زندگي خدا جي ڏِنل هِڪ اهِڙي خوبصورت سُوکڙي آهي جِنهن جو ڪوبه انسان تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي۔اِن جي قدر ڪرڻ ۽اُن جي اهميت سمجهڻ گهُرجي۔انسان ايترو ته مادا پرست ٿي ويو آهي جو انسان کي انسان جو احساس ئي نه رهيو آهي۔اڄ ڪلهه جي دور ۾ ڳاڙهو رنگ اسان جي زندگين ۾ ايتري قدر ته شامِل ٿي ويو آهي جو اُهو ڪو ڏينهن ناهي جو اسان جي نظرن اڳيان ڳاڙهو رنگ نه گذرو هُجي۔هر طرف رت ئي رت ،قتلِ عام،معصوم بيگُناهه ماڻهو جي موت ۔اسان انسانيت کي پنهنجي وجود مان ڪڍي ڦِٽو ڪري ڇڏيو آهي۔انسان مان جڏهن انسانيت کي ڌار ڪري ڇڏجي ته باقي انسان ۾ ڇا بچيو؟ڪجه به نه۔خالي ۽ کوکلو وجود۔۽ بي جان جسم۔ڇا اسان اِهو سڀ روڪي نٿا سگهون؟جواب آهي ها روڪي سگهون ٿا۔پنهنجن روين، سٺن عملن،۽ سُٺي ڪردار سان۔رب پاڪ اسان کي اشرف المخلوقات ڪري هِن جهان ۾موڪليو۔۽ اسان خدا ٿيڻ جي ڪوششن ۾ لڳي وياسين۔پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ بجاءِ ٻين جي زندگين ۾لئيا پائڻ شروع ڪياسين۔اچو ته گڏجي انسانيت کي بچايون۔۽جيترو ٿي سگهي محبتون ورهايون هِڪٻئي جي ڪم اچون۔جي اگر واٽ ويندي ٻن ماڻهن ۾ جهيڙو ڏِسون ته بجاءِ اِن جي ته اِهو چئي اُتان گذري وڃون ته اِنهن جو پنهنجو مسئلو آهي،اُنهن جو مسئلو حل ڪيون۔ٿي سگهي ٿو ته الله پاڪ جي ذات کي توهان جو اِهو عمل پسند اچي ۽توهان جا ڪيل ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ ڪيل گُناه ۽ خطائون بخشي ڇڏي۔اچو ته پنهنجي پاڻ سان اِهو عهد ڪيون ته اسن سڀ هِڪ آهيون اسان سڀني جي وجود ۾ رب جي هٿن جو لمس آهي چاهي اُهي هندو هُجن،عيسائي هُجن يا مُسلمان هُجن ۔ پراسان سڀ الله جي مخلوق آهيون اچو ته پنهنجن سُتل احساسن کي جاڳايون ۽ پنهنجن سُٺن عملن سان پنهنجا پنهنجاگُناه ۽ غلطيون بخشرايون۔
هن ئي موضوع تي لکيل مضمون ڪنهن زماني ۾ انسان جي وڏي اهميت هوندي هئي انسان جو قدر هوندو هو وڏن سان محبت هوندي هئي ننڍن سان پيار هوندو هوعلماءَ جو ادب هوندو هو علم جو قدر دنيا جي هر شيءِ اخلاق جي دائري ۾ هوندي هئي اهو انسان جنهن کي الله تعاليٰ هن دنيا ۾ پيدا ڪيو ڪي انسان ٿيا ته ڪي حيوان ٿيا ڪي مومن ٿيا ته ڪي ڪافر ٿيا مطلب ته هر انسان کي الله تعاليٰ هن دنيا ۾ پيدا ڪيو انسان دنيا ۾ انسان آهن پر الله تعاليٰ انسانن ۾ ٿورو واضح فرق ڪيو جيڪي انبياءَ ڪرام جن جي امت تي ڪافي وڏا امتحان آيا ڪي ان مان پاس ٿيا ته ڪي ناڪام ٿيا پر حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي امت کي الله تبارڪ وتعاليٰ ” اشرف المخلوقات “ جو شرف ڏنو. اڄ جي هن ٽيڪنالاجي جي بيباڪ دور ۾ چڱائي هڪ گار بڻجي چڪي آهي ۽ لڱائي پنهنجا پير ايئن مضبوط ڪيا آهن جيئن چڪ مڪ پاڻ ۾ چنبڙي ويندو آهي هر درد رکندڙ ماڻهو جيڪڏهن چڱائي ڪري ته به هن سماج ۾ اهو برو سڏبو هڪ ماڻهو ڪم غلط ڪري ان کي نصيحت ڪرڻ ته تو هي ڪم غلط ڪيو آهي ان کي چڱائي چئبو آهي لڱائي ان کي چئبو آهي ته يار! هي جيڪو ڪم تو ڪيو آ زبردست ڪيو اٿئي توڻي جو اهو ڪم هن غلط انداز ۾ ڪيو هجي پر چڱائي پنهنجو ڪم ڪندي رهندي ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هن دور ۾ چڱائي چوڻ ڪنهن کي حق ڪونهي يعني ڀلي اهو شخص شراب پيئي زنا ڪري چوري ڪري زوري ڪري ماڻهو ماري اغوا ڪري ظلم دهشت وحشت جا پهاڙ ڪيرائي بيگناهه ماڻهو ماري يا مارائي علماءَ کي گاريون مطلب ته هر برائيءَ ۾ چڱائي جو مقدار هجڻ گهرجي چاهي هن کي هن دور ۾ تڪليفون ڪيڏيون به ٿين پر اهو ڪم اڄ جي زماني ۾ ماڻهو گهٽ ڪن ٿا جي ڪن به ٿا ته انهن کي بري نظر سان ڏٺو وڃي ٿو حالانڪه هي ڳالهه بلڪل درست آهي ته هن ماحول ۾ چڱائي وجود نه ٿي رکي پر ظالم ۽ مظلوم ۾ فرق آهي هيئن کڻي چئجي ته بهتر آهي ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن ڌاڙيل کي چور کي چوي ته ڀاءُ ادا هي چوريون نه ڪر ماڻهوبيگناهه نه مار ! ته هي اسان هڪ فرض پورو ڪيو هڪ برڪت جو ڪم ڪيو باقي الله تعالي هن کي هدايت جڏهن ڏني چڱائي لڱائي کان 100 دفعه نه هزار دفعه بهتر آهي جيترو ٿي سگهي ته چڱائي ڪجي لڱائيءَ کي گند جي ٽوڪري ۾ اڇلائجي چڱائي اسان کي بهتر مسلمان بڻائيندي اسان کي اتحاد ۽ اتفاق سان رهائيندي امن محبت جو ماحول فراهم ڪندي لڱائيءَ مان الاجي ڪيترا نقصان ٿيندا پاڻ ۾ اتحاد نه رهندو متحد منظم نه ٿي سگهبو اسان جو اسلام به چوي ٿو ته توهان چڱائي نه ٿا ڪريو ته ڪنهن سان لڱائي به نه ڪريو توهان ڀلائي نه ٿا ڪري سگهو ته برائي به نه ڪريو ڳالهه لکڻ جو مقصد اهو نڪري ٿو ته برائيءَ کي ڀلائيءَ ۾ بدلايو ڀلائيءَ کي برائيءَ کان بدلايو اگر هن ۾ انسان پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته وڌيڪ بهتر آهي