اڄوڪو ڏينهن 26 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 26 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    26 جنوري 1925ع ليکڪ ڪيولرام نارسنگهاڻي (گمبٽ / کنڊاوا) جو جنم ڏينهن آهي.
    26 جنوري 1926ع تي مشھور اديب ڊاڪٽر فرمان فتح پوريءَ جو جنم ڏينھن آهي.
    26 جنوري 1926ع ليکڪ سلامت راء پارواڻي (سنڌ / الهاس نگر)جو جنم ڏينهن آهي.
    26 جنوري 1926ع ليکڪ مير محمد نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    26 جنوري 1936ع ليکڪ قيمت راء هري سنگهاڻي (ڪراچي / ڀوپال) جو جنم ڏينهن آهي.
    26 جنوري 1945ع اردو ۽ پنجابي جي شاعر احمد سليم جو جنم ڏينهن آهي.
    26 جنوري 1954ع سماجي اڳواڻ، شاعر ۽ اديب رفيق احمد جعفري جو جنم ڏينھن آھي.
    26 جنوري 1959ع شاعره روشن تبسم ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
    26 جنوري 1966ع شاعر حفيظ الله حامي جو جنم ڏينهن آهي.
    26 جنوري 1973ع شاعر ساجن سيتائي جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    26 جنوري 1912ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد يعقوب حاجاڻو لاڏاڻو ڪري ويو.
    26 جنوري 1965ع سياستدان آغا بدرالدين دراني (شڪارپور) جو انتقال ٿيو.
    26 جنوري 1969ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ڪڇي لاڏاڻو ڪري ويو.
    26 جنوري 1976ع سياسي، سماجي شخصيت ۽ بينڪار حاتم علوي جو لاڏاڻو ٿيو.
    26 جنوري 1982ع تي چوٽيءَ جو ڪھاڻيڪار ماڻڪ/ منير نوابشاهه ۾ آپگهات ڪري انت آندو.
    26 جنوري 1983ع تي هاڪي جي عظيم ليفٽ هاف حبيب علي ڪڊي جو وڇوڙو ٿيو.
    26 جنوري 1988ع سائنسسدان ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي جو انتقال ٿيو.
    26 جنوري 1998ع سماٽ تنظيم جي باني بهاول خان انڙ جو لاڏاڻو ٿيو.
    26 جنوري 2003ع مشهور جرمن اسڪالر ۽ لطيف تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر اينيميري شمل جو انتقال ٿيو.
    26 جنوري 2003ع نامياري اديب گل محمد چنا جي وفات ٿي.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏21 آگسٽ 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهاول خان اُنڙ:

    بهاول خان انڙ لاڙڪاڻي ضلعي جي اهم سماجي شخصيت هئي. سندس والد جو نالو محمد عالم -انڙ- هو، جيڪو بنيادي طور زمينداري پيشي سان لاڳاپيل هو. بهاول خان -تاريخ- 10 -آگسٽ- 1939ع تي پيدا ٿيو. تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”پراڻي -آباد-“ ۾ ابتدائي -تعليم- پوري ڪيائين. جلد ئي پوءِ لاڙڪاڻي ۾ باضابطه طور تي لڏي آيو ۽ اتي بي. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون ورتائين. خدمت خلق جو جذبو هئس؛ انهيءَ ڪري پنهنجي زمينداري مشغلي سان گڏ، سماج سڌارڪ طور پاڻ کي رڌل رکيائين. سال 1983ع ۾ ”سماٽ تنظيم“ جو بنياد وڌائين. سندس خيال هو ته ”سنڌ ڌرتي، اصل سنڌين جي ملڪيت آهي ۽ اهي ئي هن زمين جا حقيقي وارث آهن“. -انڙ-خاندان جي هن فرد، تنظيم جي حوالي سان، سنڌين ۾ ثقافتي ۽ سماجي شعور جاڳايو. انهيءَ لحاظ کان سنڌ ۾ بار بار گشت ڪري، ڪافي ڪاميابي به ماڻيائين. نتيجي ۾ ”سماٽ تنظيم“ بلڪل غير سياسي پليٽفارم -تان- مثالي مڃتا ماڻي. هن -ٺٽي- ۽ ڪينجهر ڪناري تي انهيءَ سلسلي ۾ سيمينار به ڪرايا. هن پنهنجي انهيءَ اٽل ارادي کي مستحڪم ۽ مستقيم رکي، هڙان ۽ وڙان وڏا خرچ ڪيا. سندس ڏينهن رات جي لوچ ۽ لوڙ، آخر کيس نِستو بڻائي ڇڏيو ۽ 26 جنوري 1998ع تي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ وفات ڪري ويو.
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين در محمد صاحب ۽ سليمان وساڻ صاحب جي هي محنت به قابل تعريف آهي، در محمد صاحب اسان جي سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين جاکوڙي عالم اديب آهي، جنهن جي سوانح تي ته اسان جو دوست محترم سليمان وساڻ صاحب ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي،

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنڌ جي هڪ علمي، ادبي شخصيت۔محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي ناليواري، ليکڪ، محقق، تاريخدان، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، مترجم، ڪالم نگار ۽ تعليمدان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون.

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم 25 مئي 1945 ع تي خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو۔ پاڻ 1971 ۾ بي ايڊ، 1972 ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾، ۽ 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ”ڪراچي جو سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي ترقيءَ ۾ حصو “ جي عنوان تي اپي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪندا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو