“سائين” هاڻي پارت اٿئو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2013۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    اوهان کي خبر آهي نا ته سنڌ ۾ “سائين” ٻن قسمن جا هوندا آهن، ٻئي “سائين” ڪافي معتبر هوندا آهن. انهن مان هڪ قسم جي “سائين” جي ڀرتي لاءِ “ڪميشن جوامتحان” قدرت پاڻ وٺندي آهي پر باقي جيڪو بدنام زمانه ٻيو قسم آهي ان جو امتحان تازو نيشنل ٽيسٽنگ سروس (NTS) ورتو آهي جنهن ۾ “ٻي قسم جي سائييَن” جا ٽي قسم ڀرتي ٿيڻ جي صفا ويجهي مرحلي ۾ آهن. اها خبر ناهي ته “سائين” کي “سائين” چوڻ جي شروعات ڪٿان ۽ ڪئين ٿي هوندي پر گهڻو ڪري امڪان اهو ئي آهي ته ڪنهن معصوم اهو لفظ ايجاد ڪيو هوندو جيڪو اڄ تائين ( ٻهراڙين ۾ شدت سان) رائج آهي ۽ ان لفظ جو سختي سان استعمال ڪرايو پيو وڃي توڙي جو بعد ۾ ان لفظ ڪجهه جدت اختيار ڪندي “استاد” “سر” “ٽيچر” ۽ “پروفيسر“ جهڙا لفظ به کنيا پر انهن مان ڪو به لفظ “سائين” جهڙو مقبول نه ٿي سگهيو.


    سو سنڌ ۾ “سائييَن” جي ڀرتي بس ذري گهٽ ٿيڻ واري آهي “سائين” ٿيڻ جو “شوقينن” جون ڪٿي ته مٺايون پيون ورهائجن پر ڪن “شوقينن” کي رزلٽ اچڻ کان پوءِ الائي ڇو انهن جا رول نمبر ئي وسري ويا آهن. شوقين ان لاءِ ته سنڌ ۾ نوڪريون گهٽ ته بهرحال آهن پر هر ڪو “سائين” ٿيڻ ٿو چاهي، ڇوته اڪثر اخبارن ۾ ايندو آهي ته “ڪيترائي سائين گهر ويٺي پگهار کڻي رهيا آهن”. ان جهڙي اخباري سُرخين “سائييَن” جي ڌنڌي کي صفا بادشاهي ڪرت بڻائي ڇڏيو آهي سڀني کي خبر آهي ته ڪم نه ڪاڄ، پهرين تاريخ تي وڃي پگهار کڻي اچڻو آهي، ڊيوٽي يا ته ٻهراڙي جي ڪنهن اسڪول ۾ لڳرائينداسين يا وري “وڏي” سان لهه وچڙ ڪبي ۽ ٻه ٽي روپيا ڏيئي ڊيوٽي کان پاسو ڪبو. انهي خيال جي ڪري وڏو اننگ “سائين” وارو “ڪم” ئي ڪرڻ جو حامي ٿي ويو آهي، پر صرف شوق سان ته ڪم نه ٿو هلي نه، اطلاع آهن ته جي ايس ٽي جي هڪ لک پنجويهه هزار “شوقينن” مان صرف ويهه هزار ئي پاس ٿي سگهيا آهن جن تان اهو “الزام” لاهجي ٿو ته اهي “شوقين” نه هئا پر انهن جو ڪو مقصد هو، هتي اسان به انهن مان به انهن خوشنصيبن سان مخاطب آهيون جيڪي “آفيشل سائين” ٿيندا ۽ انهن سان به صرف گذارش ايتري آهي ته “سائين هاڻي پارت اٿئو!”.

    اوهان جي ٽيسٽ پاس ڪرڻ کان اڳ ۽ نوڪري ملڻ کان اڳ اوهان جي جيڪي خيالات هئا مهرباني ڪري اهي برقرار رکجو، ضروري ناهي ته اوهان سينئرز کي ئي پنهنجو آئيڊل ٺاهيو،(سينئرز سان معذرت، ڳالهه فقط روايتي استادن جي ٿي رهي آهي) اڄ جي سنڌي ٻار کي نون آئيڊياز ۽ رهنمائن جي گهرج آهي، جيڪر اوهان به ڪلاس روم ۾ ويهي مانيٽر کي ٻار چپ ڪرڻ ۽ گوڙ ڪندڙ جو نالو بورڊ تي لکڻ جي ذميواري ڏيئي پاڻ اخبار پڙهڻ يا ننڊ ڪرڻ يا وري موبائيل تي “پيڪيج” ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندا ته پوءِ به ولو ڪڙمي، ڏتي موچي، آچار بورچي ۽ موسي موالي جو پٽ ته پڙهي پاس ٿي ويندو پر “سائين” اوهان پنهنجو پيغمبري ڪم ڇڏي معاشري ۾ اها عزت پرائي نه سگهندا جيڪا اوهان پنهنجو مقرر ڪم ڪرڻ سان حاصل ڪريو ها، اوهان تي سنڌ جي مسڪين، غريب، هارين ۽ يتيمن جي تربيت جو بار ڪريو آهي اهو قطعي ضروري ناهي ته اوهان هروڀرو روايتي “سائين” بڻو، ٻار کي سالياني امتحان ۾ ڪڪڙ وٺڻ کان سوا به پاس ڪري سگهجي ٿو، جيڪو زميندار اوهان کي ان جي ڳوڻ موڪلي ٿو يا جنهن جو پٽ اوهان لاءِ سندن باغ جا ميوا آڻي ٿو ان کان ڪو غريب جو ٻار هوشيار به ٿي سگهي ٿو، نون “سائييَن” مان کوڙ سارا پرائيوٽ اسڪولن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي پٽ شاني، وڪيل صاحب جي پٽ ٽوني، انجنيئر صاحب جي پٽ گڊو ۽ وڏيري جي پٽ ڪامي کي به پڙهائيندا رهيا هوندا جن تي سندن خصوصي توجه رهندي هوندي پر ساڳئي توجه ڏيڻ کان اڳ مهرباني ڪري اهو قطعي خيال نه ڪجو ته ولو ڪڙمي جو پٽ سلو، ڏتي موچي جو پٽ لکانو، آچار بورچي جو ننڍڙو گلو ۽ موسي موالي جو پٽ آمون پڙهي ئي نه سگهندا. اهي به هوشيار آهن، انهن ۾ به ذهين ٻار آهن پر ضرورت صرف اها آهي ته مهرباني ڪري اوهان پنهنجو معيار نه بدلائجو.

    اڳ ۾ جيڪي “سائين” ٿي گذريا آهن انهن کي اها ئي شڪايت رهي آهي ته اسان کي سينئرز ڪم ڪرڻ ڪونه ڏنو، اسان کي ناڪام ڪيو ويو آهي اسان قطعي روايتي “سائين” نه ٿيون ها پر اسان کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، ۽ آخرڪار اهڙن جو بحث وڃي “سسٽم جي خرابي” تي دنگ ڪندو آهي، حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سسٽم وڃي هڪ پرائمري ماستري جي الف انب بي بلا تي به اثر ٿو ڪيرائي ۽ هو پڙهائي نٿو سگهي پر جيستائين منهنجو خيال آهي ته جيڪر “سسٽم” اوهان تي ڪو اثر به وجهي ٿو ان “سسٽم” تحت اوهان ڪرپشن ڪريو، ايس ايم سي جا پيسا ڳڙڪايو، ٻارن کان ٻيلي ڀلي مختلف بهانن سان فيون ۽ ڦوڙيون وٺو پر اهڙو ڪهڙو سسٽم آهي جيڪو “سائين” کي الف انب بي بلا پڙهائڻ کان روڪي ٿو؟؟ منهنجي خيال ۾ ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ ته سال ۾ امتحان مهل ئي “صاحب” ايندا آهن باقي سڄو سال اوهان اڪيلا ويهي ٻار پڙهايو ٿا انهن ٻارن کي پڙهائڻ کان اوهان کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي. نون سائييَن کي اهڙا ڪيس اسٽڊي ڪرڻ گهرجن جن تحت اڳوڻا سائين پنهنجي ناڪامي جو پِٽڪو پٽين ٿا، هاڻي اوهان کي انهن مسئلن کان پاسو ڪرڻو آهي 19 هزار پڙهيا لکيا استاد سنڌ لاءِ ڪي گهٽ ناهن اهي جام آهن هر اسڪول ۾ نوان ذهن، نوان شوق ۽ نوان ائيڊيا داخل ٿيڻ گهرجن، روايتي تعليم ۽ روايتي ماستري ترڪ ڪرڻ سان اوهان جو نه تو پگهار گهٽ ٿيندو نه ئي ڪو اوهان کان نوڪري کسي وٺندو، قانونن ته اوهان کي جتي مقرر ڪيو ويندو اتان اوهان ٽي سال پنهنجي بدلي يا ڪو اوهان کي بدلي ڪري ئي نه سگهندو، ته پوءِ اوهان کي اهو ڊپ به نه هجي ته ڪو “سٺي نموني پڙهائن سان” اوهان کي بدلي ڪندا. جيڪر سڀ حالتون اوهان جي حق ۾ آهن ته پوءِ پريشاني ڪهڙي آهي. وڃو ۽ نئين سوچ جا ٻج ڇٽيو سڄي سنڌ اوهان سان گڏ آهي پر جي اوهان به روايتي ماستري ڏيکاري ته پوءِ اوهان برسر روزگار ته هوندا پر اوهان کي سنڌ ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

    نوٽ هي آرٽيڪل روزانه سنڌ ايڪسپريس ۾ ڇپيو
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو لکيو اٿو پر سائين جن کي عرض ته هاڻي انهن 19 هزاراستادن مان ڀلا ڪي 5 هزار ته پڪ سان ميرٽ تي آيا هوندا ۽ جيڪڏهن 5 هزار گڏجي ڪا نواڻ شروع ڪن ته به سائين جن جو اسان تي ٿورو رهندو۔

    هونئن سائين اوهان ڏانهن مٺائي رهي جيڪا ملڪاڻي پهچي به کائي نه سگهياسين۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    بهترين ليک انهن هڙني سائيين لا جيڪي نئين دور جا نوان سائين ٿي ڪري نون نون ذهني خاڪن (آئيدياز) وسيلي اسان جي سٻاجهڙن سنڌين جي غريب ٻارڙن جي مستقبل کي تعليم جي روشني سان روشن بڻائيندا۔ انهن مڙني جو مستقبل هاڻ انهن نون ايندڙ سائيين جي مستقبل سان سلهاڙيل آهي، ڏسو ٿا ته سنڌ جو مستقبل ڪٿي ٿو پهچي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين منهنجا ۔۔۔! هتي ٿورو لکڻ ئي سائين کي ڪاوڙائي ڇڏي هت ته تنهنجي طرفان اهڙو لکيو ويو آهي۔۔ جو اصل پڙهائيندڙن کي به لڄائي ڇڏي۔۔۔
    بس دوست ۔۔۔ ياد رکجان جو تون به ان راه جو راهي آهين۔۔۔ گهڻو لکي ٿورو به سمجهيئي ۽ سمجهائين ته اصل ”سائين“ سڏبين۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين ته سائين پر سائين جي ڀنگ به سائين

    ههههههههههههههههههه

    الله کي پارت اهي
     
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪاش اها پارت سڀني کي پُهچي ۽ مقصد نڪري۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين اگر پاڻ سائين ٿي پوي ته پوري قوم سائين سائين ٿي وڃي ۔۔۔ سائين جي اکين کولڻ لا ڀلو ليک ۔۔۔ پر کوڙ هجي کرن جو ته سائين وري ڪٿي ٿي سگهبو، ۽ جو ڪو مسڪين پڪي ۽ پختي سائين ٿيڻ جا خواب ڏسي به ڀرتي ٿيندو ته نظام جي اثرن ۾ هو به ان ڦوڪڻي جيئان ٿي ويندو، جنهن کي اوچتو سئي لڳندي آهي۔

    ڇاڪاڻ نظام جو مثال ڪارخاني ۾ بجلي جيئان آهي، فرض ڪريو ته سڀ ڪجهه صحي ڪم ڪندو هجي پر جيڪڏهن بجلي نه هوندي ته ڪجهه ڪون ٿيندو، سڀ عمل بيهجي ويندا ۔۔۔ انڪري سائين سان گڏ سائين جن جو نظام درست ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي۔

    الله ڪري ته سنڌ جو نظام ۽ خود پاڻ سنڌي سڌري پوي ته هوند ٻيڙا پار ٿي پون۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    آمين ثم آمين...
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ملكاني صاحب اكيون كوليندر ليك، جاري ركجو...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو