اڄوڪو ڏينهن 25 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 25 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    25 جنوري 1974ع ليکڪ ۽ نقاد سمر سيٽ ماھم جي سالگرھ جو ڏينھن آھي.
    25 جنوري 1885ع ليکڪ ۽ تعليمي ماهر لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    25 جنوري 1922ع سياستدان پنڊت ڀڳوانداس شاستري (حيدرآباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 جنوري 1939ع شاعر علي حسن معروف (رتوديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 جنوري 1942ع تعليمي ماهر فضل محمد ڀٽي (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 جنوري 1943ع حڪيم نذير احمد شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
    25 جنوري 1945ع ليکڪ، محقق ۽ شاعر انور پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي.
    25 جنوري 1954ع نامياري اديب ۽ صحافي قابل ڏاھري جو جنم ڏينهن آهي.
    25 جنوري 1957ع صحافي ۽ شاعر ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 جنوري 1959ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اڪبر سومرو (ٽنڊو الهيار) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 جنوري 1966ع سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳي الهڏنو خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي.
    25 جنوري 1969ع شاعر زاهد گُل سولنگي (سيٺارجا) جو جنم ڏينهن آهي.
    25 جنوري 1971ع شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ذوالفقار ڪانڌڙو جو جنم ڏينهن آهي.
    25 جنوري 1974ع ڊاڪٽر شبنم راٺوڙ جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    25 جنوري 1910ع سنت سترامداس جي ديھانت ٿي.
    25 جنوري 1929ع ڀڳت واڌو رام جو وڇوڙو ٿيو.
    25 جنوري 1992ع نامياري صحافي ۽ جنگ گروپ جي بانيڪار مير خليل الرحمان جي وفات ٿي.
    25 جنوري 1996ع سياستدان حاجي غلام حسين انڙ (ڏوڪري) لاڏاڻو ڪري ويو.
    25 جنوري 2003ع صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد صدر الدين شاھ جي وفات ٿي.
    25 جنوري 2003ع سماجي ورڪر حاجي يار محمد صدر (هالا) جي وفات ٿي.
    25 جنوري 2007ع شاعر، ليکڪ ۽ صحافي امير بخاري (گهوٽڪي) جي وفات ٿي.
    25 جنوري 2009ع ملڪ جي مشهور آرڪيالوجسٽ احمد حسن داني جو انتقال ٿيو.
    25 جنوري 2012ع هدايتڪار اي ڪيو پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو.

    اڄوڪي ڏينهن 25 جنوري جا ڪجهه اهم واقعا

    25 جنوري 1953ع تي ڪينيڊين پيسفڪ لائن جو جھاز ايمريس آف ڪينيڊا باهه لڳڻ سبب تباهه ٿيو.
    25 جنوري 1972ع تي شارجه جي امير شيخ خالد محمد القاسمي کي قتل ڪيو ويو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 جنوري 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    امير بخاري: -امير بخاري- سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ مضمون نگار آهي. سندس پورو نالو -امير علي شاهه- ولد جعفر علي شاهه آهي. هو پهرين ڊسمبر، 1941ع تي گهوٽڪي تعلقي جي ڳوٺ -ٻيرڙي--بخارا- لڳ ماٿيلي، مومل جي ماڙيءَ ۾ پيدا ٿيو.
    هن سنڌي فائنل سان گڏ مئٽرڪ، اديب فاضل سنڌي، اديب فاضل -اردو- ۽ انٽر ڊرائنگ جي -تعليم- حاصل ڪئي. -امير بخاري- گهڻو وقت پرائمري اسڪول جو -استاد- پڻ رهيو. هن 1965ع کان لکڻ شروع ڪيو. سندس لکڻيون، سنڌيءَ، اردوءَ سرائڪيءَ ۽ پنجابيءَ ۾ ڇپجنديون رهيون آهن، جيڪي نثر توڙي نظم ۾ آهن. مرحوم رشيد احمد لاشاري، مرحوم سردار علي شاهه ۽ مخدوم غلام محمد -امير- بخاريءَ جا -استاد- هئا. هيل تائين مختلف موضوعن تي سندس ست ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، جن ۾ هڪ سندس ڪهاڻين جو مجموعو آهي. آخري عمر ۾ مٿس فالج حملو ڪيو، ڪجهه سال بيماريءَ کي منهن ڏيئي، 25 جنوري 2007ع تي وفات ڪري ويو. هن گهوٽڪيءَ ۾ ڪيترائي صحافي تيار ڪيا، جيڪي اڄ صحافتي دنيا ۾ موجود آهن، جن مان جيوترام، الهورايو -بوزدار- ۽ ٻيا اهم آهن.
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو