان،
    اُڀَ ۾ مان اُڏري،
    امن جو پکيئڙو،
    چنبي باز مان ڀي ڇڏائڻ ٿو چاهيان!!
    وڃان ڇو مان چنڊ تي ۽ ڇا لئه؟
    سڄو چنڊ ڌرتيءَ تي لاهڻ ٿو چاهيان!!،
    جهريل آ جڳت ۾ جيڪو جيئڙو،
    آٿت وڏي تنهنکي ڏيارڻ ٿو چاهيان!!
    مان لُڙڪن جي لارُن جون تصويرون ميٽي،
    خوشيون سڀ دنيا ۾ ورهائڻ ٿو چاهيان،
    وڏا سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان!!
    نوان سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان!!
    مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي!!
    مشعلون بنائي پنهنجي آگرين کي!!
    مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي!!


    سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پيشڪش منهنجي شاعري (مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي) سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کي ارپيان ٿو

     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    مهرباني سائين

    بهترين ...............
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڦلپوٽا سائين لک لائق ۽ ها عيد جون مُبارڪون قبول ڪندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهي به ٻاڪري ۽ انٽرنيشل فقير علي علي جي قربان ٿيل ڀوري مينهن واريون۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين عيد مبارڪ توهان کي قبول هجي شال خوش هجو پنهنجي پيارن سان
    باقي انٽرنيشنل فقير ته اڄ ڪلهه گم آهي ان لا۽ هي عيد ته ٺاهوڪي ٿئي وئي انٽرنيشنل فقير جي اڳيان ته مان ٻار آهيان ان ڪري مون کي ته اصل منٽ ٿو ڦري وڃي :d

    sindhsalamatsaathsal
     
  5. علي منير پاٽائي

    علي منير پاٽائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ((بسم الله الرحمن الرحيم))
    الســـــــلام علـــــــيڪم ورحــــمـة الله وبرڪات
    ادا نثار احمد ناز صاحب رب پاڪ توهان کي ۽ توهان جي اولادکي پنهنجي امانت ۾ رکي ۔ آمين
    سائين هن پرديسي منير ۽ پٽ علي جي طرفان عيد جون پاڪستان جي تعداد جيتريون مبارڪون قبول ڪندا۔
    سائين توهانجو موڪليل تحفو اکين تي رکي قبول ڪيوسين زبردست باقي وڏا جج عيد جي موڪل تي آهن۔اميد اٿم ته ايندا ته توهانکي ضرور مان ڏيندا

    [​IMG][​IMG]
    توهان جودعاڳو الله نگھبان


    [​IMG]

    [​IMG]

    علي منير پاٽائي
    مڪـوپاڪ​
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان

    ادا منير ۽ پُٽ علي : اسلام عليڪم : توهان منهنجي هن ڪاوش کي زبردست چيو، مٺا موڪل تي ويل جج جڏهن به اها پوسٽ پنهنجي مشاهدي هيٺ آڻين، تڏهن جون ڳالهيون تڏهن سان في الحال اسان جا جج توهان ئي آهيو جو توهان اسان جِي هن پيار جِي ٻوليءَ کي محبتي ڀريو مان ڏنو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان کان علاوه توهان سموري پاڪستان جيتريون اسان کي عيد مبارڪون چيون۔۔۔۔۔۔۔۔ مٺا ماڻهون جتي به هوندا آهن اهي پنهنجي مصري جهڙي مٺاس سان ڀريل ڳالهين سان سرُهاڻ ۽ رونقون ونڊيندا رهندا آهن ۔۔۔۔۔۔ اسان لاءِ توهان ٻئي خوشين جا خزانا آهيو، انمول املهه ماڻڪ آهيو۔۔۔۔۔۔۔۔ صحيح ٿو چوان ته توهان لاجواب آهيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لک ٿورا جو اسان جي هن عيد جي غريباڻي تحفي کي توهان جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ مان بخشيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    واه سائين واه اصل ٿڪ ئي لهي پيا ڀوري مينهن جي تلاش ۾ ڀڄي ڀڄي اصل لاه ئي نڪري ويا هئا سوچيم ته اوطاق تي چڪر هڻان وڏو ايڊمن به ڪونهي سو سنگت ڇنڪار ڪئي هوندي آلاء نه هڪو به دکايو هوندون الاء نه سو الحمد لله سڀ شي فس ڪلاس هئي سو اوهان جي شاعري تي نظر پئي روح سٽ کاڌي پڙهيم تي اصل قرار اچي ويو شال جڙيو هجين اسان جو دعاون اوهان سان گڏ آهين
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا علي علي ير ڀلي ڀلي ڪري آئين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اها اوطاق ڪيئن نه سجايل هوندي، ان عمارت جو بنياد آخر ته تنهنجو کڙو ڪيل آهي۔۔۔۔۔ تون ڪنهن رُلندڙ ڪڪر جيان گُم ٿيو وڃين، پر ان هوندي به هن محبتي اڱڻ جي افتتاح جي ڦيٿ تو ئي ته ڪَٽِي هُئي۔۔۔۔۔۔ يقين ڄاڻ وڏي ائڊمن هن اوطاق تي تنهنجي نالي واري ئي افتتاحي تختي لڳائي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي يار ڏاڍي پيو ٻڌائين پنهنجي ڀوري مينهن کي هيلوڪي اُضحى ۾ سهراب ڳوٺ واري پڙيءَ ۾ کپائي صرف فقير ڦلپوٽي کان بچڻ لاءِ ڀوري مينهن جي تلاش وارو ڊرامو پيو ڪرين.......... گهٽ ۾ فقير ڦلپوٽي سان نه ڦِٽائي...... رمضان واري عيد به فقير ڦلپوٽي جي تو وڃائي هُئي سندس نيڪ بابا نيڪ مائي واري ساري ڪمائي کڻي وڃي ٻي ملڪ نڪتين......... هينئر ڀوري مينهن عيد قربان ۾ کپائي وري نعرا پيو هڻين ته ڀوري مينهن کي پيو ڳولهيان ......... وڃ ڙي ..........
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    وڃ ڀڻا لڳي ٿو ته منهنجي مينهن ڦٻائڻ لاءِ فقير خرچ سٺو ڪيو آهي جو سائين نثار به پاسو پيو وٺيس سائين اصل ڳالهه اها ئي ته آهي نه ته عيدالفطر واري بدلي جي چڪر ۾ فقير منهنجي مينهن چوري ڪئي آهي ۔۔۔ تم به تم هو هم ڪسي سي ڪم نهين واري چوڻي تي عمل پيو ڪري مان ڀلي انٽر نيشنل هجان پر هو به نيشنل آهي اصل شڪار پوري نيشنل آچار وانگر۔
    باقي سائين اوهان اسان جو به نالو ورتو فرمائش ڪندڙ دوستن جي لسٽ ۾ خيال ايو ته اوهان اسان کي وساريو ناهي اوهان جا لک ٿورا اسان هجون نه هجون سنڌ ڪنهن جي محتاج ناهي سنڌ هميشه آباد هوندي ۽ اسان جي هي سنڌ سلامت واري اوطاق به ۔
    مان مصروف ضرور هوندو آهيان پر ٽيڪنيڪي مدد ۾ وڏي ايڊمن سان گڏ نه پر اڳي هوندو آهيان اسان جي لاء دعا ڪندا رهندا ۔۔
    مولا اوهان کي آباد رکي(آمين)
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ير فقير کي سڀ ڪجهه چئين ها پر ”چور نه چئين ها۔۔۔۔۔۔ هن درويش وٽ بلڪل اهڙي قسم جون تصويرون آهن جيئن تون پرايو گابو پنهنجي ڦٽ ڦٽي تي رکي ڀڳو هُئين فقير تنهنجون تصويرون ڀوري مينهن کپائيندي هٿ ڪيون آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي سچي ڳالهه ته ڀڳوان ڄاڻي۔۔۔۔۔ انٽرنيشنل ۽ نيشنل فقير پاڻ ۾ ڄاڻو، جيڪا ڪمائي تون کڻي ڀڳو هُئين ان ۾ يار اسان اڀرن فقيرن جو به ڪجهه حصو پتي هو ان ڪري پيا وٽ ۽ سٽ کائون۔۔۔۔۔۔ تون ڪيئن نه ياد هوندين جاني۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان ته تو، هين لاءِ پي پر ۾ پُڇائون ڪيون۔۔۔۔ دوست تون ۽ تنهنجو نالو اسان جي دل تي لکيل آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين اوهان جي شاعري به زبردست آهي ۽ شعرن سان تصويرن جو سهڪار به قابل تعريف آهي اوهان جي وڏي مهرباني جو اسان کي به سنگت ۾ شامل رکو ٿا اوهان جا قرب لاهڻ کان ته ڳورا آهن باقي ڳائبا رهبا۔ الله اوهان کي جوانن واري جوت بخشي آهي شال ان جوت سان سلامت هجو۔
     
  12. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم سائين نثار احمد ناز صاحب

    هن بنده حقير جي طرفان به اوهان کي عيد جو لک لک واڌيون هجن۔۔۔ هن حقير جي بارگاهِ الاهي ۾ اها ئي دعا آهي ته رب ڪريم اوهان کي خضري حياتي ۽ صحتِ ڪاملا عطا فرمائي۔۔ آمين ۽ ڪٽنب سان شادوآباد رکي آمين۔۔۔۔

    سائين اوهان جي هن تحرير تي مون حقير جي نظر ڪافي دير سان پئي۔۔ ۽ انهي سوچ ۾ گم ٿي سوچڻ لڳس ته مون سائين جي هن تحرير ۾ سڀ کان پهريان ريپلائي ڇو نه ڪيم پر افسوس جو هن ظالم سماج جون زنجيرون اسانجي پيرن ۾ پيل آهن۔۔۔۔۔ هاڻي ته مون ۾ ويسر جو به مرض وڌنڌو ٿو پيو وڃي۔۔۔ هڪڙي ڪم جو سوچون ٿا ته ٻيو ڪم ٿيو پيو وڃي۔۔۔
    بهرحال خيئر سائين۔۔

    اوهان جي شاعري دل کي ڇهندڙ ۽ تمام پياري لڳي۔۔۔ مون حقير وٽ اهڙا لفظ موجود ناهن جيڪي اوهان جي شان ۾ لکي سگهان۔۔۔۔ ايترو ضرو چوندس ته اوهان جي هن تحرير سنڌ سلامت جي اڱڻ کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا آهن۔۔۔ اوهان اسان کي پنهنجي ئي شاعري پنهنجي آواز ۾ ٻڌائي.... تمام گهڻو پسند آئي۔۔۔ ٻيو وري سڀني دوستن کي فرمائش ۾ شامل ڪيو اٿوَ۔۔ بلخصوص مان ان جي لاءِ اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان هن حقير کي به ياد ڪيو آهي۔۔۔۔
     
  13. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جيهِي جي تيهي ته به ٻانهي ٻاروچن جِي
    حُجت هوت پُنهونءَ سين مون ڪميڻي ڪيهي،
    اصل آريءَ ڄام جي، پلئه آئون پيئي،
    هُو جا پائين پير ۾ ، تنهن جُتيءَ نه جيهي،
    وساري ويهي تن ڪيچين کي ڪيئن رهان​


    محترم سائين رحيم بخش صاحب توهان جا انتهائي انتهائي ٿورا، جو منهنجي هن غريباڻي ڪوشش کي سُٺا لفظ بخشيا، توهان اسان لاءِ جوانن واري جوت لکي اسان کي هڪ نئون حوصلو بخشيو آهي، توهان جي بي لوث دُعائن لاءِ انتهائي ٿورائتو آهيان
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مخدومي زاهد سومرا، توهان دوستن کي وساريان ته مرشد ڪريم لطيف سائين جي چواڻي مطابق،
    منجهان مُنهنجي رُوحَ جي وَڃي ساجن وسري،
    ته مَرُ لڳي لُوءَ، ٿَرَ ٻاٻيهو ٿِي مران.........​
    ..

    ادا تو لکيو آهي ته تو وٽ اهڙا لفظ ئي موجود ناهن جيڪي منهنجي شان ۾ لکي سگهين . او درويش او الجميلي مون گهنگار وٽ چارئي پلاند چت کان سواءِ ڪي به ڪينهي، پر زاهد مان چاهيان ٿو مان چاهيان ٿو تون اهي لفظ ڪٿان به هٿ ڪري منهنجي شاعري، انهيءَ جي ٽيڪنيڪ، ۽ فن تي لکي وري لک جيئن ڪو نئون نقطو، ڪا نئين ڳالهه ، ڪو نڪور فلسفو نڪري، ۽ اسان جهڙا ڀُوڪ پنهنجي ادب ۽ جُستجو واري لوچ ۽ سوچ واري اُڃ اُجهائي سگهن......... باقي توکي منهنجي شاعري پياري لڳي سُٺي لڳي ، مٺا ڇو ڪين لڳندي، لڳڻ به کپي ڇاڪاڻ جو تون خود پيارو آهين، قسم سان ڏاڍو پيارو آهين............
     
  15. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: منهنجي شاعري (مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي

    سائين ناز صاحب لا جواب سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو