سنڌي ٻولي جو ڪارج

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2013۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    اسان ٻنهي زال مڙس جي سنڌي ادب ۾ ايم اي ٿيل هئي، نئين نئين شاديءَ جو ڀوت لٿو ۽ هوش آيو ته خبر پئي ته نوڪري ڳولهڻي پوندي ”پيٽ ۾ لل ته ڳوٺ ۾ هل“ جي پهاڪي جيئان بک اچي ورايو.

    ٻئي ڄڻا پنهنجا ذاتي تفصيل وارا ڪاغذ ٺاهي، سنڌ سڄي رلياسون، پر نوڪريون گهٽ ماڻهون گهڻا ۽ مٿان وري اقربا پروري، رشوت، سفارش ۽ سنڌي سماج جي غلاميءَ جي اثرن دماغ گهمائي ڇڏيا ...

    مٿان وري سنڌي آفيسرن ۽ چڱن مڙسن اهو چوڻ شروع ڪيو ته اوهانکي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيون يا ڪاريهر تي پير پيو جو ٻنهي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي آهي ... بنگاليءَ ۾ ايم اي ڪري اچو ها ته اسلام آباد جي يونيورسٽين ۾ اوهانکي نوڪري ڏياريون ها.

    اسين چيو سائين منهنجا! سنڌ ۾ رهونٿا، سنڌي آهيون ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ايم اي ڪري سونا ٻلا کنيا آهن ته هاڻ نوڪري ته اسانجو حق ٿئي ٿو، ٻين ملڪن ۾ مادري ٻوليءَ جو قدر وڃي ڏسو!!!

    جواب آيو ته سنڌي ٻوليءَ جو ڪارج ڪهڙو آهي، آفيسن ۾ انگريزي ۽ اردو هلي ٿي، وفاقي ادارن ۾ ڪٿي به سنڌي ڪونهي سواءِ چند ڪالجين يا اسڪولن جي جتي اوهان استاد ٿي سگهو ٿا. يا وري سنڌ جي اسڪولن ڪاليجن ۾ ڪٿي استاد ٿيو. يا وري ڪٿي اخبار ۾ وڃي وڍ ڪٽ جو ڪم ڪيو.

    اسانکي حيرانگي ٿي ته سنڌي ٻولي جو ڪارج سنڌ ۾ ايترو آهي جو سونا ٻلا کڻي ايندڙ طالبعلم به بک مري سگهي ٿو ... بس پوءِ اسين سنڌي ٻوليءَ ۾ کنيل سرٽفڪيٽ پيٽيءَ ۾ بند ڪري رکيا ۽ ڪنهن ٻين حوالن سان پيٽ پالڻ جا جتن ڪيا، آخر ۾ بک ڪجهه سلالي ٿي ته اچي پرديس جو منهن ڏٺو ۽ ايم اي ادب جي ڊگريءَ کي مڙهائي قبر جهڙي هڪ پيٽيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

    دوستو! غلاميءَ کي ڀلا سنڱ هوندا آهن، سنڌ ڌرتي جيڪا وسيلن ۾ مالامال آهي ان قوم جي ملڪ ۾ سنڌي علم وارا بک مرن ۽ انگريزي اردوءَ وارا ساوا رهن ته انکي ڇا چئجي؟؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    انقلاب. انقلاب.. انقلاب...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو