ٽلي يا گهنٽڙي ... نوان نوان سعودي عرب ۾ آياسين ته عربي ٻولي ڪون ايندي هئي، بس اشارن تي ڪم ٽپائيندا هياسين ... هاڻ اها سختي ختم ٿي وئي آهي پر ڪجهه سال اڳ سعودي عرب ۾ ملن جي هڪ پوليس هوندي هئي ...” الحيا“ يا امربالمعروف “ جنهن جو ڪم هوندو هو نماز جي وقت دڪان بند ڪرائڻ ۽ ماڻهن کي مسجد ڏانهن ڌڪڻ. ٿيو ڇا ... هڪ ڏينهن آءُ ۽ منهنجو هڪ دوست مڪيش (هندو ) ٻئي گڏجي رستي تان ٿي وياسون ته آذان اچي وئي. ٿورو اڳتي وڌياسون ته ” الحيا“ وارا اچي ويا جن اسانکي اچي چيو ...” يلا صلي صلي“ مطلب ” هلو نماز تي“ ... مون ته مسجد جو رخ ڪيو ۽ هندو دوست پوليس کي اشارن ۾ ڪيئن ٻڌائي ته هو هندو آهي ” هن اشارن سان ٽلي وڄائڻ وارو اشارو ڪندي چيو؛ “ انا هندو هندو ... انا ٽلي ٽلي“ مطلب مان هندو آهيان مندر جو گهنڊ وڄائي آيو آهيان. (هندو جڏهن مندر ۾ ويندا آهن ته پهريان گهنٽ وڄائندا آهن) ملان پوليس کي شايد ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ورندي ڏنائون ” يلا يلا، اول صلي بعدين ٽلي“ مطلب پهريان نماز پڙه پوءِ وڃي ٽلي ٽلي ڪجانءِ. خئير هندو دوست ويچارو اچي ڦاٿو ته هاڻ هو مسجد ۾ نماز ڪيئن پڙهي ... خئير مسجد جي حمام ۾ مون کيس وقت ٽپائڻ لاءِ چيو ۽ آءُ وڃي نماز پڙهي آيس. پر هاڻ جڏهن به ان هندو دوست سان ملاقات ٿيندي آهي يا فون تي ڳالهه ٻولهه ته ” ان ڳالهه تي ڏاڍو کلندا آهيون“ ”اول صلي بعدين ٽلي“
ادا نثار ابڙو اسلام عليڪم۔ ادا سائين توهان وري هندو دوست سان ته ان ڪهاوت جهڙو حشر ٿيو جنهن ۾ اهو چيو ويندو آهي ته ٻلي جي ڳچي ۾ گهنٽي ڪير ٻڌندو۔ اهو اٿئو ٻولي نه اچڻ جامزا، (هههههههههههههه هههههههههههههههههههههههههههه هههههههههههههههههه)
هاهاهاها سائين هندو دوست سان يقينا ان وقت مكي يا مديني م ته نه هوندا، تهي سكهي تهو ان وقت جده شهر م هجو. بحرحال جئبو ته دادهي تهي غريب سان، اهو ته شكر كري ته هيئة واشروم جيك نه كندي آهي، نه ته.... هاهاها