”سنڌ راڻي“

'ڪهاڻيون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,768
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    لوڪ ڪھاڻي
    ”سنڌ راڻي“
    ممتاز مرزا
    اڍيجن جو سردار، پنھنجي سرداريءَ واري صندليءَ تي نھايت شان ۽ مانَ سان ويٺو ھو. سندس ڏَيا واري چھري تي گھري غور ۽ فڪر جا اھڃاڻ ھئا. سڄيءَ سٿ تي سناٽو ڇانيل ھو، انھيءَ غير معمولي خاموشيءَ جو عالم ڪنھن وڏي طوفان جو اطلاع ڏيئي رھيو ھو، ڪنھن ڪنھن وقت معمولي کنگھڪار، ماٺ واري ماحول ۾ زندگيءَ جو احساس ٿي ڏياريو، سردار جي سامھون واريءَ صندليءَ تي ھڪ ٻيو شخص ويٺو ھو. جنھن جي چھري تي بيچينيءَ ۽ اٻھرائيءَ جا گڏيل تاثرات نظر پئي آيا. سندس چپ، ڪنھن ڳالھ چوڻ لاءِ آتا ھئا. ھن آخري ڀيرو سموري سَٿ تي نظر وڌي ۽ شَھپرن کي وٽڻ لڳو:
    ”سردار! اسين پنھنجا سمورا ويڇا وساري، تو وٽ آيا آھيون. مون کي اميد آھي ته تون اسان جي ڳالھ کي مان ڏيندين... منھنجي پٽ جي سونھن، سورھيائي ۽ فرمانبرداري ڪنھن کان به ڳجھي ڪانھي، شھزادي سونيتيءَ سان زندگي گڏ گذارڻ ۽ اوھان جي غلاميءَ ۾ قبول پوڻ جو ھُو ھر طرح سان لائق آھي!
    اُڍيجن جي سردار جي پيشانيءَ تي گَھرا گُھنج اُڀري آيا- ائين پئي لڳو، ڄڻ ته ھو پنھنجي اندر سان جنگ ڪري رھيو آھي. اچانڪ گونجندار آواز ۾ ھن چيو:
    ”وڌيڪ ھڪ لفظ به نه چئج! تو پنھنجي حيثيت کان وڏي تمام ڳالھ ڪئي آھي. آءٌ توکي فقط انھي ڪري معاف ڪريان ٿو، جو تون مون وٽ آيل مھمان آھين! قوم جي غدارن ۽ گيدين لاءِ سونيتيءَ جو نالو زبان تي آڻڻ جي سزا فقط موت آھي! آءٌ توکي پنھنجي شھزاديءَ جو سڱ ڏيئي، پنھنجي غيور قوم کي ٽِڪو نه لاھيندس!“
    ائين چئي سردار اُٿيو. نوڪر سندس ڪلھن تي لونگي رکي۽ پوءِ ھو ڪنھن به جواب سوال ٻڌڻ ۽ سَٿ تي نظر وجھڻ کان سواءِ ڪچھريءَ مان ھليو ويو.
    سونيتيءَ جي عمر ان وقت فقط اٺ سال ھئي، پر سندس سونھن جي سرھاڻ گھڻن کي مست ڪري ڇڏيو ھو. پري پري جا سردار، سندس سڱ گھرڻ جي سعيي ۾ ھئا، سونيتيءَ جي سونھن تي حورون به حيران ھيون. سندس نزاڪت جي به حد ھئي. پاڻيءَ ۾ گلاب جا ورق وجھي ڍُڪ ڀريندي ھئي ته اھي نڙيءَ مان پيا نظر ايندا ھئا. سندس چنڊ جھڙو چھرو ۽ ڪونج جھڙي ڳچي، جيڪو ڏسندو ھو، سو حيرانيءَ ۾ بُت بنجي ويندو ھو.
    (2)
    ميان سرفراز خان ڪلھوڙو، سنڌ جي گاديءَ جو مالڪ ھو. ڪچھريءَ ۾ امير وزير موجود ھئا. ميان صاحب پنھنجي نياءَ واري سوني صندليءَ تي ٽيڪ ڏيو ويٺو ھو. سندس آڏو اھو اڍيجو سردار بيٺو ھو، جنھن کي سونيتيءَ جي پيءُ کُتو جواب ڏنو ھو. ميان سرفراز، سندس ڳالھ نھايت غور سان ٻڌي رھيو ھو. ھو فريادي بنجي سنڌ جي بادشاھ وٽ آيو ھو، ۽ درٻار ۾ پنھنجو عرض پيش ڪري رھيو ھو.
    ”جيئندا قبلا! سونيتيءَ جي سونھن جي ساراھه ڪرڻ انسان جي وس کان ٻاھر آھي- اھا جيڪر اوھان جي ڪوٽ ۾ سونھي. ھن ملڪ ۾، سواءِ اوھان جي، ٻيو ڪو به سندس لائق وَرُ نٿو ٿي سگھي!“
    ميان صاحب ڇرڪ ڀريو، ۽ فريادي کي تيز نگاھن سان ڏٺو ۽ پوءِ ھن آھستي آھستي چيو:
    ”معزز سرادر اسين ھن سرزمين جا والي آھيون... اسين اھا ڳالھ ڪڏھن به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آھيون ته رعيت جي عزت کي بُري اک سان ڏسون. جيڪڏھن سونيتيءَ جي مائٽن جي مرضي ٿي ته پوءِ اسان کي اعتراض ڪونھي. باقي تنھنجي چئي تي اسين ڪنھن تي به حملو نه ڪنداسون!“
    ميان جو جواب ٻڌي، اُڍيجو، مڪاريءَ سان مُرڪيو، ۽ ادب جا ھٿ ٻڌي، پوئين پيرين ڪچھريءَ مان نڪري ھليو ويو!
    ميان سرفراز، سردار کي جواب ڏيئي روانو ڪيو، پر سندس دل ۾ ھڪ طوفان مچي ويو. رات جو آرام ۽ ڏينھن جو سُک ڦِٽي ويس. ھن ڪنھن طرح سان سونيتيءَ کي ھڪ ڀيرو ڏسڻ چاھيو ٿي. آخرڪار، دل ھڻي دنگ ڪيائين. اشتياق ۽ تجسس کي ڪاميابي نصيب ٿي ۽ سفر جي تياري شروع ٿي.
    (3)
    سونيتي پنھنجي جيڏين سرتين سان تلاءُ تي راند پئي ڪئي. سھيلين جي ساڻس ڏاڍي پريت ھئي. خوشيءَ جي ٽھڪڙن جو ڄڻ ته سمنڊ چڙھي آيو ھو. ڪا سونيتيءَ کي ڀاڪر پيئي پائي ته ڪا پاڻ ڏانھن پئي ڇڪيس.
    ”مون کي اُڃ لڳي آھي!“ فضا ۾ ڄڻ ته سونن روپن گُلن جي ورکا ٿي ويئي. آواز دل جي گَھراين ۾ ھليو ويو. چؤطرف خوشيءَ جا ساز وڄي ويا. سرتين ۾ ڊڪ ڊوڙ پئجي ويئي.. ڪا وٽو پئي ڳولي ته ڪا گلاب جا پن پئي ميڙي، پاڻي آيو ان ۾ گلاب جي گلن جا پن پيا، سرتيون سھيليون کيس وڪوڙي ويٺيون. سونيتي مُرڪي کين ڏٺو، ۽ پاڻيءَ جو وٽو وٺي چپن سان لاتائين. سڀ سرتيون حيران ۽ عجب ۾ سونيتيءَ جي ڪونج جھڙي ڳچيءَ کي ڏسنديون رھيون.
    تلاءُ کان ڪجھ پري، ميان سرفراز اچي خيما کوڙيا ھئا. اھو به انھيءَ ٽاڻي اڪيلي سر پسار ڪندو اچي تلاءُ وٽ پھتو ۽ سونيتيءَ کي پاڻي پيئندو ڏٺائين. سندس قدم ڄمي ويا، جسم پٿر ٿي ويو. سونيتيءَ جي سونھن سندس دل جي پکي کي تڙپائي ڇڏيو ۽ پڪو پھ ڪيائين ته سونيتيءَ کي پنھنجي راڻي بڻائيندس!
    (4)
    بادشاھ جي منزل گاھه تي، ڳوٺن ۽ راڄن جا چڱا مڙس، ميان صاحب جي سلام ڀرڻ لاءِ اچي حاضر ٿيا ھئا. سڀني کي ميان صاحب، حيثيت موجب مانُ ڏنو. جڏھن موڪلايائون، تڏھن ميان صاحب، سونيتيءَ جي پيءُ کي ترسڻ جو اشارو ڪيو.
    ”معزز سردار! اسين توکي بادشاھي گھراڻي سان رشتو ڳنڍڻ جي دعوت ڏيون ٿا. قدرت شھزاديءَ سونيتيءَ جي قسمت جي عروج ڏسڻ جي خواھشمند آھي.!“
    اُڍيجي سردار جو ڪنڌ ھيٺ ٿي ويو. سندس منھن جا رنگ بدلجڻ لڳا. چند گھڙين کان پوءِ ھن وراڻيو:
    ”بادشاھ سلامت! منھنجي خوشقسمتيءَ تي ٻين کي ريس ٿيندي. آءٌ پاڻ کي نھايت ڀاڳ وارو ٿو سمجھان، مگر اسين پنھنجي قوم کان ٻاھر ڪنھن کي به سڱ ڪونه ڏيون... مون کي معلوم ٿيو آھي ته منھنجي ھڪ مخالف جي فرياد تي اوھان چڙھائي ڪئي آھي. پر اوھان اسان لاءِ قھر جي پاران رحمت بنجي آيا آھيو. مان شان سان سنڱ گُھريو اَٿوَ. توھان ملڪ جا بادشاھ آيو- منھنجي ڇا مجال، جو اوھان جي احسانن کان انڪار ڪري سگھان. آءُ توھان کي پنھنجي ڌيءَ سونيتيءَ جو سڱ ڏيڻ قبوليان ٿو؛ پر شھزادي اڃان مکڙي آھي، جڏھن وقت آيو، تڏھن ھي غلام اوھان جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو!
    ميان سرفراز نھايت خوش ٿيو ۽ سردار کي سروپا ڏيئي رخصت ڪيائين. ان ڏينھن کان سرتين جيڏين، سونيتيءَ کي ”سنڌ راڻي“ سڏڻ شروع ڪيو.
    (5)
    ميان سرفراز خداآباد پھچي، سردار کي نوازڻ شروع ڪيو، ۽ سردار به ميان صاحب جي احسانن جي شڪرئي بجا آڻڻ لاءِ وٽس اچڻ لڳو. سردار ھڪ دفعي ميان صاحب جي دعوت تي باقبيلي خدا آباد ويو. کيس شاھي ڪوٽ ۾ عزت سان ويھاريو ويو. بلوچ سردار ان وقت ميان صاحب جي ڪوٽ ۽ ڪچھريءَ جا محافظ ھئا. ان وقت مير مرزي خان جو نوجوان پٽ، مير باگو خان، ميان صاحب جي حاضريءَ ۾ خداآباد ۾ موجود ھو. سردار جي روانگيءَ وقت اتفاق سان مير باگي خان جي نظر سونيتيءَ تي پيئي. دل بيتاب ٿي ويس. عشق، نوجوان مير باگي خان کي گھائي ڇڏيو، پر ميان صاحب جو ننگ ڄاڻي، پنھنجي پيار کي گُھٽي ڳالھ وساري ڇڏيائين.
    ٿوري ئي عرصي کان پوءِ ”سنڌ راڻي“ ۽ ميان سرفراز جو مڱڻو ٿي ويو.
    (6)
    ”سنڌ راڻي“ جي سونھن ھاڻي محلن ۾ بيان ٿيڻ لڳي ھئي. ھر ڪنھن جي زبان تي سنڌ راڻيءَ جو نالو ھو. شاھي گھراڻي جي اڪثر فردن، روديده نگاھن سان ”سنڌ راڻي“ کي ٿي ڏٺو، ۽ دل کي ھٿن سان دٻائي، ٿڌا ساھه ٿي ڀريائون ”سنڌ راڻي“ جي سونھن انھن کي به گھائي ڇڏيو ھو. سنڌ راڻي جي عشق ۾ گرفتار ٿيلن مان ميان سرفراز جو چاچو ميان عبدالنبي به دل کسائي ويٺو ھو. قدرتا جلد ئي ميان سرفراز جو زوال شروع ٿيو. ميان صاحب گرفتار ٿيو. ۽ ميان غلام نبي سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. ميان عبدالنبي، ميان سرفراز کي قتل ڪرائي ڇڏيو. انھيءَ دردناڪ واقعي جي خبر جڏھن اُڍيجي سردار کي ملي، تڏھن ڏاڍو ارمان ٿيس، ’’سنڌ راڻي‛‛ به روئي روئي اکيون سُڄائي ڇڏيون، چي منھنجو بخت مون کان پٺيرو ٿيو آھي!“
    ٿوري ئي وقت ۾، حڪومت جون واڳون ميان عبدالنبيءَ جي ھٿ ۾ اچي ويون. سوڀياوان ”سنڌ راڻي“ جي صورت سندس دل تي اڳيئي نقش ٿي چڪي ھئي، سو گاديءَ تي ويھڻ شرط اُڍيجي سردار ڏي پنھنجا ماڻھو اُماڻيائين.
    (7)
    سردار جي چھري تان ھڪ رنگ لٿو ٿي، ٻيو چڙھيو ٿي. ميان عبدالنبيءَ جا ماڻھو وڏيءَ ھوڏ سان ويٺا ھئا. سردار بيٺو ھو ۽ ڪنھن به ويھڻ لاءِ نه چيو ھڪ شخص اتاولائيءَ سان چيو:
    ”سردار! سونيتي شاھي سڱ آھي، ٻانھن اسان جي حوالي ڪر!“
    سردار جي دل ۾ باھه ڀڙڪي اٿي. ھن ميان جي ماڻھن ڏانھن نھاريندي، نھايت ڏَيا سان چيو:
    ’’ميان کي وڃي چئو ته اھو سڱ وٺڻ جو دستور نه آھي. زور جي ميندي ڪڏھن به نه لڳندي. آءُ سڱ ڏيڻ کان انڪار ٿو ڪريان!“
    ”حياتيءَ تان اھو کنيو اٿئي ڇا؟“
    عزت ۽ مانَ کان مٿي حياتي ڪانھي.- منھنجي جيئري، سونيتيءَ جو سڱ ميان کي نه ملندو! ... اھڙو اھو کتو جواب ٻڌي اٿي کڙا ٿيا.
    (8)
    ميان عبدالنبيءَ کي ھڪ ھنڌ ٽِڪاءُ نه پئي آيو. ھن جي چھري تي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا تاثرات پوري طرح قبضو ڪري چڪا ھئا.
    ”اُڍيجي کي انھيءَ جو ڪِيتو ڏيڻو پوندو. ھن اسان سان انڪار ڪيو آھي. اسان جڏھن به ڪنھن شئي جي حاصل ڪرڻ جي خواھش ڪئي آھي، سا حاصل ڪئي آھي! پوءِ چاھي ان لاءِ اسان کي رت جون نديون ڇو نه وھائڻيون پون. سونيتي اسان جي ’سنڌ راڻي‘ ٿيندي، اھو اسان جو آخري فيصلو آھي!“
    ”بيشڪ سائين! اوھان سان ڪير مقابلو ڪري سگھندو!“
    ”اسان جو حڪم آھي ته يڪدم گستاخ اُڍيجي سردار کي ھتي حاضر ڪيو وڃي. سندس موت ۽ حياتي، سندس ئي جواب تي منحصر رھندي.!“
    (9)
    ميان عبدالنبي پنھنجي بادشاھي تخت تي ويٺو ھو. ڪچھريءَ ۾ ٻيو ڪير به موجود نه ھو، سواءِ اُڍيجي سردار جي. ميان جي چھري تي انتقامي خوشيءَ واري مرڪ سبب، سندس واڇون ٽڙيل ھيون.
    ”ڇا ٿو چوين مون کي سونيتيءَ جو سڱ ڏين ٿو يا نه؟.“
    ”نه ھرگز نه!“
    تنھنجي حياتي منھنجي ھٿ وس آھي آءٌ چاھيان ته ھڪ گھڙيءَ ۾ توکي ختم ڪرائي سگھان ٿو!.
    ”آءٌ ڄاڻان ٿو، پر مون کي حياتيءَ جي پرواھ ڪانھي. ھن دنيا ۾ عزت لاءِ جيئڻ مردن جو شان آھي... بيعزتيءَ واري حياتيءَ کان موت بھتر آھي!.“
    ميان عبدالنبي ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو. ٽپ ڏئي اُٿيو تلوار ڪڍي، اُڍيجي سردار تي وار ڪيائين. سردار جي سسي پري وڃي پئي. ۽ جنھن بادشاھي ڪچھريءَ ۾ انصاف پلئه پوندو ھو، اتي ھڪ بيگناھه جي خون جي سرخي پکڙجي ويئي. پوءِ سونيتيءَ جي ڀاءُ ”سائينڏني“ کي مجبور ڪري، زوريءَ سونيتيءَ سان مڱڻو ڪيائين، ۽ کيس پنھنجي ”سنڌ راڻي“ بنائڻ جو اعلان ڪيائين.
    (10)
    اُڍيجي سردار جي بيگناھ موت ۽ سونيتيءَ سان زوري مڱڻي واري واقعي، مير باگي خان جي دل ۾ سُتل نينھن وري جاڳائي وڌو. ھن، ميان عبدالنبيءَ جي ظلم کان بچائڻ لاءِ، مظلوم سونيتي ۽ سائينڏني کي، مير فتح علي خان جي سام ۾ اچي ڏنو. مير فتح علي خان، ٻنھي کي دلداري ڏئي پنھنجي ڪوٽ ۾ رھايو. انھيءَ عرصي ۾ ميان عبدالنبي، مير بجار خان ۽ ٻين ٽالپرن کي شھيد ڪرايو. آخرڪار، مير فتح علي خان ۽ ميان عبدالنبيءَ جي جنگ لڳي، جنھن ۾ مير صاحبن کي فتح نصيب ٿي. ميان عبدالنبي شڪست کائي، گجرات ڏانھن ڀڄي ويو، ۽ سنڌ جي حڪومت ٽالپر اميرن جي ھٿ ۾ آئي.
    سونيتي ۽ سائينڏنو، ان وقت ميرن جي پناھ ۾ ھئا. فتح کان پوءِ سائينڏنو خوش ٿيو ۽ پنھنجي ڀيڻ کي چيائين: ”ھاڻي ھلي پنھنجا اباڻا پَٽ وسايون!“ پر سونيتي، جنھن ھيتري خونريزي ڏٺي ھئي ۽ پاڻ کي بدبخت تصور ڪرڻ لڳي ھئي، تنھن خيال ڪيو ته موٽي ھلڻ سان وري الائي ڪھڙو ٻارڻ ٻري، تنھنڪري ڀاءُ کي چيائين ته ”ادا! مون لاءِ ھن ڪوٽ مان ٻاھر نڪرڻ نٿو جڳائي. منھنجو سڱ، مير صاحبن جي حوالي ڪر، پوءِ جيئن منھنجو بخت ھوندو، تيئن ٿيندو.“
    ڀيڻ جي ڳالھ، سائينڏني کي دل سان لڳي آئي، سڄي حقيقت اچي مير فتح علي خان سان ڪيائين. مير باگو خان اڳيئي سونيتيءَ تي مفتون ھو، تنھن ڪوشش ڪئي ته ’’سنڌ راڻي“ کيس ملي. ڪن جو خيال ھو ته مير فتح علي خان سنڌ جو فاتح آھي، ”سنڌ راڻي“ جو سڱ ان کي ئي سونھي. بلوچن سردارن ڏٺو ته ھاڻي ڳالھ مان ڳالھوڙو ٿيندو، وري ٿو سونيتيءَ تان ڦيٽاڙو پوي، سو ڪچھري ڪوٺايائون.
    (11)
    مير فتح علي خان، بادشاھي تخت تي ويٺل ھو. ٻيا امير به پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ويٺا ھئا. ھڪڙي مير اُٿي چيو:
    ”ڀائرو! ”سنڌ راڻيءَ“ جو قدم ڳرو آھي. ھن کان اڳ جنھن جي نالي به ھيءُ سڱ ٿيو، سو سلامت نه رھيو: سرفراز مارجي ويو، ڪلھوڙن کان اميري ويئي، ھاڻي اسان ۾ ٿو ڏڦير پوي. انھيءَ ڪري اسين ھڪڙو شرط ٿا وجھون - جيڪو اھو قبوليندو، ”سنڌ راڻي“ ماڻيندو!“
    ”ڪھڙو شرط ؟“
    ”جيڪو ”سنڌ راڻي“ پرڻبو اھو ملڪ ۽ ملڪيت تان ھٿ کڻندو!“
    سڀيئي ٽالپر امير ويچار ۾ پئجي ويا. ٻيا ڪُڇن ئي ڪُڇن، تنھن کان اڳي مير باگو خان اٿي بيٺو ۽ چيائين ’’مون کي شرط قبول آھي!“ سڀني اميرن يڪمشت ٿي چيو ”بس، فيصلو ٿي چڪو، پر جڏھن ته ميان عبدالنبي ”سنڌ راڻيءَ“ جو پيءُ مارائي ڇڏيو ھو، ۽ مير فتح علي خان سڀني ۾ وڏو آھي، تنھنڪري اُھو پيءُ ٿي، ”سنڌ راڻي“ مير باگي خان کي پرڻائي ڏئي!“
    (12)
    سنڌ جو فاتح، مير فتح علي خان سخت پريشان نظر پئي آيو. سندس من ۾ آنڌ مانڌ متل ھئي. فيصلو ڪرڻو به کيس ھو، پر فيصلو ڪري نه پئي سگھيو. ”سنڌ راڻيءَ“ جي سونھن جو تجلو ھڪ ڀيرو ڏسي چڪو ھو. سندس دلي تمنا ھئي ته ”سنڌ راڻي“ سندس ئي پَٽ - راڻي بنجي، پر راڄ وارن ۽ مير باگي خان سندس دل جو سڪون کسي ورتو ھو. اوچتو سندس دل ۾ ڪو خيال آيو. اميد جي روشني نظر آيس ٿي سگھي ٿو ته سنڌ راڻي مير باگي خان کي قبول نه ڪري، آءُ کائنس پڇي ته ڏسان! اھو خيال ڪري، مير صاحب ڪوٽ ۾ ويو. پوش پوش، جا آواز بلند ٿيا. پردي جي پٺيان ’’سنڌ راڻي‛‛ ويٺي ھئي. مير صاحب چيو:
    ”سنڌ راڻي! توکي خبر آھي ته ڪچھريءَ ۾ مير باگي خان، ملڪ ۽ ملڪيت ڇڏي، توسان شادي ڪرڻ قبول ڪئي آھي جيڪڏھن تون اھو قبول ڪرين ته!“
    مير صاحب وڌيڪ ڪُڇي نه سگھيو. ڪجھ وقت ماٺ رھي مير صاحب ”سنڌ راڻيءَ“ جي جواب جي انتظار ۾ پردي جي پٺيان گھورڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. اوچتو فضا ۾ روپن ۽ سونن گلن جي ورکا ٿيڻ لڳي. چؤطرف چاندي جون تارون وڄڻ لڳيون. مير صاحب ششدر، اھو آواز ٻڌندو رھيو، جيڪو پردي جي پٺيان جادو پکيڙي رھيو ھو:
    بادشاھ سلامت! جيڪڏھن باگي جو نالو مون تي پئجي چڪو آھي ته مون کي انڪار ڪونھي. پر آءُ راڄن توڙي حاڪمن تي ڄڻ بدبختي جي علامت آھيان. پنھنجن ۾ وير وڌم ميان سرفراز خان بيگناھه شھيد ٿي ويو. پنھنجي پيءُ جي موت جو ڪارڻ بڻيس. ميان عبدالنبي پنھنجي صاحبي وڃائي. اوھان ۾ به منھنجي سڱ تان نفاق پوي ھا، پر اوھان دور انديشي ڪري فيصلو ڪيو آھي. ھاڻي جيڪو مون سان پرڻبو، سو مفلسيءَ جي زندگي گذاريندو. اھڙي جيئڻ کان ته مرڻ سٺو آھي. ھاڻي بھتر آھي ته پنھنجي خنجر سان منھنجي حياتي کي ختم ڪري ڇڏيو منھنجو خون، ھن دنيا ۾ توڙي قيامت ۾ توھان کي بخش آھي!
    مير صاحب اونھي ويچار ۾ پئجي ويو. دل جي ھوس، پڌري محبت ۾ بدلجي ويئي. ھن شفقت سان چيو ته
    سنڌ راڻي! منھنجو خيال ھو ته توکي پنھنجي نڪاح ۾ آڻيان، پر ھاڻي آءُ خود تنھنجو پيءُ آھيان، تنھنجي ٻانھن باگي کي سکڻين ھٿين ڪونه ڏيندس.
    جلدئي، ”سنڌ راڻي“ ۽ مير باگي خان جي شادي ٿي. مير فتح علي خان، فرمان جاري ڪيو ته ”مير باگو خان، گونيءَ مان ھڪڙو واھه کڻائي. ان جي پاڻيءَ تي جيڪا زمين آباد ٿي سگھي. سا سندس جاگير طور قبول ڪئي ويندي!“
    مير باگي خان، پوءِ لاڙ ۾ اچي پنھنجو ڪوٽ ٻڌو. سنڌ راڻي سندس حياتي بڻجي وئي. ھو سندس محبت ۾ اھڙو ته مست ٿي ويو. جو شاديءَ کان پوءِ ٻارھن مھينن تائين ڪوٽ مان ٻاھر نه نڪتو. آخرڪار، ھڪ سال کان پوءِ شاھي واھه کوٽايائين، جنھن تي ھزارين ايڪڙ آباد ٿيا ۽ اھو واھه سندس نالي سان ’’باگو واھه‛‛ سڏجڻ لڳو. ڪيترائي غريب غربا لَڏي اچي سندس ڪوٽ وٽ ويٺا. ڪوٽ بنجي ڳوٺ ٿيو، جيڪو اڄ ”ٽنڊي باگي“ جي نالي سان مشھور آھي.
    اڃا اھي خوشيءَ جون محفلون متل ئي ھيون ته ”سنڌ راڻي“ جو ڀاءُ ڪنھن حادثي جو شڪار ٿي ويو. پنھنجي اڪيلي ڀاءُ جي اوچتي موت تي سنڌ راڻي کي سخت صدمو رسيو ۽ ھو بيمار ٿي پيئي. ان وقت سندس عمر فقط چوويھ سال ھئي. ”سنڌ راڻي“ جي بيماريءَ مير باگي خان کي سڀڪجھ وسارائي ڇڏيو. گھڻيئي حيلا ڪيائين، پر ھوءَ ڏينھون ڏينھن بيمار ٿيندي وئي. آخرڪار، مير باگي خان جي محبت ۽ تاريخ جي ھن عجيب ڪردار 5 رمضان 1104ھه تي زندگيءَ جا پَساهه پورا ڪيا!.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    تخت بخت تماچي،ٽيئي پيا نوريء کي نمن۔۔
    سنڌ راڻي اسان جي تاريخ جو انوکو ڪردار آهي،جنهن جي گهڻن
    ماڻهن کي اڃان تائين خبر ئي ناهي۔سندس آخري آرام گاهه
    ماتليء لڳ آهي۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو