اول صلي بعدين ٽلي ...

نثارابڙو

نائب منتظم
ٽلي يا گهنٽڙي ...

نوان نوان سعودي عرب ۾ آياسين ته عربي ٻولي ڪون ايندي هئي، بس اشارن تي ڪم ٽپائيندا هياسين ...

هاڻ اها سختي ختم ٿي وئي آهي پر ڪجهه سال اڳ سعودي عرب ۾ ملن جي هڪ پوليس هوندي هئي ...” الحيا“ يا امربالمعروف “ جنهن جو ڪم هوندو هو نماز جي وقت دڪان بند ڪرائڻ ۽ ماڻهن کي مسجد ڏانهن ڌڪڻ.

ٿيو ڇا ... هڪ ڏينهن آءُ ۽ منهنجو هڪ دوست مڪيش (هندو ) ٻئي گڏجي رستي تان ٿي وياسون ته آذان اچي وئي. ٿورو اڳتي وڌياسون ته ” الحيا“ وارا اچي ويا جن اسانکي اچي چيو ...” يلا صلي صلي“ مطلب ” هلو نماز تي“ ... مون ته مسجد جو رخ ڪيو ۽ هندو دوست پوليس کي اشارن ۾ ڪيئن ٻڌائي ته هو هندو آهي ” هن اشارن سان ٽلي وڄائڻ وارو اشارو ڪندي چيو؛

“ انا هندو هندو ... انا ٽلي ٽلي“ مطلب مان هندو آهيان مندر جو گهنڊ وڄائي آيو آهيان. (هندو جڏهن مندر ۾ ويندا آهن ته پهريان گهنٽ وڄائندا آهن)

ملان پوليس کي شايد ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ورندي ڏنائون ” يلا يلا، اول صلي بعدين ٽلي“ مطلب پهريان نماز پڙه پوءِ وڃي ٽلي ٽلي ڪجانءِ.

خئير هندو دوست ويچارو اچي ڦاٿو ته هاڻ هو مسجد ۾ نماز ڪيئن پڙهي ... خئير مسجد جي حمام ۾ مون کيس وقت ٽپائڻ لاءِ چيو ۽ آءُ وڃي نماز پڙهي آيس.

پر هاڻ جڏهن به ان هندو دوست سان ملاقات ٿيندي آهي يا فون تي ڳالهه ٻولهه ته ” ان ڳالهه تي ڏاڍو کلندا آهيون“

”اول صلي بعدين ٽلي“​
46773_10151368760003948_1211595793_n.jpg
 
”اول صلي بعدين ٽلي“​
هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مطلب اها ٽلي واري ڳالهه گهڻن کي سمجهه ۾ ايندي۔
 
ٽلي يا گهنٽڙي ...​
نوان نوان سعودي عرب ۾ آياسين ته عربي ٻولي ڪون ايندي هئي، بس اشارن تي ڪم ٽپائيندا هياسين ...​
هاڻ اها سختي ختم ٿي وئي آهي پر ڪجهه سال اڳ سعودي عرب ۾ ملن جي هڪ پوليس هوندي هئي ...” الحيا“ يا امربالمعروف “ جنهن جو ڪم هوندو هو نماز جي وقت دڪان بند ڪرائڻ ۽ ماڻهن کي مسجد ڏانهن ڌڪڻ.​
ٿيو ڇا ... هڪ ڏينهن آءُ ۽ منهنجو هڪ دوست مڪيش (هندو ) ٻئي گڏجي رستي تان ٿي وياسون ته آذان اچي وئي. ٿورو اڳتي وڌياسون ته ” الحيا“ وارا اچي ويا جن اسانکي اچي چيو ...” يلا صلي صلي“ مطلب ” هلو نماز تي“ ... مون ته مسجد جو رخ ڪيو ۽ هندو دوست پوليس کي اشارن ۾ ڪيئن ٻڌائي ته هو هندو آهي ” هن اشارن سان ٽلي وڄائڻ وارو اشارو ڪندي چيو؛​
“ انا هندو هندو ... انا ٽلي ٽلي“ مطلب مان هندو آهيان مندر جو گهنڊ وڄائي آيو آهيان. (هندو جڏهن مندر ۾ ويندا آهن ته پهريان گهنٽ وڄائندا آهن)​
ملان پوليس کي شايد ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ورندي ڏنائون ” يلا يلا، اول صلي بعدين ٽلي“ مطلب پهريان نماز پڙه پوءِ وڃي ٽلي ٽلي ڪجانءِ.​
خئير هندو دوست ويچارو اچي ڦاٿو ته هاڻ هو مسجد ۾ نماز ڪيئن پڙهي ... خئير مسجد جي حمام ۾ مون کيس وقت ٽپائڻ لاءِ چيو ۽ آءُ وڃي نماز پڙهي آيس.​
پر هاڻ جڏهن به ان هندو دوست سان ملاقات ٿيندي آهي يا فون تي ڳالهه ٻولهه ته ” ان ڳالهه تي ڏاڍو کلندا آهيون“​
”اول صلي بعدين ٽلي“​
46773_10151368760003948_1211595793_n.jpg
هذا ڪوئس اخو يا ، انا مسرور و طيب بلقائڪ
 
ادا نثار ابڙو اسلام عليڪم۔ ادا سائين توهان وري هندو دوست سان ته ان ڪهاوت جهڙو حشر ٿيو جنهن ۾ اهو چيو ويندو آهي ته ٻلي جي ڳچي ۾ گهنٽي ڪير ٻڌندو۔ اهو اٿئو ٻولي نه اچڻ جامزا، (هههههههههههههه هههههههههههههههههههههههههههه هههههههههههههههههه)
 
هاهاهاها
سائين هندو دوست سان يقينا ان وقت مكي يا مديني م ته نه هوندا، تهي سكهي تهو ان وقت جده شهر م هجو.
بحرحال جئبو ته دادهي تهي غريب سان، اهو ته شكر كري ته هيئة واشروم جيك نه كندي آهي، نه ته.... هاهاها
 
Back
Top