سهڻي پارس
سينيئر رڪن

زندگي خدا جي ڏِنل هِڪ اهِڙي خوبصورت سُوکڙي آهي جِنهن جو ڪوبه انسان تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي۔اِن جي قدر ڪرڻ ۽اُن جي اهميت سمجهڻ گهُرجي۔انسان ايترو ته مادا پرست ٿي ويو آهي جو انسان کي انسان جو احساس ئي نه رهيو آهي۔اڄ ڪلهه جي دور ۾ ڳاڙهو رنگ اسان جي زندگين ۾ ايتري قدر ته شامِل ٿي ويو آهي جو اُهو ڪو ڏينهن ناهي جو اسان جي نظرن اڳيان ڳاڙهو رنگ نه گذرو هُجي۔هر طرف رت ئي رت ،قتلِ عام،معصوم بيگُناهه ماڻهو جي موت ۔اسان انسانيت کي پنهنجي وجود مان ڪڍي ڦِٽو ڪري ڇڏيو آهي۔انسان مان جڏهن انسانيت کي ڌار ڪري ڇڏجي ته باقي انسان ۾ ڇا بچيو؟ڪجه به نه۔خالي ۽ کوکلو وجود۔۽ بي جان جسم۔ڇا اسان اِهو سڀ روڪي نٿا سگهون؟جواب آهي ها روڪي سگهون ٿا۔پنهنجن روين، سٺن عملن،۽ سُٺي ڪردار سان۔رب پاڪ اسان کي اشرف المخلوقات ڪري هِن جهان ۾موڪليو۔۽ اسان خدا ٿيڻ جي ڪوششن ۾ لڳي وياسين۔پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ بجاءِ ٻين جي زندگين ۾لئيا پائڻ شروع ڪياسين۔اچو ته گڏجي انسانيت کي بچايون۔۽جيترو ٿي سگهي محبتون ورهايون هِڪٻئي جي ڪم اچون۔جي اگر واٽ ويندي ٻن ماڻهن ۾ جهيڙو ڏِسون ته بجاءِ اِن جي ته اِهو چئي اُتان گذري وڃون ته اِنهن جو پنهنجو مسئلو آهي،اُنهن جو مسئلو حل ڪيون۔ٿي سگهي ٿو ته الله پاڪ جي ذات کي توهان جو اِهو عمل پسند اچي ۽توهان جا ڪيل ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ ڪيل گُناه ۽ خطائون بخشي ڇڏي۔اچو ته پنهنجي پاڻ سان اِهو عهد ڪيون ته اسن سڀ هِڪ آهيون اسان سڀني جي وجود ۾ رب جي هٿن جو لمس آهي چاهي اُهي هندو هُجن،عيسائي هُجن يا مُسلمان هُجن ۔ پراسان سڀ الله جي مخلوق آهيون اچو ته پنهنجن سُتل احساسن کي جاڳايون ۽ پنهنجن سُٺن عملن سان پنهنجا پنهنجاگُناه ۽ غلطيون بخشرايون۔