اردو جو هڪ محاورو آهي ته جيڪي ڪڪر گجگوڙ ڪندا آهن اهي وسندا نه آهن ۔صرف معاشري جي براين ۽ خرابين تي تنقيد ڪرڻ وارا اصلاحي ڪمن ۾ سڀ کان پوئتي هوندا آهن ڇو ته انهن کي تنقيد ڪرڻ کان فرصت ئي گهٽ ملندي اهي۔ اهو رويو اسان جي معاشري ۾ انفرادي توڙي اجتمائي انداز ۾ نظر اچي ٿو۔ ميڊيا ، سوشل نيٽ ورڪس توڙي عام ماڻهو وڏي علمي فڪري انداز ۾ معاشري جي خرابين تي ڳالهائڻ پنهنجو اولين فرض سمجهن ٿا، پر عملي طور انهن براين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش يا اصلاح ڪرڻ وارا اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن ۔ اگر اوندهه ۾ ويهي صرف رڙيون ڪجن ته ڪوئي روشني ڪرڻ وارو نه آهي ته اها اوندهه ڪڏهن به دور نه ٿيندي پر اگر اٿي هڪ ڏيئو ٻاري اونده دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو آهي ۔۔۔ اسان کي اجتماعي نه انفرادي رويو بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ بهترين مبلغ اهو هوندو آهي جيڪو لفظن سان نه پر عمل سان تبليغ ڪري۔ ساره
سنڌي چوڻي آهي ته ؛ ”جي گجن سي به نه وسن“ ۽ اهڙي طرح ڪيتريون ئي چوڻيون آهن جيڪي عمل ڪرڻ تي اڪسائن ٿيون ۔۔۔ هڪ سوال آهي ته؛ علم سان گڏ عمل يا عمل بغير علم جي ۔۔۔ شاه فرمايو؛ تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي ۔۔۔ هر هڪ ماڻهونءَ جي جهاد ڪرڻ جي سگهه پنهنجي هوندي آهي ۔۔۔ ڪي صرف قلم کڻي ڄاڻن ۽ ڪي وري ڪات ڪهاڙا ته ڪي وري قلم سان گڏ ڪات به کڻن ٿا ۔۔۔ انڪري جيڪڏهن ڪو چڱائيءَ جي حمايت ڪري ٿو ته به ان لاءِ ائين نه چئبو ته خراب ٿو ڪري ۔۔۔ بيشڪ اسان ۾ اجتماعي ڀلائيءَ طرف وڌڻ گهرجي ۽ قومي شعور جي واڌ ويجهه ۽ انجي خوشحاليءَ لاءِ علمي ۽ عملي ميدانن ۾ پاڻ ملهائي سرخرو ٿيڻو آهي ۔۔۔ لک قرب ۔۔۔ اوهان ڪجه عرصي کانپوءِ آيا پر تمام سٺي ڳالهه کڻي آيا ۔۔۔
علم عمل کان بغير بي ڪار آهي ۽ عمل اخلاق کان بغير ۔۔ صحيض رخ ۾ هلڻ لاء صحيح ڄاڻ ضروري آهي۔ ڪنهن به ذريعي سان چڱائيء جي حمايت ڪرڻ سٺو پر چڱائي جو اتساه ڏيارڻ سٺو پر عملي طور ساٿ ڏيڻ بهترين آهي۔ اوهان بالڪل صحيح چيو ته قومي شعور جي واڌ ويجهه ۽ انجي خوشحاليءَ لاءِ علمي ۽ عملي ميدانن ۾ پاڻ ملهائي سرخرو ٿيڻو آهي ۔۔۔
محبوبن ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن جڏهن به ڪنهن ڳالھ جو حڪم فرمايو ته پهريان پان انتي عمل ڪري ڏيکاريو ، اسانکي به انفرادي طور تي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ، الله پاڪ توفيق عطا فرمائي آمين
بلڪل درست۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ مون پڻ هڪ موضوع موڪليو هيو۔۔ جنهن ۾ پڻ توهان طرفان مفصل پيش ڪيل مقصد کي منفرد انداز سان پيش ڪيو هو۔۔۔ اميدن جو ڏيئو سدا قائم رهي ۔۔ بس ضرورت آهي ته ان کي هر وقت تيل موجود ملي۔۔ ۽ منهنجي نظر ۾ تنقيد برائي اصلاح پڻ هڪ سٺو عمل آهي۔۔ بلڪل به ائين جيئن جهموريت ۾ اپوزيشن جو ڪردار۔۔۔ پر هاڻي ته تنقيد ڪندڙن جو توڙي اصلاح ڪرڻ مقصد هجي پر خرابي آڻيندڙ اردو محاوري ”مين نا مانو۔۔“ واري ڪار ڪندي پنهنجي غلطين کي سڌارڻ بجائي ۔۔ درست ثابت ڪرڻ جي ڪوششن ۾ هوندا آهن۔۔۔ اصل مسئلو اهو آهي ته هتي پورو نظام ئي مختلف وصفون پيش ڪري رهيو آهي۔۔۔ حالت ته ان جاء تي پهتي آهي جو پنهنجي ٻارن کي جهموريت ۽ ملڪ ۾ رائج نظام کي سمجهائڻ ڏکيو ٿو لڳي جو ڪتابي ڳالهين ۽ عملي ڳالهين ۾ ڪافي فرق ٿي چڪو آهي۔۔۔