نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌي ساٿيو سڀ کان پهرين ته هن عيد جو توهان کي منهنجي پاران چهريون چهريون کوڙ ساريون مبارڪون، دوستو هي هڪ معمولي تجربو ڪيو اٿم۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پنهنجي شاعريءَ کي پنهنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪري توهان سان ونڊ پيو ڪريان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوستو مان ڪوشش ڪندو آهيان ته ڪجهه مختلف هُجي ، هاڻ ڪيتري قدر مختلف ڪيو اٿم ان جا جج ته توهان ئي ٿي سگهو ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
بس منهنجي هن صفا حقير محنت کي توهان عيد جو تحفو ڪري قبول ڪيو ته مهرباني ٿيندي۔۔۔۔۔۔۔۔
توهان جو دعاڳو
نثاراحمد ناز
بس منهنجي هن صفا حقير محنت کي توهان عيد جو تحفو ڪري قبول ڪيو ته مهرباني ٿيندي۔۔۔۔۔۔۔۔
توهان جو دعاڳو
نثاراحمد ناز
آزاد نظم
نثاراحمد ناز
مشعلون بنائي
پنهنجي آڱرين کي،
حَدِ ديوانگي ،
ڇُهڻ مان ٿو چاهيان!!
پَيَل گَجُ بدن تي، سنڌي ڀرت وارو،
کنيل ڪڇ تي گهاگهر،
مٿي تي دِلو پڻ،
هلي ڊيلَ وانگر،
هُو لوڏا وڏا ڏئي،
تنهن سنڌي نياڻيءَ جو اسڪيچ ٺاهي،
ڪا تصوير سُهڻي،
مان (Oil) آئل سان پينٽي،
يا واٽر ڪلر ۾
بنائڻ ٿو چاهيان!!!
موهن جي دڙي جِي،
مان تاريخ بڻجي،
تراشڻ ٿو چاهيان،
تنهن نچڻي جِي مُورت،
جيڪا بُک ۾ بدحال،
وئيشا بَڻِي آ،
تنهن معصوم، مظلوم پڳلِيءَ جِي مورت!!!
ڀري ڇند وديا کي،
پنهنجِي ڪلا ۾،
ستن سُورمين جا سُرَ سڀ آلاپي،
تنبوري جي تارُن کي ڇيڙڻ ٿو چاهيان!!
ڪبير جا دوها،
ڀٽائيءَ جون وايون،
رمزون سچل جُون،
سڄا راز کولي،
سامي سڀن کي،
ٻُڌائڻ ٿو چاهيان!!
تکو وقت تُنهنجي ته رفتار کان،
اُڀَ ۾ مان اُڏري،
امن جو پکيئڙو،
چنبي باز مان ڀي ڇڏائڻ ٿو چاهيان!!
وڃان ڇو مان چنڊ تي ۽ ڇا لئه؟
سڄو چنڊ ڌرتيءَ تي لاهڻ ٿو چاهيان!!،
جهريل آ جڳت ۾ جيڪو جيئڙو،
آٿت وڏي تنهنکي ڏيارڻ ٿو چاهيان!!
مان لُڙڪن جي لارُن جون تصويرون ميٽي،
خوشيون سڀ دنيا ۾ ورهائڻ ٿو چاهيان،
وڏا سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان!!
نوان سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان!!
مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي!!
مشعلون بنائي پنهنجي آگرين کي!!
مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي!!
سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پيشڪش منهنجي شاعري (مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي) سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کي ارپيان ٿو
نثاراحمد ناز
مشعلون بنائي
پنهنجي آڱرين کي،
حَدِ ديوانگي ،
ڇُهڻ مان ٿو چاهيان!!
پَيَل گَجُ بدن تي، سنڌي ڀرت وارو،
کنيل ڪڇ تي گهاگهر،
مٿي تي دِلو پڻ،
هلي ڊيلَ وانگر،
هُو لوڏا وڏا ڏئي،
تنهن سنڌي نياڻيءَ جو اسڪيچ ٺاهي،
ڪا تصوير سُهڻي،
مان (Oil) آئل سان پينٽي،
يا واٽر ڪلر ۾
بنائڻ ٿو چاهيان!!!
موهن جي دڙي جِي،
مان تاريخ بڻجي،
تراشڻ ٿو چاهيان،
تنهن نچڻي جِي مُورت،
جيڪا بُک ۾ بدحال،
وئيشا بَڻِي آ،
تنهن معصوم، مظلوم پڳلِيءَ جِي مورت!!!
ڀري ڇند وديا کي،
پنهنجِي ڪلا ۾،
ستن سُورمين جا سُرَ سڀ آلاپي،
تنبوري جي تارُن کي ڇيڙڻ ٿو چاهيان!!
ڪبير جا دوها،
ڀٽائيءَ جون وايون،
رمزون سچل جُون،
سڄا راز کولي،
سامي سڀن کي،
ٻُڌائڻ ٿو چاهيان!!
تکو وقت تُنهنجي ته رفتار کان،
اُڀَ ۾ مان اُڏري،
امن جو پکيئڙو،
چنبي باز مان ڀي ڇڏائڻ ٿو چاهيان!!
وڃان ڇو مان چنڊ تي ۽ ڇا لئه؟
سڄو چنڊ ڌرتيءَ تي لاهڻ ٿو چاهيان!!،
جهريل آ جڳت ۾ جيڪو جيئڙو،
آٿت وڏي تنهنکي ڏيارڻ ٿو چاهيان!!
مان لُڙڪن جي لارُن جون تصويرون ميٽي،
خوشيون سڀ دنيا ۾ ورهائڻ ٿو چاهيان،
وڏا سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان!!
نوان سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان!!
مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي!!
مشعلون بنائي پنهنجي آگرين کي!!
مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي!!
سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي پيشڪش منهنجي شاعري (مشعلون بنائي پنهنجي آڱرين کي) سنڌ سلامت جي سمورن دوستن کي ارپيان ٿو