عرس پريو
سينيئر رڪن
سڪندر جي سنڌ تي ڪاهه وقت (حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان 332 ورهيه اڳ) جيڪي يوناني ساڻس گڏ سنڌ ۾ آيا هئا، تن سنڌ جي رهاڪن جي تعريف ڪئي آهي. سندن بيان آهي ته سنڌي ماڻهو سنها ۽ قد ۾ ڊگها آهن. ڊائڊورس يوناني لکي ٿو ته سنڌي ڊگها ۽ بدن ۾ جانٺا آهن. اتر سنڌ يعني سري وارا مصرين سان مشابهت رکن ٿا ۽ لاڙ جا رهاڪو حبشين جهڙا آهن، مگر سندن مٿي جا وار حبشين جهڙا گهنڊيدار ڪونه آهن. سنڌي تندرست آهن ۽ وڏي عمر ماڻين ٿا. اونيسيو ڪريٽيوس، سنڌين جي عمر هڪ سؤ ٽيهه ورهيه ڏيکاري ٿو ۽ سندن هنرن ۽ ڪاريگريءَ جي تعريف ڪري ٿو: سندن کاڌو سادو هو ۽ شراب کان پرهيز ڪندڙ هئا. شوَ کي فتحمنديءَ جو ديوتا ڪري پوڄيندا هئا ۽ ان جي بت اڳيان نقارا ۽ گهڙيال وڄائيندا هئا. اها رسم منجهن صدين لاڪر رائج هئي.
نيرڪوس نالي ٻيو يوناني سنڌين جي پوشاڪ بابت لکي ٿو ته ”اُهي اَڇا سوٽي ڪپڙا پائيندا هئا. سندن ڳچين ۾ سفيد انگوڇا ويڙهيل هئا، جن جا پلوَ ڪلهن تي لڙڪائيندا هئا. کين ڪنن ۾ عاج جا موڪرا والا پيل هئا، جي کين ڏاڍو ٺهندا هئا. پنهنجن ڏاڙهين کي قسمين قسين رنگن سان رڱيندا هوا. ڪن جون ڏاڙهيون نِيرَ ۾ ٻُڏل هيون ته ڪن تي ڪارو ڪيس چڙهيل هو. ڪي اڇين ڏاڙهين وارا هئا. ڪن ڏاڙهين کي سائو رنگ لڳل هو. اونهاري جو ٻاهر نڪرڻ وقت ڇٽيون کڻندا هئا. سندن جُتيون سفيد چمڙي جون هيون، جن تي ريشمي ڪم ڪيل هو. جُتين جي کُڙين کي نال هڻائيندا هئا. سندن ڪمانون سندن قد جيتريون ڊگهيون هيون، جن کي کٻي پير سان موڙيندا هئا. سندن ڍالون ننڍيون چمڙي جون جڙيل هيون. ڪي پاڻ سان بڙڇيون کڻندا هئا. ڪن وٽ ڪشادي ڦَر سان ٻه منهيون تراريون هيون. سوارن وٽ به بڙڇيون هيون. انهن جون ڍالون پيادن کان ننڍيون هيون.“
هو ڪن خاص موقعن تي شراب به واپرائيندا هئا. چانورن مان هڪڙي قسم جو شراب تيار ڪندا هئا. گهڻو ڪري اٻاريل چانور کائيندا هئا. سندن کائڻ جا مقرر وقت ڪونه هئا. جڏهن مرضي پوندي هين ته کائڻ ويهندا هئا. سونين ٿالهين ۾ چانور، ڀاڄي يا گوشت سان گڏي کائيندا هئا. مگدرن سان ورزش ڪندا هئا، ته جيئن سندن بدن مضبوط رهي.
سنڌين وٽ علم هو، پر ڪتابن بدران سمورو کين ياد هو. هنن جو عام پيشو کيتي هو. ڪٽنب جا سڀ ڀاتي گڏجي هارپي جو ڪم ڪندا هئا. اهي فقط هڪ سال لاءِ انّ پاڻ وٽ رکندا هئا، وڌيڪ بچيل اَنّ ناس ڪندا هئا. سندن چوڻ هو ته گهڻي انّ رکڻ سان ماڻهو سست ٿي پوي ٿو. منجهن گهڻين زالن سان شادي ڪرڻ جو رواج هو. ڏاندن جي جوڙي ڏيڻ سان ڪنوار ملي ويندي هئي. مرد، زالن سان سختيون ڪندا هئا. اونيسيڪريٽيوس لکي ٿو ته ”ٽئڪسيلا ۾ غريب لوڪ پنهنجين ڌيئرن کي بازار ۾ کليءَ طرح وڪڻندا هئا.“ نيرڪوس جو بيان آهي ته ”ملهه وڙهڻ وقت سنڌي ڇوڪرين تي شرطون هڻندا هئا. جيڪو ملهه کٽندو هو، تنهن کي انعام ۾ ڇوڪري ملندي هئي. اهڙيون ملهون سوئيمبر طور وڙهندا هئا. بيواهن کي مردن جي لاشن سان چکيا تي چڙهڻو پوندو هو. انهيءَ رسم کي ”ستي“ چوندا هئا. مگر اها رسم فقط ”ڪاٺي“ قوم جي کترين ۾ رائج هئي. جيڪي بيواهون سڙڻ کان انڪار ڪنديون هيون، تن کي ٻيا ڀاتي حقارت واريءَ نظر سان ڏسندا هئا.
حضرت عيسيٰ کان 316ع سال اڳ، هڪڙو سنڌي سورمو ايران ۾ جنگ ڪرڻ ويو ۽ اتفاق سان مارجي ويو. کيس ٻه زالون هيون، جن چکيا تي چڙهڻ جي دعوا ڪئي. منجهانئن ننڍيءَ زال کي اجازت ڏني ويئي، ڇاڪاڻ ته وڏيءَ کي ڪڇ تي ٻار هو. ڊائوڊورس جيڪو اکين ڏٺو حال بيان ڪيو آهي، سو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هيٺ ڏيون ٿا:
”چِکيا تي چڙهڻ واري هنڌ تي زالن ۽ مردن جو هجوم لڳل هو، گويا ڪنهن شاديءَ جي موقعي تي اچي گڏ ٿيا هئا. چکيا تي چڙهڻ واري ستيءَ جا مٽ مائٽ سندس ساراهه جا گيت ڳائي رهيا هئا. چکيا تي چڙهڻ کان اڳ، هن پنهنجا زيور جهڙوڪ جواهرن سان مڙهيل منڊيون پنهنجن مائٽن کي وراهي ڏنيون. سندس مٿي تي سونا ٽِڪا هئا، جن ۾ جواهر مڙهيل هئا ۽ ڳلي ۾ هارن جو حلقو پيل هو. اهي سڀ وراهي ڏيڻ کان پوءِ، ستيءَ سڀني کان موڪلايو. بعد ۾ سندس ڀاءُ هن کي چکيا ڏانهن وٺي هليو. باهه دکائڻ کان اڳ حاضرين چکيا جي چوگرد گيت ڳائيندي ٽي دفعا ڦيرا ڏنا. پوءِ هوءَ مڙس جي لاش جي ڀر ۾ وڃي اطمينان سان ليٽي پئي. پوءِ باهه ڏني ويئي. هن وات مان ڀڻڪو به ڪونه ڪڍيو ۽ صبر سان سڙي مئي. يوناني اها روبڪار ڏسي چوڻ لڳا ته ”هي فعل انسانيت جي خلاف آهي.“
چون ٿا ته اڳ زالون مڙس جي مئي کان پوءِ زهر کائي مرنديون هيون، تنهن کان پوءِ ”ستي“ جي رسم ايجاد ٿي. اهو بيان ميگسٿنيز به ڏنو آهي پر ڪيتريقدر سچ آهي، سو چئي نٿو سگهجي. ڪن ڪن هنڌن تي، خاص طرح سنڌ جي سرحدي علائقن، جهڙوڪ ٽئڪسيلا ۽ بلوچستان جي ايران واريءَ سرحد تي، مڙدن کي ميدانن ۾ ڦٽو ڪندا هئا، جن جو ماس ڳجهون پٽينديون هيون. اها رسم ايرانين وٽان سنڌ ۾ آئي هئي. سنڌ ۾ غلاميءَ جو به رواج هو. ايراني پنهنجن شهنشاهن کي سجدو ڪندا هئا، پر سنڌي پنهنجن راجائن اڳيان فقط ٻيئي هٿ اُڀا ڪندا هئا: اها سلام جي نشاني هئي. خوشيءَ جي موقعن تي سنڌي راجائن جي هاٿين کي سون ۽ چانديءَ جي پالڪين سان سينگاريو ويندو هو. رَٿ ۽ بيل گاڏين کي جهنڊين سان سينگاربو هو. لشڪر صفون ٻڌي بيهندو هو. قسمين قسمين جانور ۽ چيتا ۽ شينهن به صفن ۾ بيهاربا هئا. وڏا وڏا پاڙؤن پٽي گاڏين تي کڻي آڻيندا هئا، جن تي طرحين طرحين پکي خوشنما کنڀن وارا لاتيون لوندا هئا. ماڻهو ڪنگ، بدڪون ۽ ڪبوتر هڪٻئي کي تحفي طور پيش ڪندا هئا. راجائون، غريبن ۽ شاهوڪارن جا هر قسم جا تحفا منظور ڪندا هئا. هرڻ ۽ گينڊا به تحفن ۾ شامل هوندا هئا. ڍڳا، دنبا ۽ گينڊا ويڙهائيندا هئا. بعضي هاٿين جو به مقابلو ٿيندو هو. گهوڙن جي رَٿن کي ڍڳي گاڏين سان شرطون ٻڌي ڊوڙائيندا هئا. ڪي راجائون ۽ امير به اهڙين راندين ۾ حصو وٺندا هئا، ۽ وڏيون شرطون لڳنديون هيون، جتي حڪمران طبقي کان سواءِ عوام به قسمت آزمائيندو هو. اهڙيءَ طرح غريب ماڻهن جون جدا شرطون لڳنديون هيون.
جوڳين جا ٻه قسم هئا: هڪڙا مٿو ڪوڙائيندا هئا، ٻين کي جَٽائون هيون. وٽن شاگردن جون ٽوليون هيون. سڄو ڏينهن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڀِٽڪندا هئا. ماڻهن کي منترن ۽ جنترن جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. ڪنهن به دڪان تان ڪا شيءِ کڻندا هئا ته کين جهلڻ وارو ڪوبه نه هو، بلڪ دڪاندار اهڙيءَ ڳالهه کي سٺو سمجهندا هئا. ڪنهن به گهر يا دڪان تي پهچندا هئا ته شهري لوڪ سندن مٿن تي تيل هاريندا هئا. اهڙا سنياسي ڪنهن جي به هٿ جي پڪل روٽي ڪونه کائيندا هئا. سڪندر هڪڙي ڀيري کين کاڌي جي دعوت تي گهرايو، مگر هو ميدان ۾ ويهي رهيا. سندن ساڄي ۽ کاٻي سندن مريد پلٿي هڻي ويٺا. منجهانئن هڪڙو ڄڻو ڇهه فوٽ ڊگهي لٺ هٿن ۾ نشان وانگي جهلي بيٺو رهيو. اهڙيءَ طرح سڄو ڏينهن گذري ويو، مگر ان هنڌ تان چُريا پريا به ڪونه. سنياسن کانسواءِ هڪڙو گروهه ”پرناما“ نجومين جو هو، جيڪي ستاري شناسيءَ جا ماهر هئا. اهي اهڙن برهمڻن جي خلاف هئا، جيڪي ويدن تي اعتقاد رکندڙ هئا. برهمڻ ٽن قسمن جا هئا: (1) جيڪي جبلن ۽ ٽڪرن تي رهندا هئا، ۽ (2) جيڪي بلڪل اگهاڙا هئا، ۽ (3) جيڪي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندا هئا. جابلو برهمڻ، هرڻ جو کل جي لنگوٽي ٻڌندا هئا. وٽن هڪڙي ننڍڙي گودڙي ڪلهي ۾ لڙڪيل هئي، جنهن ۾ ٻُوٽيون کڻي گهمندا هئا ۽ جهاڙ ڦيڻ سان بيمارن کي سَگهو ڪندا هئا، نانگا ستٽيهن ورهين جي عمر تائين يوگ پچائيندا هئا ۽ کليءَ هوا ۾ رهندا هئا ۽ پاڻ ڍوڍا پچائي ماکيءَ سان کائيندا هئا. زالن کي ڪن شرطن تي ساڻ کڻندا هئا. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ برهمڻ سوٽي ڪپڙي جي پوشاڪ پائيندا هئا ۽ ڪلهي تي هرڻ جي کل رکي نڪرندا هئا. سندن مٿن تي ڊگهيون جَٽائون، پَٽڪن وانگر ٻڌل هيون. اهي ڊگهيون ڏاڙهيون رکائيندا هئا. ڪي قديم قومون جهنگن ۾ رهنديون هيون. اهي پنهنجي تمدن تي محڪم هيون.
”تاريخ تمدن سنڌ“ تان ورتل