اوهان کي خبر آهي نا ته سنڌ ۾ “سائين” ٻن قسمن جا هوندا آهن، ٻئي “سائين” ڪافي معتبر هوندا آهن. انهن مان هڪ قسم جي “سائين” جي ڀرتي لاءِ “ڪميشن جوامتحان” قدرت پاڻ وٺندي آهي پر باقي جيڪو بدنام زمانه ٻيو قسم آهي ان جو امتحان تازو نيشنل ٽيسٽنگ سروس (NTS) ورتو آهي جنهن ۾ “ٻي قسم جي سائييَن” جا ٽي قسم ڀرتي ٿيڻ جي صفا ويجهي مرحلي ۾ آهن. اها خبر ناهي ته “سائين” کي “سائين” چوڻ جي شروعات ڪٿان ۽ ڪئين ٿي هوندي پر گهڻو ڪري امڪان اهو ئي آهي ته ڪنهن معصوم اهو لفظ ايجاد ڪيو هوندو جيڪو اڄ تائين ( ٻهراڙين ۾ شدت سان) رائج آهي ۽ ان لفظ جو سختي سان استعمال ڪرايو پيو وڃي توڙي جو بعد ۾ ان لفظ ڪجهه جدت اختيار ڪندي “استاد” “سر” “ٽيچر” ۽ “پروفيسر“ جهڙا لفظ به کنيا پر انهن مان ڪو به لفظ “سائين” جهڙو مقبول نه ٿي سگهيو. سو سنڌ ۾ “سائييَن” جي ڀرتي بس ذري گهٽ ٿيڻ واري آهي “سائين” ٿيڻ جو “شوقينن” جون ڪٿي ته مٺايون پيون ورهائجن پر ڪن “شوقينن” کي رزلٽ اچڻ کان پوءِ الائي ڇو انهن جا رول نمبر ئي وسري ويا آهن. شوقين ان لاءِ ته سنڌ ۾ نوڪريون گهٽ ته بهرحال آهن پر هر ڪو “سائين” ٿيڻ ٿو چاهي، ڇوته اڪثر اخبارن ۾ ايندو آهي ته “ڪيترائي سائين گهر ويٺي پگهار کڻي رهيا آهن”. ان جهڙي اخباري سُرخين “سائييَن” جي ڌنڌي کي صفا بادشاهي ڪرت بڻائي ڇڏيو آهي سڀني کي خبر آهي ته ڪم نه ڪاڄ، پهرين تاريخ تي وڃي پگهار کڻي اچڻو آهي، ڊيوٽي يا ته ٻهراڙي جي ڪنهن اسڪول ۾ لڳرائينداسين يا وري “وڏي” سان لهه وچڙ ڪبي ۽ ٻه ٽي روپيا ڏيئي ڊيوٽي کان پاسو ڪبو. انهي خيال جي ڪري وڏو اننگ “سائين” وارو “ڪم” ئي ڪرڻ جو حامي ٿي ويو آهي، پر صرف شوق سان ته ڪم نه ٿو هلي نه، اطلاع آهن ته جي ايس ٽي جي هڪ لک پنجويهه هزار “شوقينن” مان صرف ويهه هزار ئي پاس ٿي سگهيا آهن جن تان اهو “الزام” لاهجي ٿو ته اهي “شوقين” نه هئا پر انهن جو ڪو مقصد هو، هتي اسان به انهن مان به انهن خوشنصيبن سان مخاطب آهيون جيڪي “آفيشل سائين” ٿيندا ۽ انهن سان به صرف گذارش ايتري آهي ته “سائين هاڻي پارت اٿئو!”. اوهان جي ٽيسٽ پاس ڪرڻ کان اڳ ۽ نوڪري ملڻ کان اڳ اوهان جي جيڪي خيالات هئا مهرباني ڪري اهي برقرار رکجو، ضروري ناهي ته اوهان سينئرز کي ئي پنهنجو آئيڊل ٺاهيو،(سينئرز سان معذرت، ڳالهه فقط روايتي استادن جي ٿي رهي آهي) اڄ جي سنڌي ٻار کي نون آئيڊياز ۽ رهنمائن جي گهرج آهي، جيڪر اوهان به ڪلاس روم ۾ ويهي مانيٽر کي ٻار چپ ڪرڻ ۽ گوڙ ڪندڙ جو نالو بورڊ تي لکڻ جي ذميواري ڏيئي پاڻ اخبار پڙهڻ يا ننڊ ڪرڻ يا وري موبائيل تي “پيڪيج” ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندا ته پوءِ به ولو ڪڙمي، ڏتي موچي، آچار بورچي ۽ موسي موالي جو پٽ ته پڙهي پاس ٿي ويندو پر “سائين” اوهان پنهنجو پيغمبري ڪم ڇڏي معاشري ۾ اها عزت پرائي نه سگهندا جيڪا اوهان پنهنجو مقرر ڪم ڪرڻ سان حاصل ڪريو ها، اوهان تي سنڌ جي مسڪين، غريب، هارين ۽ يتيمن جي تربيت جو بار ڪريو آهي اهو قطعي ضروري ناهي ته اوهان هروڀرو روايتي “سائين” بڻو، ٻار کي سالياني امتحان ۾ ڪڪڙ وٺڻ کان سوا به پاس ڪري سگهجي ٿو، جيڪو زميندار اوهان کي ان جي ڳوڻ موڪلي ٿو يا جنهن جو پٽ اوهان لاءِ سندن باغ جا ميوا آڻي ٿو ان کان ڪو غريب جو ٻار هوشيار به ٿي سگهي ٿو، نون “سائييَن” مان کوڙ سارا پرائيوٽ اسڪولن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي پٽ شاني، وڪيل صاحب جي پٽ ٽوني، انجنيئر صاحب جي پٽ گڊو ۽ وڏيري جي پٽ ڪامي کي به پڙهائيندا رهيا هوندا جن تي سندن خصوصي توجه رهندي هوندي پر ساڳئي توجه ڏيڻ کان اڳ مهرباني ڪري اهو قطعي خيال نه ڪجو ته ولو ڪڙمي جو پٽ سلو، ڏتي موچي جو پٽ لکانو، آچار بورچي جو ننڍڙو گلو ۽ موسي موالي جو پٽ آمون پڙهي ئي نه سگهندا. اهي به هوشيار آهن، انهن ۾ به ذهين ٻار آهن پر ضرورت صرف اها آهي ته مهرباني ڪري اوهان پنهنجو معيار نه بدلائجو. اڳ ۾ جيڪي “سائين” ٿي گذريا آهن انهن کي اها ئي شڪايت رهي آهي ته اسان کي سينئرز ڪم ڪرڻ ڪونه ڏنو، اسان کي ناڪام ڪيو ويو آهي اسان قطعي روايتي “سائين” نه ٿيون ها پر اسان کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، ۽ آخرڪار اهڙن جو بحث وڃي “سسٽم جي خرابي” تي دنگ ڪندو آهي، حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سسٽم وڃي هڪ پرائمري ماستري جي الف انب بي بلا تي به اثر ٿو ڪيرائي ۽ هو پڙهائي نٿو سگهي پر جيستائين منهنجو خيال آهي ته جيڪر “سسٽم” اوهان تي ڪو اثر به وجهي ٿو ان “سسٽم” تحت اوهان ڪرپشن ڪريو، ايس ايم سي جا پيسا ڳڙڪايو، ٻارن کان ٻيلي ڀلي مختلف بهانن سان فيون ۽ ڦوڙيون وٺو پر اهڙو ڪهڙو سسٽم آهي جيڪو “سائين” کي الف انب بي بلا پڙهائڻ کان روڪي ٿو؟؟ منهنجي خيال ۾ ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ ته سال ۾ امتحان مهل ئي “صاحب” ايندا آهن باقي سڄو سال اوهان اڪيلا ويهي ٻار پڙهايو ٿا انهن ٻارن کي پڙهائڻ کان اوهان کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي. نون سائييَن کي اهڙا ڪيس اسٽڊي ڪرڻ گهرجن جن تحت اڳوڻا سائين پنهنجي ناڪامي جو پِٽڪو پٽين ٿا، هاڻي اوهان کي انهن مسئلن کان پاسو ڪرڻو آهي 19 هزار پڙهيا لکيا استاد سنڌ لاءِ ڪي گهٽ ناهن اهي جام آهن هر اسڪول ۾ نوان ذهن، نوان شوق ۽ نوان ائيڊيا داخل ٿيڻ گهرجن، روايتي تعليم ۽ روايتي ماستري ترڪ ڪرڻ سان اوهان جو نه تو پگهار گهٽ ٿيندو نه ئي ڪو اوهان کان نوڪري کسي وٺندو، قانونن ته اوهان کي جتي مقرر ڪيو ويندو اتان اوهان ٽي سال پنهنجي بدلي يا ڪو اوهان کي بدلي ڪري ئي نه سگهندو، ته پوءِ اوهان کي اهو ڊپ به نه هجي ته ڪو “سٺي نموني پڙهائن سان” اوهان کي بدلي ڪندا. جيڪر سڀ حالتون اوهان جي حق ۾ آهن ته پوءِ پريشاني ڪهڙي آهي. وڃو ۽ نئين سوچ جا ٻج ڇٽيو سڄي سنڌ اوهان سان گڏ آهي پر جي اوهان به روايتي ماستري ڏيکاري ته پوءِ اوهان برسر روزگار ته هوندا پر اوهان کي سنڌ ڪڏهن به معاف نه ڪندي. نوٽ هي آرٽيڪل روزانه سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپيو 1948 اٽيچمينٽ ڏسو
تمام سٺو لکيو اٿو پر سائين جن کي عرض ته هاڻي انهن 19 هزاراستادن مان ڀلا ڪي 5 هزار ته پڪ سان ميرٽ تي آيا هوندا ۽ جيڪڏهن 5 هزار گڏجي ڪا نواڻ شروع ڪن ته به سائين جن جو اسان تي ٿورو رهندو۔ هونئن سائين اوهان ڏانهن مٺائي رهي جيڪا ملڪاڻي پهچي به کائي نه سگهياسين۔
بهترين ليک انهن هڙني سائيين لا جيڪي نئين دور جا نوان سائين ٿي ڪري نون نون ذهني خاڪن (آئيدياز) وسيلي اسان جي سٻاجهڙن سنڌين جي غريب ٻارڙن جي مستقبل کي تعليم جي روشني سان روشن بڻائيندا۔ انهن مڙني جو مستقبل هاڻ انهن نون ايندڙ سائيين جي مستقبل سان سلهاڙيل آهي، ڏسو ٿا ته سنڌ جو مستقبل ڪٿي ٿو پهچي۔
سائين منهنجا ۔۔۔! هتي ٿورو لکڻ ئي سائين کي ڪاوڙائي ڇڏي هت ته تنهنجي طرفان اهڙو لکيو ويو آهي۔۔ جو اصل پڙهائيندڙن کي به لڄائي ڇڏي۔۔۔ بس دوست ۔۔۔ ياد رکجان جو تون به ان راه جو راهي آهين۔۔۔ گهڻو لکي ٿورو به سمجهيئي ۽ سمجهائين ته اصل ”سائين“ سڏبين۔۔۔
سائين اگر پاڻ سائين ٿي پوي ته پوري قوم سائين سائين ٿي وڃي ۔۔۔ سائين جي اکين کولڻ لا ڀلو ليک ۔۔۔ پر کوڙ هجي کرن جو ته سائين وري ڪٿي ٿي سگهبو، ۽ جو ڪو مسڪين پڪي ۽ پختي سائين ٿيڻ جا خواب ڏسي به ڀرتي ٿيندو ته نظام جي اثرن ۾ هو به ان ڦوڪڻي جيئان ٿي ويندو، جنهن کي اوچتو سئي لڳندي آهي۔ ڇاڪاڻ نظام جو مثال ڪارخاني ۾ بجلي جيئان آهي، فرض ڪريو ته سڀ ڪجهه صحي ڪم ڪندو هجي پر جيڪڏهن بجلي نه هوندي ته ڪجهه ڪون ٿيندو، سڀ عمل بيهجي ويندا ۔۔۔ انڪري سائين سان گڏ سائين جن جو نظام درست ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي۔ الله ڪري ته سنڌ جو نظام ۽ خود پاڻ سنڌي سڌري پوي ته هوند ٻيڙا پار ٿي پون۔