لاڙڪاڻي جي ميڊيا ڇو خاموش آهي؟
مسيح مگسي
هن معاملي تي لاڙڪاڻي جي ميڊيائي مدارين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي۔مون کان ڪير به ڳجهو ناهي۔نالا کڻان يا اشارن ۽ ڪناين ۾ سڻايان ٻڌايو ڀلا!
اهي لاڙڪاڻي جا ئي ته ”ميڊيائي مداري“ آهن جن ۾ ۽ ”جرڳائي ڀوتارن“ ۾ هاڻي ڪو تفاوت ناهي رهيو۔
لاڙڪاڻي ۾ صحافت ”ڪارنهن جي ڪاروبار“ وانگر آهي۔ميونسپل ۾ صفائي ملازمت جيتوڻيڪ پاڪستان جي آئين موجب ان جا مجاز شيڊيول ڪاسٽ ۾ شامل اهي ماڻهو آهن جن کان مسلمان نفرت ۽ حقارت ڪن ٿا، جن کي چهڙو،ٻالو يا ڀنگي جي نالي سان ڀيٽ ڏيون ٿا، انهن جي ملازمت تي هن وقت لاڙڪاڻي جا هڪ نه پر اهڙا ويهارو صحافي صاحبان فائز آهن.”ڀنگين جي نوڪرين مان نوازيل“ لاڙڪاڻي جي انهن صحافين ڪڏهن به گٽر صاف ته ناهي ڪيو پر گٽر جهڙي سماج جون غلاظتون هنن ضرور ماحول ۾ نمودار ڪري لوڪ کي بيمار ڪيو آهي۔
شل نه ڪنهن جي نياڻي گهران نڪري هي صاحب ان کي ”ٻيو رنگ“ ڏيڻ ۾ ويرم ئي ناهن ڪندا۔
لاڙڪاڻي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کان وٺي سيريس ڪرائيم تائين واقعن ۾ جيڪي وڻواند ملوث آهن، انهن جي پڪي ياري ڪنهن سان آهي!؟
اها ته سڀني کي خبر آهي ته لاڙڪاڻي پريس ڪلب تي گهڻا سال ڪهڙي ”حاجي صاحب“جو قبضو هو، اهو ”حاجي صاحب“ ڪهڙن ڌاڙيلن جي ”نانڙي“ آهي.
پري ڇو وڃون لاڙڪاڻي ۾ اهو صحافي به آهي جنهن ”مزاحمتي جنگ جي سرواڻ“ جي حرم پاڪ ۾ واڌاري طور ”راشدي خاندان“ جي هڪ سياسي ڪارڪن ڇوڪريءَکي زوري ”زينت“ بڻائڻ جو ”شرف“ حاصل ڪيو۔ اها سياسي ڪارڪن ڇوڪري هاڻي مسمات بڻجي زماني جي ذليل لمحن کي ياد ڪندي ضرور روئيندي هوندي۔
لاڙڪاڻي جي ان صحافي کي ڪيئن وسارجي جيڪو اڄ ڪلهه پريس ڪلب جو ”خاص مجاور“ آهي، جنهن کي ”جسم کپائيندڙ مرڪز“ تان هر مهيني پنجاهه هزار رپيا ڀتو ملندو آهي۔
ڀلا ان ميڊيائي مداري کي ڇو نه ياد ڪيون جيڪو جناح باغ ۾ احتجاج ڪندڙن کان پئسا وٺي نيوز فائيل ڪري پنهنجي اداري کي فيڪس ڪري ٿو۔
جناح باغ ۾ جڙتو طريقي سان علامتي بک هڙتال تي ويٺل رتي ديري جي رٽائرڊ پوسٽ ماسٽر جي غير ضروري مطالبي کي احتجاج جو نالو ڏئي اخبارن ۾ خبرون موڪليندڙ ان ناٽڪي قسم جي صحافي کي جڏهن خبر پئي ته جڙتو احتجاج ڪندڙ رٽائرڊ پوسٽ ماسٽر رتي ديري شهر ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪري ٿو ۽ هن جا سيلز مين رکيل آهن جيڪي ڀنگ،چرس،آفيم، هيروئن کان ويندي ٺري جون ٿيلهيون کڻي رتي ديري جي رستن تي هڪيا تڪيا بيٺل نظر ايندا آهن۔ته هن ان رٽائرڊ ملازم کان هر مهيني گهڻن پئسن جي ٻولاچاري ڪئي!
لاڙڪاڻي جي پريس ڪلب هجي يا مهراڻ هوٽل جون ڪوٺيون، رائل سٽي هجي يا ٻيا هنڌ، اسان کي خبر آهي ته صحافي ڇا ٿا ڪن، جڏهن اهي اهڙي گند ۾ گتل هجن ته هنن مان اها توقع ڪيئن ٿي ڪجي ته هي لاڙڪاڻي جي واهر ڪندا۔