اڄوڪو ڏينهن 29 جنوري تاريخ جي دري مان

'جنوري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 29 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:
    29 جنوري 1919ع شاعر شيخ عبدالرزاق راز (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
    29 جنوري 1926ع نوبل انعام يافته سائنسدان عبدالسلام جو جنم ڏينهن آهي.
    29 جنوري 1929ع تي شاعر ڪمل ميوارام ڪيولراماڻي پياسي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
    29 جنوري 1935ع گلوڪار ۽ شاعر موهن لال اداسي (ٽنڊو آدم / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    29 جنوري 1948ع سگهڙ رحيم بخش جوڻيجو جو جنم ڏينهن آهي.
    29 جنوري 1950ع ليکڪ ستار پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي.
    29 جنوري 1950ع ليکڪ، شاعر، نعت گو ۽ ثنا خوان جوهر بروهي جو جنم ڏينهن آهي.
    29 جنوري 1951ع اداڪاره سنگيتا ڊنگرا (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
    29 جنوري 1958ع اداڪارہ بينا مسرور جو جنم ڏينهن آهي.
    29 جنوري 1969ع سياستدان نصرت سحر عباسي جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:
    29 جنوري 1919ع سماج سڌارڪ ڪندن مل شڌاساڻي جي وفات ٿي.
    29 جنوري 1925ع مذهبي اسڪالر مولانا ڄام سومرو لاڏاڻو ڪري ويو.
    29 جنوري 1935ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد مهر لاڏاڻو ڪري ويو.
    29 جنوري 1975ع شاعر پير زين العابدين شاهه زينل لاڏاڻو ڪري ويو.
    29 جنوري 2018ع تي لاڙڪاڻي جو سينئر صحافي عاشق علي سمون لاڏاڻو ڪيو، سندس آخري آرامگاهه ابوبڪر قبرستان ۾ اٿس.


    حواله:​

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 جنوري 2015
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جوهر بروهي:

    ’جوهر‘ بروهيءَ جو اصل نالو عبدالقيوم بروهي آهي، هن 29 جنوري 1950ع تي ٿريچاڻي، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ، درس نظامي ۽ دوره تفسير جا امتحان پاس ڪيا اٿس. ادبي لحاظ کان ناميارو محقق، شاعر ۽ نقاد آهي. هن بنيادي تعليم مختلف ديني مدرسن مان حاصل ڪئي، هن مدرسه عربيه فريد آباد، مدرسه عربيه دارالقران ميهڙ، مدرسه عربيه قاسم العلوم گهوٽڪي ۽ مدرسه عربيه انور الرحمان دريا خان مري نواب شاهه مان ديني تعليم پرائڻ بعد جامع اشرفيه سکر مان سال 1970ع ۾ درسِ نظاميءَ جي تڪميل ڪئي ۽ ميهڙ ويجهو مدرسه حفظ القرآن ۾ استاد مقرر ٿيو. هن ميٽرڪ جو امتحان 1992ع ۾ هاءِ اسڪول ميهڙ مان پاس ڪرڻ بعد 1994ع ۾ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي، اسلام آباد مان ”دعوه ڪورس“مڪمل ڪيو. ان دوران مدرسه عربيه العلوم رحيم يار خان ۽ شيخ التفسير حضرت مولانا عبدالغني جاجرويءَ کان ٻه دفعا قرآن پاڪ جو تفسير پڙهيو ۽ تجويد ۾ استاد قاري محمد مدنيءَ وٽ تعليم پوري ڪئي. سال 1974ع کان مدرسه عربيه محمديه فريد آباد ۾ ديني معلم جي حيثيت سان درس ۽ تدريس جي عمل ۾ مصروف آهي.
    جوهر بروهي 1972ع کان سنڌي ۽ براهوي ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيو. ان حوالي سان براهوي ٻوليءَ ۾ محترم نور محمد ”پروانه“ سندس رهنمائي ڪئي ۽ سنڌي زبان ۾ الحاج رسول بخش خان ڏيرو سندس رهبر رهيو. ادب، مذهب، تاريخ ۽ ثقافت سان گڏوگڏ عربي، فارسي، سنڌي، اردو ۽ براهوي ٻولين ۾ هن گهڻ رخي ڌارائن ۾ نمايان ڪم ڪري وڏو نالو ڪمايو آهي. هي پهريون براهوي شاعر آهي جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪيترن سُرن جو براهوي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري براهوي قوم کي لطيف جي پيغام کان روشناس ڪيو.
    جوهر بروهي پنهنجي قلم ذريعي براهوي قوم، زبان ۽ ادب جي بي مثال خدمت ڪئي آهي. سنڌي براهوي ۽ اردوءَ جي گهڻن رسالن، اخبارن ۽ يادگار شمارن ۾ مختلف صنفن ۾ سندس مضمون، مقالا، انشائيه، ۽ شاعريءَ سان گڏ سنڌ، بلوچستان، ڪوهستان جي قديم آثارن بابت سندس مضمون ڇپيا آهن. جوهر بروهي ڪاڇي ۽ ڪوهستان بابت وسيع ڄاڻ رکي ٿو، ان حوالي سان هو ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي هلندڙ گهمندڙ انسائيڪلوپيڊيا آهي. جوهر بروهي هسٽاريڪل سوسائٽي سب ڊويزن ميهڙ جو چئرمئن به آهي ، ان کان سواءِ بزم لطيف ميهڙ جو سرپرست اعليٰ ۽ براهوي پبلڪيشن سنڌ جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جو ڪائونسلر آهي.
    سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) احوال غم (براهوي شاعري: 1976ع)، (2) گوريج (براهوي نثر/انشائيه :1980ع)، (3) ختم نبوت (مذهبيات: 1986ع)، (4) شيموش (براهوي شاعري: 1991ع)، (5) روشنائي (براهوي شاعري: 1991ع)، (6) دردانه (براهوي شاعري: 1981ع)، (7) شادوزباد (قومي شاعري: 1992ع)، (8) طوبي نارند (مرثيه: 1995ع)، (9) ”ڪاروان“ (مثنوي: 1995ع)، (10) ”شڪر ڦل (انشائيه: 1996ع)، (11) احوالِ غم (باردگر: 1999ع)، (12) لولي (ٻارن جي شاعري: 2000ع)، (13) براهوي تخليقڪار اور سوانح (2000ع)، (14) امام العصر (2001ع)، (15) گلدسته سندهه (سندهه کي براهوي شعراء 2001ع) شامل آهن. هو هن وقت فريدآباد ۾ رهي ٿو.

    انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
    ____
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو