سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار..... عبدالماجد ڀرڳڙي

'مقالا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,668
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ستن ورهين ۾ انساني جسم جو هر هڪ سيل مٽجي ويندو آهي ۽ جسماني لحاظ کان هو هڪ مختلف انسان هوندو آهي. اهڙي ريت عادتون، سوچون ۽ رويا وغيره به وقت گذرندي مٽبا رهندا آهن ۽ ساڳي انسان ۾ ئي تبديليون اينديون رهنديون آهن. نسل در نسل جي ڳالھ ته اڃا به اڳڀري آهي.​
    جيڪڏهن سڳو، پڳ ٻڌرايل پُٽ به پنهنجي پيءُ جي قائم ڪيل اعلىٰ روايتن تي نه هلندو آهي ته ماڻهو ان کي به اهو چئي ڏيندا آهن ته تو وڏن جو نالو ئي ٻوڙي ڇڏيو، سندن ڪئي ڪمائي ئي چٽ ڪري ڇڏيئي! اسان اڄ جيڪي ڪجھ آهيون تنهن کي هزارين ورهيه اڳ جي سنڌين يا شاه، سچل ۽ سامي جي وارث سڏائڻ جو حق جيڪڏهن آهي ته اهو به صرف نالي ماتر. سوال انهن جي عظمت جو نه بلڪِ اهو آهي ته اسان اڄ ڇا آهيون؟ پنهنجي سوچ، روين ۽ عملن کي جاچي سندن سوچ، روين ۽ عملن سان ڀيٽي پوءِ پنهنجي دل تي هٿ رکي ايمانداري سان پڇون ته ڇا اسان انهن جا وارث سڏائڻ جا حقدار آهيون؟​
    تھے تو آباء وہ تمہاری ہی، مگر تم کیا ہو؟​
    انهن جا سسيل پاڇولا، يا شايد اھي به نه!​
    پنهنجي وڏن جي ڪارنامن تي ڦونڊجڻ، پنهنجن ڪرتوتن ۽ ڪمن کي اکيون ٻوٽي نظرانداز ڪرڻ، سجاڳي جي نشاني ڪانهي بلڪِ سکڻي نعريبازي ۽ سياسي آفيم آهي. مزو ان ۾ ڪونهي جو پدرم سلطان بود چئي، دهل ڳچي ۾ پائي، اسان پنهنجو تعارف پنهنجي اسلاف جا نالا وٺي ڪرايون. اصل مزو تڏهن آ جڏهن اسان جا اعمال ۽ افعال ڏسي، ٻيا اها تحقيق ڪن ته هن عظيم قوم جا وڏا ڪير هئا جن جا هي وارث هي آهن!​
    پر اها ڳالھ ڪڏهن نه وسارجي ته نفرت ڪڌن عملن کان ڪبي آهي ۽ نه ڪه انهن انسانن ۽ ماڻهن کان جيڪي انهن جا مرتڪب ٿين. انسان هر حال ۾ محبت جو حقدار آهي ۽ اها ساڻس محبت ئي آهي جيڪا دير يا سوير منجھس تبديلي آڻي سگھي ٿي. مِهڻا ڏيڻ ۽ ٽوڪ ڪرڻ سان ڪڏهن به مثبت تبديلي نه ايندي آهي. مهڻو يا ٽوڪ به تڏهن ئي تبديلي آڻيندا جيڪڏهن اهي محبت ۽ پيار جي آڌار تي هجن، يعني انهن جو محرڪ ٻئي جي محبت هجي ۽ نه ڪه ان کي گھٽ ڏيکارڻ ۽ شرمندو ڪرڻ جي خواهش يا ڪوشش.​
    اچو ته هن ڏينهن جي حوالي سان اسان پاڻ سان اهو وعدو ۽ عزم ڪيون ته اسان مان هر هڪ پاڻ ۾ اهي وصفون ۽ اعمال پيدا ڪندو جيڪي ڏسي اسان جا وڏا اسان کي پنهنجو وارث سڏڻ ۽ مڃڻ ۾ فخر محسوس ڪن ۽ اسان کي ڏسي بي اختيار اعتراف ڪن ته بيشڪ هي عظيم قوم جا لائق فرزند ۽ جانشين آهن. نعرا هڻڻ، جلسا جلوس ڪڍڻ، ٻين ۽ پنهنجن جي ڏاڙهي پٽ ڪرڻ سولا ڪم آهن، گھڻا ئي ڪن پيا. پر پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ، اعلىٰ قدرن ۽ آدرشن کي پنهنجي ذات اندر هنڊائڻ ئي جوڌن جي ريت آهي. اصل ۽ ديرپا تبديلي صرف ۽ صرف محبت جي بنياد تي اچي سگھي ٿي جنهن جو درس شاه، سچل ۽ سامي ڏنو.​
    سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار؛
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

    عبدالماجد ڀرڳڙي
    سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ۲۰۱۰ ۾ لکيل نوٽ
    www.bhurgri.com

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو