اردو جو هڪ محاورو آهي ته جيڪي ڪڪر گجگوڙ ڪندا آهن اهي وسندا نه آهن ۔صرف معاشري جي براين ۽ خرابين تي تنقيد ڪرڻ وارا اصلاحي ڪمن ۾ سڀ کان پوئتي هوندا آهن ڇو ته انهن کي تنقيد ڪرڻ کان فرصت ئي گهٽ ملندي اهي۔ اهو رويو اسان جي معاشري ۾ انفرادي توڙي اجتمائي انداز ۾ نظر اچي ٿو۔ ميڊيا ، سوشل نيٽ ورڪس توڙي عام ماڻهو وڏي علمي فڪري انداز ۾ معاشري جي خرابين تي ڳالهائڻ پنهنجو اولين فرض سمجهن ٿا، پر عملي طور انهن براين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش يا اصلاح ڪرڻ وارا اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن ۔ اگر اوندهه ۾ ويهي صرف رڙيون ڪجن ته ڪوئي روشني ڪرڻ وارو نه آهي ته اها اوندهه ڪڏهن به دور نه ٿيندي پر اگر اٿي هڪ ڏيئو ٻاري اونده دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو آهي ۔۔۔ اسان کي اجتماعي نه انفرادي رويو بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ بهترين مبلغ اهو هوندو آهي جيڪو لفظن سان نه پر عمل سان تبليغ ڪري۔
ساره
ساره