اسان ٻنهي زال مڙس جي سنڌي ادب ۾ ايم اي ٿيل هئي، نئين نئين شاديءَ جو ڀوت لٿو ۽ هوش آيو ته خبر پئي ته نوڪري ڳولهڻي پوندي ”پيٽ ۾ لل ته ڳوٺ ۾ هل“ جي پهاڪي جيئان بک اچي ورايو. ٻئي ڄڻا پنهنجا ذاتي تفصيل وارا ڪاغذ ٺاهي، سنڌ سڄي رلياسون، پر نوڪريون گهٽ ماڻهون گهڻا ۽ مٿان وري اقربا پروري، رشوت، سفارش ۽ سنڌي سماج جي غلاميءَ جي اثرن دماغ گهمائي ڇڏيا ... مٿان وري سنڌي آفيسرن ۽ چڱن مڙسن اهو چوڻ شروع ڪيو ته اوهانکي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيون يا ڪاريهر تي پير پيو جو ٻنهي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي آهي ... بنگاليءَ ۾ ايم اي ڪري اچو ها ته اسلام آباد جي يونيورسٽين ۾ اوهانکي نوڪري ڏياريون ها. اسين چيو سائين منهنجا! سنڌ ۾ رهونٿا، سنڌي آهيون ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ايم اي ڪري سونا ٻلا کنيا آهن ته هاڻ نوڪري ته اسانجو حق ٿئي ٿو، ٻين ملڪن ۾ مادري ٻوليءَ جو قدر وڃي ڏسو!!! جواب آيو ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪارج ڪهڙو آهي، آفيسن ۾ انگريزي ۽ اردو هلي ٿي، وفاقي ادارن ۾ ڪٿي به سنڌي ڪونهي سواءِ چند ڪالجين يا اسڪولن جي جتي اوهان استاد ٿي سگهو ٿا. يا وري سنڌ جي اسڪولن ڪاليجن ۾ ڪٿي استاد ٿيو. يا وري ڪٿي اخبار ۾ وڃي وڍ ڪٽ جو ڪم ڪيو. اسانکي حيرانگي ٿي ته سنڌي ٻولي جو ڪارج سنڌ ۾ ايترو آهي جو سونا ٻلا کڻي ايندڙ طالبعلم به بک مري سگهي ٿو ... بس پوءِ اسين سنڌي ٻوليءَ ۾ کنيل سرٽفڪيٽ پيٽيءَ ۾ بند ڪري رکيا ۽ ڪنهن ٻين حوالن سان پيٽ پالڻ جا جتن ڪيا، آخر ۾ بک ڪجهه سلالي ٿي ته اچي پرديس جو منهن ڏٺو ۽ ايم اي ادب جي ڊگريءَ کي مڙهائي قبر جهڙي هڪ پيٽيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. دوستو! غلاميءَ کي ڀلا سنڱ هوندا آهن، سنڌ ڌرتي جيڪا وسيلن ۾ مالامال آهي ان قوم جي ملڪ ۾ سنڌي علم وارا بک مرن ۽ انگريزي اردوءَ وارا ساوا رهن ته انکي ڇا چئجي؟؟؟؟