اڄوڪو ڏينهن پهرين فيبروري تاريخ جي دري مان

'فيبروري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 1 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    1 فيبروري 1877ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولوي حاجي احمد ملاح جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1895ع سياسي اڳواڻ محمد هاشم گزدر (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1930ع ليکڪ ثاقب منگي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1936ع مترجم، تاريخدان ۽ ليکڪ عطا محمد ڀنڀرو جي پيدائش ٿي.
    1 فيبروري 1938ع شاعر ٻولچند قمر (سکر / پور بندر) جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1940ع شاعر قربان علي ساقي (ڪرونڊي) جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1940ع گلوڪاره ڀڳونتي ناواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1942ع شاعر الهورايو اداسي بهڻ جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1946ع بلوچ قومپرست سياستدان عبدالحئي بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1947ع صحافي اختر شاهه بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1951ع اسٽيج اداڪار رميش چوڌري (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1952ع ليکڪ ڊاڪٽر صبغت الله انڍڙ جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1953ع شاعر غلام سرور سيف جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1953ع شاعر صوفي محمد عالم شر جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1958ع شاعر سجاڳ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1960ع شاعر حسين بخش رڏ جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1960ع ليکڪ عباس ڪنڀر (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1960ع باليووڊ اداڪار جيڪي شيروف جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1961ع شاعر نور الدين نفيس ٿهيم جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1962ع شاعر ارشاد راهي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1962ع شاعر شبير سيال جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1962ع صحافي سليم اختر ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1963ع صحافي مراد بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1965ع چترڪار منظور ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1966ع شاعر خالد فاروقي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1967ع ليکڪ بشير ٿيٻو (ٽالپر وڏا) جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1967ع صحافي ۽ ليکڪ اندر جيت لوهاڻو (ٽنڊو باگو) جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1969ع ليکڪ غلام رسول سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1969ع صحافي اقبال ملاح (ميهڙ) جو جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1971ع شاعر ذوالفقار پروانو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1972ع شاعر واحد ملاح (عليم) جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1973ع صحافي تصوير سنديلو جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1974ع ليکڪ سڪندر عباسي (مورو) جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1977ع ليکڪ رياضت ڀٽو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1977ع صحافي آزاد لانگاهه (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1978ع ليکڪ مختيار پهنور جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1978ع صحافي رئوف چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1978ع شاعر منظور راز سيتائي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1978ع شاعر رحمت پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1982ع ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جو جنم ڏينهن آهي.
    1 فيبروري 1983ع ليکڪ وهاب جروار جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    1 فيبروري 1997ع ڊرامن جي دنيا جي نامياري اداڪار نور محمد لاشاري وفات ڪري ويو.

    حواله:​

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 فيبروري 2015
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نور محمد لاشاري : فن جو ديوتا (ورسيء تي ڀيٽا)


    فلم، ٽي وي جي اداڪار ۽ صداڪار نور محمد لاشاري جي وڇوڙي کي 16 سال مڪمل ٿي ويا آهن. نور محمد لاشاري 24 آڪٽوبر 1931 تي سيوهڻ ويجهو ڪوٽ لالو لاشاري ۾ جنم ورتو ۽ هن شروعاتي تعليم بوبڪن مان حاصل ڪئي. نور محمد لاشاري کي پي ٽي وي جي اڳوڻي جي ايم عبدالڪريم بلوچ ٽي وي تي متعارف ڪرايو. هن ڪيترائي مشهور ڊراما ڪيا، جن مان سندس ڊرامي دنگي منجهه درياءَ کي جرمني فيسٽيول ۾ٽيون نمبر مليو. نور محمد لاشاري ريڊيو، اسٽيج، فلم ۽ ٽي وي جي سوين ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ هن 1960 ۾ راڳي طور آڊيشن ڏنو، جنهن ۾ کيس ناڪامي حاصل ٿي، جنهن کانپوءِ هن صداڪاري شروع ڪئي. نور محمد لاشاري پهرين فيبروري 1997ع ۾ وفات ڪري ويو، جنهن جي آخري آرامگاهه ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي ۾ آهي.

    حقيقت پسندي تي مبني سندس ڪردار ورلي ئي ماڻهن کان وسرندا، دنگي منجه درياء، ديوارين، بدلتي موسم ۽ ڪيترائي ٻيا ڊراما جيڪي اسان کان نه وسرندا، نور محمد لاشاري کي اڄ ڀلي دنيا وساري ڇڏي پر جن کيس هڪ دفعو اداڪري ڪندي ڏٺو سي کيس ڪٿي ٿا وساري سگهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو