دنيا جي گولي ۾ست کنڊ آهن ۽ کندن ۾ تقريبن 230 ملڪ آهن جن مان 193 آزاد ملڪ آهن هر ملڪ ۾ مختلف مذهبن، ٻولين جا ماڻهون رهن ٿا. ۽ هر ملڪ کي هلائيندڙ حڪمران جيڪي پنهنجي ملڪ تي حڪمراني ڪن ٿا اهي ملڪ جي آئين تي پورو لهڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا ماڻهو کي بنيادي سهولت ڏيڻ لاءِ ڪاوش ۾ مصروف نظر اچن پيا پر افسوس اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ عوام سان ڪيڏو ظلم ٿي رهيو آهي ڪو به آفيسر ڪنهن غريب تي ٻاجهه جي نظر وجهڻ لاءِ تيار ناهي ڪيترائي پڙهيل لکيل نوجوان بغلن ۾ دگريون کنيون وقت جي چونڊيل نمائندن جي آفيسن ۽ اوطاقن جا چڪر ڪاٽيندي نظر اچي رهيا آهن ته ڪي اڻ پڙهيل ڪنهن سٺي عهدي تي نظر اچي رهيا آهن جڏهن انهن تي ڪو اعتراض واري ڳالهه واري ٿو ته ان کي موٽ ۾ اهو جواب ٿو ڏنو وڃي ته هي جنهن کي نوڪري ملي آهي سو فلاڻي ايم اين اي، ايم پي اي يا وڏيري جو ماڻهو آهي اگر هر چونڊيل نمائندو پنهنجا ماڻهو چونڊي ويهاريندو ته ٻيا غريب ويچارا ڪيڏانهن ويندا؟؟؟ نوجوان ويچارا جڏهن ڪنهن چونڊيل نمائندن سان ملڻ لاءِ وڃن ٿا ته سکڻي ڏٽي ۽ دلاسي کان علاوه ڪجهه به حاصل نٿا ڪري سگهن. غريب ويچارا ويلهو کائن ٿا ته ويلهو بک تي ويٺا آهن ڪيڏانهن ڪو ڀرجهلو ڪونهي سواءِ هڪ الله جي چونڊيل نمائندا عوام کي بنيادي سهولتون به نٿا ڏئي سگهن اهڙي ئي هڪ شهر جي درد ڀري ڪهاڻي بيان ڪجي ٿي ته سنڌ ته صدين کان آباد هئي ۽ سنڌ جا شهر به سکيا ستابا هئا سنڌ جي دادو ضلعي جي شهر سيتاروڊ جيڪو بنيادي سهولتن کان بلڪل محروم ٿي چڪو آهي...................................... سيتاروڊ دادو ضلعي جو هڪ اهم شهر آهي هتي هڪ لک آبادي رهي ٿي، سيتا هڪ هندو عورت جو نالو هو اها عورت هڪ شاهوڪار هئي جنهن جي نالي سان هي شهر تمام گهڻو مشهور آهي هي شهر ريلوي جي رڪارڊ موجب رحماني ننگر جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو.. شهر جي چوڌاري ڪيترائي ننڍا توڙي وڏا شهر ۽ ڳوٺ آهن هي شهر واپار جي حساب سان وڏو مشهور رهيو آهي جڏهن ريلوي نظام عروج تي هيو ته گهڻي ڀاڱي ماڻهو ريل ذريعي سفر ڪندا هئا ۽ سيتاروڊ ۾ ريل جي ذريعي آمدرفت ٿيندي هئي ۽ هاڻي اهي ريلوي اسٽيشنون مڪمل زبون حال ٿي چڪيون آهن جامشورو کان وٺي روهڙي تائين وچ واري استيشنيون صرف ماڻهن جي نشانهندي ڪن ٿيون باقي ريلوي سسٽم مڪمل ختم آهي اگر هيڪڙ ٻيڪڙ ڪا ريل اچي ٿي ته ان لاءِ ڪو مسافر ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ تيار ناهي چو جو ريلوي پوليس زنده آهي .. اهڙي ريت سيتاروڊ جي ريلوي اسٽيشن جيڪا رحماني ننگر جي نالي سان ڄاتي ۽ سڃاتي وڃي ٿي سا بلڪل زبون حال ٿي چڪي آهي اسٽيشن جي ڇت جا چاپڙ روز به روز ڌماڪي سان ڪِري رهيا آهن ۽ ريلوي ڪواٽر ته ماڻهن ۽ جانورن جا باٿروم بنجي چڪا آهن جتي ڪا به صفائي نه آهي. سيتاروڊ ۾ هيلٿ رورل سينٽر جي بلڊنگ به زبون حال پڻ آهي هيلٿ سينٽر جا ڪواٽر ته جنن جا گهر بنجي چڪا آهن اسپتال جي ٻاهران ايترو ته گند ڪچرو رکيو ويو آهي جيڪڏهن ڪو صحت مند ماڻهو ڪجهه گهڙي کن لاءِ ان اسپتال جي ٻاهران ويهارجي ته ان گند ڪچري جي بدبوءِ ۾ بيهوش ٿي وڃي اسپتال جي عملو نالي ڳڻائڻ لاءِ ۽ حاظري ڀرڻ لاءِ اچي هليو وڃي ٿو اگر ڪا اين جي او انهن کي غريب عوام لاءِ ڪجهه دونيٽ ڪري ٿي ته اهو سڀ ڪجهه اسپتال وارا پاڻ ۾ ورهائي کڻن ٿا هيلٿ سينٽر کي شهر سيتاروڊ لاءِ 2 ايمبولينس به مليل آهن جيڪي صرف هڪ رانديڪي جيان يا ڪنهن شوپيس جيان اسپتال جي ٻاهران .بيٺل آهن ڇوجو ملڻ کانپوءِ جڏهن خراب ٿيون ته ڃڻ اصل لاءِ خراب ٿي ويون انهن کي ٺهرائڻ لاءِ ڪوبه سوچي ئي نٿو شهر ۾ ايمبولينس جي بدران ماڻهو ويچارا ميت کي ٽريڪٽرٽرالي يا شهزور گاڏي يا وري اٺ گاڏي کان ايمبولينس جو ڪم وٺن ٿا افسوس!!! سيتاروڊ جي گهٽين تي نظر وجهجي ته اهي گهٽيون نالي جا دٻا بنجي چڪيو آهن صفائي عملو غائب جڏهن ڪنهن ٽي ايم اي يا ٽائون آفيسر سان شهر جي صفائي بابت ملڻ لاءِ وڃجي ٿو ته اهي پنهنجن دفترن کان غائب آهن اگر انهن سان موبائيل فون تي رابطو ڪيو ٿو وڃي ته انهن جا نمبر هميشه بند ملن ٿا. سيتاروڊ ۾ اڳي 20 فوٽن جو ويڪريون ۽ ڪشاديون گهٽيون هونديون هيون سي هاڻي 2 ۽ 3 فوٽ اچي بچيون آهن جو جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ فوتگي ٿئي ٿي ته ان ميت کي جڏهن قبرستان ڀڙو ڪرڻ لاءِ باهر کڻي آندو ٿو وڃي تڏهن گهٽيون ايتريون ته سوڙهيون آهن جو ميت جي کٽ به وڏي مشڪل سان نڪري ٿي ان جو سبب چونڊيل نمائندن جي ڏڊ تي سيتاروڊ جي مختلف گهٽين ۾ رهندڙ شاشو خان گهٽي کان هٿرادو در ٺهرائي ان کي ڪيتارئي فوٽ ٻاهر باٿروم ۽ ڏاڪڻ ٺهرائي ڇڏين ٿا. غريب ڪجهه چوي ته ان لاءِ پوليس تيار بيٺي آ. سيتاروڊ راڌڻ اسٽاف جي ڀرسان معصوم ٻارڙن جو قبرستان آهي جيڪو ڪافي عرصي کان واقع آهي جيڪو هاڻي مڪمل گندي پاڻي جي تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. شهر جي پوليس اسٽيشن جيڪو صدر ٿاڻو آهي اهو به گند ۽ ڪچري سان ڀريل آهي ان ۾ به صفائي جو ڪو به انتظام جوڳو ناهي. سيتاروڊ ۾ ته چورن جو راڃ آهي رات ته رات پر ڏينهن جو به چوري ڪري فرار ٿي وڃن ٿا ٻيو ته ٺهيو پر سيتاروڊ جا صحافي به چورن کان محفوظ نه رهيا صحافي جي دڪان تان به چوري جيڪا واپس نه ٿي سگهي نه ئي ڪو چور پڪڙجي سگهيو. شهر سيتاروڊ جي اوڀر ۾ انگريزن جي دور کان هڪ ڪئنال جيڪو پريچرڊ جي نالي سان مشهور آهي پريچرڊ هڪ انگريز جو نالو هيو اهو ڪئنال ڪو وقت هيو جو صاف ۽ شفاف پاڻي سان وهندڙ هيو ۽ هاڻي هڪ گندي نالي جي صورت اختيار ڪري ويو آهي ماڻهن وڃي پريچرڊ ڪئنال کي اڌ تائين لٽي پنهنجون جايون اڏيو آهن باقي حصي کي نيڪر لاءِ استعمال ڪن ٿا.. سيتاروڊ کان هڪ ڪلو ميٽر دور جوهي بئراج جيڪا سيتاروڊ کي ميهڙ، راڌڻ، نصيرآباد ۽ لاڙڪاڻي سميت ڪيترن ئي ننڍي توڙي وڏي ڳوٺن سان ملائي ٿي اها جوهي بئراج پل هاڻي پل نه بلڪ پلصراط جو ڏِک ڏئي رهي آهي جوهي بئراج پل مڪمل ڊهي چڪي آهي پل جي وچ ۾ وڏا کڏا پئجي ويا آهن جڏهن ته پل ڪراس ڪندي ڪيتريون ئي جانيون ذايع ٿي چڪيون آهن ، جوهي بئراج پل ڪراس ڪندي مال سان ڀريل ٽرڪ ان جوهي بئراج پل ۾ ڪِري پئي جنهن سبب ٽرڪ ڊرائيور ۽ سندس ڪنڊيڪٽر سخت زخمي ٿي پيا تنهن بعد شهر جي سياسي سماجي تنظيمن ڪيترائي ڀيرا مظاهره ، هڙتالون، فيٿا روڪ هڙتالون ۽ شتر بند هڙتالون ڪرايون ته جوهي بئراج نئين سر تعمير ڪرائي وڃي پر اقتدار ۾ ويٺل ڪنهن وس واري جي مٿي ۾ هن مسئلي لاءِ جونءَ ئي نه چري جڏهن ته جوهي بئراج تي جان وٺڻ وارا مسئلا معمول بڻيل آهن. سيتاروڊ ۾ پاڻي جي صورت حال هي آهي ته نلڪن جو پاڻي کارو واٽر سپلاءِ بند اگر اچي ته پيئڻ جهڙو نه چو ته واٽر سپلاءِ جتان ايندو آ اتي نشائي پنهنجي جسم کي نشي جون سُيون هڻي اهي سُيون ان پاڻي ۾ فٽي ڪندا آهن باقي اگر ڪٿي نلڪن جو پاڻي مٺو آهي ته ان پاڻي ۾ ڊبليو ايڇ او رپورٽ موجب پاڻي ۾ سينخيو آهي شهر ۾ ڪو واٽر پلانٽ نه آهي شهر جي ٻاهران ڪجهه مٺا نلڪا آهن جتا گڏهه گاڏي وارا پاڻي گگهين ۾ ڀري شهر ۾ اچي في گگهي 20 روپيه وڪرو ڪندا آهن امير طبقو ته خوشي سان خريد ڪري ٿو پر غريب کارو پاڻي پيئڻ تي مجبورآهي پوءِ اگر هو اهو پاڻي پئي ٿو ته هن کي سائي جهڙي موذي بيماري وڪوڙي وڃي ٿي. سيتاروڊ جي بازار ۾ کپندڙ شين جي ڳالهه ڪجي ته ميڊيڪل اسٽورن تي ايڪسپائير دوائون وڪرو ٿي رهيو آهن تازو واقعو هڪ چوڪري سيتاروڊ جي وڏي مڃيل اسٽور تان دوا خريد ڪئي استعمال ڪرڻ کانپوءِ چوڪري تي ان دوا ري ايڪشن ڪيو جڏهن ڇوڪري کي فورن اسپتال آندو ويو ته ڊاڪٽر جي رپورٽ موجب ته ڇوڪري ايڪسپائير دوا کاڌي آهي جڏهن انهيءِ دوا بابت ميڊيڪل اسٽور واري کي پوليس حوالي ڪيو ويو ته هو پوليس کي پئسا ڏئي جلدي ئي ٻاهر اچي ويو سنڌي ۾ هڪ پهاڪو مشهور آهي ته (ساڳي ماني ساڳ سان). وري مچي ۽ گوست تي اچجي ته بلڪل مئل ۽ بيمار جانورن کي ذبح ڪري وڪرو ڪن ٿا جڏهن ته سرڪاري جانورن جا ڊاڪٽر سيتاروڊ ۾ موجود آهن جنهن جو اهو ڪم آهي ته اگر ڪاسائي ڪا مينهن يا ڪو حلال جانور ذبح ڪري ٿو ته ان کي اهو ڊاڪٽر چڱي طرح چيڪ ڪري ته متان اهو جانور بيمار نه هجي پر هتي اهي ڊاڪٽر گهر ويٺي سرڪاري پگهارن سميت ڪاساين کان ڀتو وٺي کائي رهيا آهن ڇا وڃي هنن جو عوام سان.. سيتاروڊ جي اسڪول جنهن ۾ معصوم ٻار تعليم پرائي رهيا آهن انهن اسڪولن ۾ گوڏي جيڏو گندو پاڻي بيٺو آهي جيڪو گذريل ٻن سالن کان نه نڪري سگهيو آهي سيتاروڊ جي روڊن تي ڳالهائجي ته سيتا کان دادو وارو روڊ جيڪو مڪمل کڏا کڏا بنجي ويو آهي اگر صحتمند ماڻهو اتان ڪنهن سواري ڪوسٽر وين يا موٽر سا.يڪل تي سفر ڪري ته گهٽ ۾ گهٽ پيٽ ۾ سور ضرور پويس يا ڪنهن عورت کي ڊليوري لاءِ دادو يا حيدرآباد نيجي ته منهنجي خيال ۾ الله نه ڪندو پر روڊ جو حال ڏسي چوڻو ٿو پوي ته ويم روڊ تي نه ڪري يا دم ڌڻي حوالي نه ڪري...سيتاروڊ ۾ ايم بي بي اي ته صرف 5 ڊاڪٽر آهن پر اسپتالون 20 کان مٿي ڇوجو اڄ جا ڪمپونڊر به مڪمل ڊاڪٽر بنجي چڪا آهن جيڪي ماڻهن جي زندگي سان راند کيڏي رهيا آهن سيتاروڊ ۾ بنا ڊگري جي ڊاڪٽر ته اڻ کٽ آهن جن ماڻهن جو ڪيتريون ئي زندگيون وڃائي چڏيون.. پڙهيل لکيل ته سمجهي ٿو ته ڊاڪٽر جي ڊگري ڇا آهي. پر اڻ پڙهيل ۽ جاهل ٻهراڙي جي عورتن ۽ مردن کي ڪهڙي خبر ته ڊاڪٽر جي ڊگري ڇاهي ۽ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ڇاهي انهن کي صرف دوا کپي پوءِ اهو هٿراڌو ڊاڪٽر چونه ڏئي.. پر افسوس اسان جي حڪمرانن تي جو انهن ڊاڪٽرن جي به ڪا پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ته هو ڪهڙي ڊگري کنيو ويٺا آهن.. سيتاروڊ شهر ۾ سر عام فحاش جا اڏا هلي رهيا آهن جن کي ڪو روڪڻ وارو ناهي پوليس پنهنجون منٿليون وصول ڪندي باقي هن جي ٻئي ڪنهن ڳالهه سان ڪو تعلق ناهي. شهر مڪمل هڪ گندگي جي ڍير جو ڏک ڏئي رهيو آهي صفائي ڪرڻ لاءِ ڀنگي گهرجن پر اهي اچن ڪيڏانهن؟؟؟ حڪومت ويچاري ڀنگين ۽ ٻهاريدارن جي نوڪرين جا آرڊر پڙهيل لکيل جيڪي انٽرميڊيٽ ۽ گريجوئيٽ ڪيون ويٺا آهن اهي انهن کي ڏئي ڇڏيا آهن جيڪي صرف ماهوار پگهار کڻڻ ۾ مصروف آهن ته پوءِ شهر جي صفائي ڪري ته ڪير؟ آخر عوام جو ڇا ٿيندو ؟ عوام ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏئي رهيو آهي. حڪومت جي نمائندن جيڪي پنج سال اقتدار ۾ رهيا انهن ڪجهه به نه ڪيو . اي ڪاش هاڻي به ڪو چونڊيل نمائندو پنهنجي پنهنجي تقن جي عوام جي خدمت ڪري ۽ انهن جا مسلا ٻڌي حل ڪري ته ڪيڏي نه خوشي جي ڳالهه آهي. پر افسوس انهن حڪمرانن کان اها ڳالهه شايد وسري وئي آ ته هو به سڀاڻي واحد القهار جي درٻار ۾ پيش ٿيندا انهن کي به سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا جو الله تعالى فرمائي ٿو ته مان پائي پائي جو حساب وٺندس! ته پوءِ انهن کي اها ڳالهه ياد ڪرڻ گهرجي ته اهو وقت تمام ويجهو آهي جو اڄ توهان هڪ انڌي گهوڙي تي سوار آهيو جو توهان کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي پر جلدي توهان کان سڀ ڪجهه ساري ساري پڇيو ويندو ۽ ان جو جواب توهان هتي ٺاهڻ آيا آهيو سو جواب سٺو ٺاهيو ته الله توهان تي ڪرم ڪري، ڇو جو الله تبارڪ وتعالى فرمائي ٿو ته توهان غريبن تي رحم ڪيو ته مان رب توهان تي رحم ڪيان!!!!! تحرير جميل احمد عباسي jameeljaas@yahoo.com
يار جميل بس واڪا ئي ڪري سگهون ٿا ۔۔۔ مان سيتا هڪ دفعو آيو آهيان پر شهر جي حالت ڏسي، ڏک ٿيو۔ اها حالت هاڻي سنڌ جي هر شهر، هر وستي ۽ واهڻ جي آهي۔ ڪو به پڇڻ وارو ناهي ۽ نه ئي وري ماڻهن ۾ ڪو شعور نالي شيء به آهي۔ ماڻهن پنهنجي شهرن جي پوئواري ۽ مالڪي به ڇڏي آهي ته حڪومت ۽ انتظاميه به ڪجهه نه ڪرڻ جو قسم کنيو آهي۔ پوء به وس وارن کي اها اپيل آهي ته سيتا روڊ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاء ڪوششون وٺن۔
تواهان جو درد ڀريو پاراتو شل انهن کي لڳي۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا جميل احمد عباسي تواهان جي درد ڀري ڊامومينٽري پڙهي سيتا روڊ جي ماحول کان واقفيت ٿي توهان جي ڳالهه درست آهي پر ڇا ڪجي هن دردن جي هن سورن جي ڪنهن کي دانهن ڏجي ڇو جو سڀئي بي ضمير سياستدان آهن هنن کي عوام جي دردن جوڪو به احساس نه آهي۔۔۔۔۔۔۔ سيتاروڊ جو ايم پي اي هوندي به اهڙاحال آهن۔ توهان جي پيرائتي رپورٽ ۾اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته توهان تمام سٺو لکندڙ آهيو ان سلسلي کي جاري رکجو باقي محترم سليمان وساڻ هڪ دفعو سيتا روڊ آيو هيو چوي پيو ته وري نه اينداسين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔