• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي منتظم اعلي ادا ذيشان رشيد کي جنم ڏينهن مبارڪ

علي ظفر

نائب منتظم
انتظامي رڪن
مان ڪڏنهن ڪڏنهن پاڻ کي خوشنصيب سمجهندو آهيان ته اللله تعالي مون کي رشِيد جهڙو دوست ڏنو دوست کان وڌيڪ جي هڪ سهيلي چوان ته به وڌاء نه ٿيندو ڇو ته مون کي ڪڏنهن ڪڏنهن راز جو ڳالهيون رشيد سان ڪرڻ وقت اهو لڳندو آهي ته مان مرد نه پر مائي هجان اسان دوست نه پر سهيليون آهيون جيڪي هڪ ٻي سان سرباٽن ۾ ڪچهريون ڪنديون آهيون پر اهو احساس تڏنهن ختم ٿيندو آهي جڏنهن رشيد دڙڪو ڏيندي چوندو آهي ته ڀلا جي نٿي وڻئي مهنجي ڳاله ته مٿو نه کاء گهڻو منهنجو .............. تڏنهن احساس ٿيندو آهي ته مان ڪنهن مرد سان ڪچهري ڪري رهيو آهيان ۽ مان به هڪ مرد آهيان ههههههه جي ڪا ڳالهه مون کي ادي سليمان وساڻ تائين پهچائڻي هوندي آهي ته به هي ئي سهيلي مهنجي ڪم ايندي آهي مطلب ته هڪ سهيلي وارو ئي نه پر هڪ ماء وارو ڪردار به ادا ڪري ويندو آهي ته جيئن ڪا شرميلي نياڻي (جيئن آءن ههه) پهنجي ڪنهن ڀاء يا پهنجي ڪنهن عزيز کي ڪا فرمايش ڪرڻ چاهيندي هجي ۽ اها ڊاريڪٽ نه چئي سگهندي هجي ۽ پهنجي سهيلي يا ماء جي وسيلي سان ڳاله پهچائيندي آهي ائين ئي ڪڏنهن ڪڏنهن ادا رشيد مهنجي ڳاله به مهنجي پياري دوستن تائين پهچائيندو آهي ( پوء هاڻي عرس پريو ان کي ڪهڙو به نالو ڏي اها عرس جي مرضي آهي هههه )خير دوستن سان نڀائڻ وارو دوست رشيد سمون منهنجي جڏهن پهريون دفعو ڪراچي ۾ رشيد سان ملاقات ٿي هئي ان وقت مون ئي مون کي محسوس ٿيو هو ته هي يار پهنجي ياري جي لائق آهي ان سان ياري سٺي ڄمندي پر هن جي ڳاله وانگر يار سڏائي هر ڪو پر ياري کان وڌيڪ جي مان دنيا ۾ ڪنهن ماڻهون تي ٽرسٽ ڪندو آهيان ته به اهو رشيد سمون ئي آهي جنهن وٽ مهنجي اي ميلز اڪاونٽن جا پاس ورڊن کان وٺي مهنجو لکين رپيا به مان ان دوست جي بينڪ اڪاونٽ ۾ رکندو آهيان ۽ اهو ئي سبب آهي ته مان الله جو شڪر ادا ڪندو آهيان ته رب پاڪ مون کي رشيد جهڙو دوست ڏنو اهي جنهن تي مان اکيون ٻوٺي اعبار ڪندو آهيان ۽ جنهن مهل به مان اداس هوندو آهيان ۽ گارين ڏيڻ ۽ کائڻ جو موڊ هوندو آهي ته به رشيد جو ئي در کڙڪائيندو آهيان ۽ هي يار دل سان سليمان وساڻ جي ڳاله وانگر ڪلاسيڪل دڙڪا ڏيندو به آهي ته برداشت به ڪندو آهي جادوگر جي نالي سان هي دوست مشهور آهي جنهن جا جادو جا ڪرتب اوهان سنڌ سلامت تي ڏسي چڪا آهيو ادا رشيد جون سنڌي ٻولي لاء خدمتون خاص ڪري سنڌ سلامت جي دوستن کان ڳجهيون نه آهين منهنجي دعا آهي ته اسان جو هي دوست پهنجي زندگي جا هزارين سال ڏسي شال آباد هجي ۽ خوش هجي
555332_412269058863397_1581856546_n.jpg
 
ادا علي علي صاحب رشيد صاحب لاء ڪرايل شخصي تعارف سان مان سو سيڪڙو اتفاق ٿو ڪريان۔ ادا اهيا هڪ حقيقت آهي ته رشيد صاحب ظاهر ۾ ته هڪ دنيا دار ۽ سائنسي دور جو ماڻهون لڳندو آهي، ۽ سندن گهڻو ڪم به سائنس ۽ جديد دور جي ٽيڪنالاجي واري شعبي سان ئي سلهاڙيل رهيو آهي، جنهن جو وڏو نتيجو هي سنڌ سلامت جو فورم آهي۔جنهن جي مدد سان اسان پنهنجي ٻولي ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائي سگهون ٿا، ۽ پنهنجي ٻولي سان محبت جو اظهار ڪري سگهون ٿا۔۽ موجوده دور ۾ رشيد صاحب سنڌي ٻولي جي بهترين خدمت ڪري رهيا آهن۔ ۽ مان ته اهيو چوندس ته رشيد صاحب موجوده دور جي حساب سان سنڌي ٻولي جي بهترين خدمت ڪندڙن مان هڪ آهي، جنهن جي ڪم جي تعريف ڪرڻ کانسواء ماڻهون رهي نه ٿو سگهي، پر ادا مون ته رشيد صاحب ۾ هڪ فقير صفت انسان پسيو آهي۔ جنهن جون جهليون سندس ونڊ ڪيل تحريرن مان ظاهر ٿينديون آهن۔سندس چونڊ به بهترين چونڊ هوندي آهي ۽ پاڻ جڏهن به ڪا ونڊ ڪئي اٿن ته ان مان ماڻهن جي اصلاح وارو پهلو ئي مليو آهي۔دعا آهي رب پاڪ هن فقير صفت دوست جي هر مشڪل آسانڪري ۽ سندس ڪم ۾ آسانيون پيداڪري جنهن سان سندس ۽ سنڌ سلامت جي دوستن توڙي سنڌ سلامت کان ٻاهر جي دوستن جو فائدو ٿئي۔ادا منهنجي طرفان به هن فقير صفت دوست کي دل جي گهراين سان جنم ڏينهن جون واڌايون قبول پون۔
 

1949 اٽيچمينٽ ڏسو
(هي تصوير ڏسي اندازو لڳايو ته نيٽ سان ڪيترو چاهه اٿس۔ واءِ ٽرائب، ايوو، ڊي ايس ايل ۽ سامسنگ گيليڪسي۔ مطلب ڪو به چانس ناهي ته نيٽ نه هُجي۔)


ذيشان رشيد هڪ نه ٽُٽندڙ عزم جو ٻيو ناءُ

انهي وقت آئون به سنڌ سلامت جي ان وقت جي (۽ هاڻي به) کوڙ سارن گوسڙو ميمبرس وانگي ايندو ويندو رهيس. پر رشيد جي ڪا خبر نه هئي.
پر جيئن ئي سنڌ سلامت کي وڌيڪ وقت ڏنو ته رشيد سمون نالي واري همراهه ۽ هڪ جادوگر جي اوتار سان ظاهر ٿيندڙ فورم جي انتظامي لڏي جي سردار جا ليک ۽ انهيءَ کان وڌيڪ موضوعن تي جواب وڻڻ لڳا.. . . . گهڻا وڻڻ لڳا ۽ ديوانگي جي حد تائين وڻڻ لڳا. پر الاءِ ڇو سندس باري ۾ پهرين راءِ ڪُجهه اهڙي قائم ٿي جو ساڻس ملڻ کان لنوائڻ لڳس. سنڌ سلامت پاران الطاف شيخ جي شان ۾ ملهايل سچل ڳوٺ واري شام ۾ سندس شرڪت جي خبر پئي پر پوءِ آئون حقير هو عظيم وارو احساس برقرار رهيو ۽ ساڻس ملي نه سگهيس.
سندس ليک پڙهڻ ۽ سندس رايا ڏسڻ نه ڇڏيم نه وري سندس باري ۾ سليمان وساڻ کان پُڇڻ ڇڏيم. سليمان تڏنهن به ايئن ڪندو هو ۽ اڄ به ڪندو آهي جو پر پُٺ کيس پيار مان مٺيون ويٺو ڏيندو. صدقو گهور پيو ويندو پر سامهون يا فون تي هن معصوم سان اهڙي ڪندو جو وڃي ٿيا ست خير. سو جيستائين هن سان نه مليس سليمان پاران هن جي واکاڻ سندس عزت اڃان وڌئي ڇڏي.
نيٺ هڪ ڏينهن آئون رول ڄامشورو کان رُلندو جو اچي سچل ڳوٺ پُهچان ته سليمان ٻُڌايو ته رشيد آيل آهي. دير ئي نه ڪيم وڃي مليس. پر سليمان جي ٻٽي معيار (رشيد لاءِ روبرو ۽ پر پُٺ) جيان رشيد جون ٻه مختلف (پر صفا ڪاٽو واڌو جهڙيون) شخصيتون آهن. هڪ اُها جنهن ۾ اوهان کيس فيس بوڪ تي ننڍڙن احساسن کي بيان ڪندڙ ڪمال انتخاب سان تصويرون اپلوڊ ڪندڙ رشيد، سنڌ سلامت تي روز ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪو نئون ڪم ڪرڻ جي جستجو ۾ لڳل ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لاءِ پنهنجي اولاد جيان فڪرمند رشيد. جنهن لاءِ اوهان آساني سان وڏي ماڻهو هجڻ جي راءِ قائم ڪري سگهو ٿا.

پر ٻيو رشيد آهي اوهان جي سامهون. اهو رشيد صفا مختلف آهي. وڏائي يا ٺٺ ته هن جي پاسي مان به ناهن گذريا. پاڻ پڏائڻ واري ڳالهه به ڪڏهن نه. بس مقصد ۽ مقصد جي پورائي لاءِ ڪم. پوءِ ڪير ڪري ٿو؟ نالو ڪنهن جو اچي ٿو؟ انهيءَ سان رشيد کي ڪو غرض ناهي. ها جي رشيد کي فڪر آهي ته اها ته ڪٿي ڪا چُڪ ته نه رهجي وئي؟ ڪٿي ايئن ته نه ٿيو جو بهتري جي گنجائش هوندي به ڪا ڪمي رهجي وئي. ڪنهن جو وقت يا پئسو انهيءَ ڪم ايئن ته نه لڳو جو هُن جي ذاتي زندگي تي ڪو اثر پيو هُجي. رشيد کي سدائين نيڪ مقصد ۽ ڪنهن کي گهٽ کان گهٽ زحمت ڏيندي ڪرڻ سُٺا لڳن ٿا. باقي همراهه ايترو آپٽيمسٽ آهي جو وٽس لفظ ”نه“ ته آهي ئي نه۔ جيڪو ڪم چئو چوندو ها ڇو نه ٿيندو؟ ايستائين جو سندس بلاگ به اميدون نالي سان آهي۔ جنهن تي لکي ٿو اميدون جيڪي مرڻيون ناهين
هو جنهن اداري سان وابسته آهي اتي ڪو ٻيو هُجي ته شايد سنڌ سلامت فورم کولڻ جي جسارت ئي نه ڪري ها پر هن ڀلي انسان نه رڳو اهو جوکم کنيو پر سنگت کي ساڻ ڪري خوب نڀايو. ۽ اڄ جڏنهن هو ٻڌي ٿو سنڌ سلامت دنيا جو سڀ کان وڏو سنڌي فورم آهي ته سندس اکين جي چمڪ اها ئي هُجي ٿي جڏنهن ڪنهن ماءُ جو ڪونڌر لائون لهي ٿو. انيڪ دفعا ايئن ٿيو جو خلافِ توقع فورم تي ڏکيا وقت آيا پر رشيد صبر ۽ تحمل جي واحد هٿيار سان سڄي سنگت کي ساڻ ڪري انهيءَ کي منهن ڏنو.
اڄ هتي موقعي جو فائدو وٺندي سندس ذاتي زندگي جي باري ۾ لکڻ چاهيندس جيڪي ڳالهيون متان سڀني کي خبر نه هُجن.
1. رشيد سنڌ سلامت جي ڪنهن پروجيڪٽ لاءِ فون ڪري ته سمجهو اوهان جو ڊنر اڄ ٺري ويو يا اوهان جي گهر وارن سزا طور اوهان لاءِ رکڻ ئي ڇڏيو. ڇوته رشيد جي ڳالهين ۾ گُم ٿيل شخص کي بُک جي خبر تڏنهن پوندي آهي جڏنهن ٻه اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ اوهان ڪال ختم ڪندا (يا بئٽري ختم ٿي موبائيل بند ٿيندي) ۽ سڀ سُتل هوندا ۽ ماني نالي ڪا شيءِ نه هوندي. ۽ ضروري ناهي ته اوهان جي موبائيل بند ٿي وڃي ته اڳيان رشيد به بس ڪري وڃي. سندس ڳالهه هلند ي پئي. ۽ پوءِ ٻي ڏينهن پُڇا پئي ٿيندي ته يار ڪهڙي ٽائيم ڪال ڪٽجي وئي ته اڄ وري اُتان ئي شروع ڪجي.
2. سنڌ سلامتي دوست عرس ۽ رشيد جو ننڍي لاڪون پيارو ساٿ آهي. رشيد اوهان کي ڪٿي به نه لڀي ته سمجهو پڪ ڊرگ روڊ جي پاسي ۾ رهندڙ عرس وٽ چانهه جا چسڪا هڻڻ ويل آهي. رشيد، ليپٽاپ ۽ عرس جي چانهه هڪ اهڙو ميلاپ آهي جنهن سنڌسلامت جي کوڙ سارن ڪمن کي اڳتي ڪيو آهي. اوهان جيڪي سنڌ سلامت جا پروجيڪٽ ڏسو ٿا سي عرس جي چانهه جي فيول تي ٺهيل آهن. رشيد کي عرس جي چانهه جو ايترو نشو آهي جو ڪڏنهن عرس کي ناراض ڪرڻ ناهي چاهيندو. جڏهن هو يا اسان مان ڪو سندس پاران ڏنل عرس جي باري ۾ ڪا راءِ بيان ڪندو آهي ته جلدي وضاحت ڪندو ته هي ڳالهه عرس کي چوڻي آهي يا هي ڳالهه عرس کي ناهي چوڻي.
3. رات جا ٻه ٿيا هُجن ۽ رشيد ڪنهن پرجيڪٽ تي ڪم ڪندي ٿڪي ٽُٽي سمهڻ جو ارادو ڪندو هجي اوهان رڳو کيس ٿورو احساس ڏياريو ته پروجيڪٽ جي هي اينگل ته واهه جي آهي. يا هي چُڪ ته رهجي وئي. بس رشيد جي ننڊ وئي. خبر تڏنهن پوندي جڏنهن صبح جو اُٿو ته رات جي آخري پهر ۾ آيل ايس ايم ايس رشيد جو هوندو ۽ لکيل هوندو ”ادا ٿي ويو“.
4. علي سان هن جو هڪ انوکو رشتو آهي. علي جو ذڪر هُجي ۽ رشيد چپ ڀڪوڙي سندس شڪايت نه ڪري اهو ممڪن ئي ناهي. فورم جي ڪمن کي ڇڏي ڪري باقي شايد ئي ڪا ڳالهه هُجي جنهن تي هنن ٻنهي وچ ۾ ڪو اتفاقِ راءِ هُجي پر پوءِ به ياري نڀائيندا ٿا اچن. ڪڏنهن به نه وسرندو علي جو پنهنجي ئي شادي ۾ وڃائجي وڃڻ ۽ ڪنواريتن جو رشيد کان علي جو ڏس پتو پُڇڻ ۽ رشيد جو فون ڪري علي کي چوڻ اچين ته اچ نه ته حالي مان ئي وڃي ويهان سيٽ تي.


دُعا آهي ته هي ڀلو شخص سدا ايڏو ئي رهي. سدا اهڙو ئي رهي. ۽ منهنجي ۽ سندس ڀاڀي کي الله اڃان صبر عطا ڪري جِن جا اڪثر حقي وقت اسان جون ڪچهريون کسي وينديون آهن. ۽ هو پوءِ به چُپ رهن ٿيون.
 
محترم دوست رشيد سمون لا ڍير ساتريون دعائون ۔۔۔ ڪجهه ته علي ظفر پنهنجيون کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪري دوست رشيد سان مذاح ڪئي ۽ پئسن جو ذڪر نه وساري سگهيو ۔۔۔ ” جنهنجي گندي ۾ داڻا تنهنجا چريا به سياڻا“

علي ظفر جون ڳالهيون پڙهي مونکي قصو ياد اچي ويو، جنهن ۾ هڪ دوست ٻي دوست جي ڪائنچ پائي دعوت ۾ ويو، جنهن دوست جي ڪائنچ هئي تنهن ان دوست جو تعرف ڪرائيندي چيو ته تمام سٺو ماڻهون، تمام ڀلو انسان، سڀ ڪجهه پنهنجو اٿس، سوا ڪائنچ جي ۔۔۔ بلڪ اهو به ته ڪائنچ ۾ اڳٺ پنهنجو اٿس۔

مٿان وري جڏهن وارو آيو عبدالحفيظ جو ته جيڪو ڪجهه پاڻ کي چوڻو هيو انکان به سهڻي انداز بيان سان اسانجي اندر جي ڳالهه ڪري ويو ۔۔۔ هاڻ پاڻ چئون ته ڇا چئون ۔۔۔ را سان متفق ٿيڻ کان علاوه ڪو چارو ناهي ۔۔۔

آ گهڻو هن دوست لا ته نه چئي سگهندس، ڇاڪاڻ ته هن دوست جي دوستي ۽ شخصيت لا شايد لفظ اها ادائگي ڪري نه سگهن جيڪي من ۾ آهي ۔۔۔ سلڇڻو، کلڻو، رلڻو ملڻو، دوستن جو دوست ۽ دشمنن لا به اصول رکندڙ دشمن ۔۔۔

پنهنجي هون به لڳندي آهي سنڌ دوستن سان، انڪري ائين چئجي ته سنڌ دوست نه پر سنڌ جو عاشق آهي ۔۔۔ سنڌي ٻولي سان چاهه به ايترو ئي اٿس جيترو ڪنهن سڄڻ کي ساڻيهه سان هجڻ کپي۔

دعا آهي ته هي دوست زندگي جون سڀ بهارون، پنهنجي پوري صحت ۽ ڏاهپ سان پسندو ۽ ماڻيندو رهي ۔۔۔ آمين
 
ادا جنم ڏينهن جو مبارڪون هجن توهان کي،
ادا عبدالحفيظ توهان ته سنڌ سلامت جي منتظم اعلى جو اڄ ديدار به ڪرائي ڇڏيو۔۔۔
 
محترم دوست رشيد سمون لا ڍير ساتريون دعائون ۔۔۔ ڪجهه ته علي ظفر پنهنجيون کٽيون مٺيون ڳالهيون ڪري دوست رشيد سان مذاح ڪئي ۽ پئسن جو ذڪر نه وساري سگهيو ۔۔۔ ” جنهنجي گندي ۾ داڻا تنهنجا چريا به سياڻا“

علي ظفر جون ڳالهيون پڙهي مونکي قصو ياد اچي ويو، جنهن ۾ هڪ دوست ٻي دوست جي ڪائنچ پائي دعوت ۾ ويو، جنهن دوست جي ڪائنچ هئي تنهن ان دوست جو تعرف ڪرائيندي چيو ته تمام سٺو ماڻهون، تمام ڀلو انسان، سڀ ڪجهه پنهنجو اٿس، سوا ڪائنچ جي ۔۔۔ بلڪ اهو به ته ڪائنچ ۾ اڳٺ پنهنجو اٿس۔

مٿان وري جڏهن وارو آيو عبدالحفيظ جو ته جيڪو ڪجهه پاڻ کي چوڻو هيو انکان به سهڻي انداز بيان سان اسانجي اندر جي ڳالهه ڪري ويو ۔۔۔ هاڻ پاڻ چئون ته ڇا چئون ۔۔۔ را سان متفق ٿيڻ کان علاوه ڪو چارو ناهي ۔۔۔

آ گهڻو هن دوست لا ته نه چئي سگهندس، ڇاڪاڻ ته هن دوست جي دوستي ۽ شخصيت لا شايد لفظ اها ادائگي ڪري نه سگهن جيڪي من ۾ آهي ۔۔۔ سلڇڻو، کلڻو، رلڻو ملڻو، دوستن جو دوست ۽ دشمنن لا به اصول رکندڙ دشمن ۔۔۔

پنهنجي هون به لڳندي آهي سنڌ دوستن سان، انڪري ائين چئجي ته سنڌ دوست نه پر سنڌ جو عاشق آهي ۔۔۔ سنڌي ٻولي سان چانهن به ايترو ئي اٿس جيترو ڪنهن سڄڻ کي ساڻيهه سان هجڻ کپي۔

دعا آهي ته هي دوست زندگي جون سڀ بهارون، پنهنجي پوري صحت ۽ ڏاهپ سان پسندو ۽ ماڻيندو رهي ۔۔۔ آمين
تو جا سمجهي سِٽ، سا آهي ڪاتيءَ ڪوٺَ!
ڳائي ڳائي ڳوٺ! ڪُهندو ويو ڪينرو!



 
24xm5ae.jpg

فيبروري مهينو بهار جو پيغام آڻيندو آهي ۽ ان بهار جي خوشبو سنڌ سلامت جي روح روان ۽ باني ، منتظم اعلى سائين رشيد سمون جي جنم ڏينهن سان شروع ٿئي ٿي۔ ڪي ماڻهو تاريخ ۾ ڪي اهڙا ڪم ڪندا آهن جيڪي سڄي عمر ڳايا ويندا آهن ۽ اسان جو دوست رشيد به اهڙن ئي دوستن مان آهي۔

سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران کيس سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪندي دعا ٿا ڪيون ته سنڌ جو هي موڀي پُٽ سدا خوش رهي ۽ ڊگهي ڄمار ماڻي۔

رشيد سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تي جادوگر جي نالي سان مشهور آهي سندس اها جادوگري اها آهي جو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ سان ڳنڍيل ڪنهن به مسئلي جو حل جادوئي انداز سان ڏئي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي۔ سنڌ سان ازلي عشق اٿس ۽ سنڌي ٻوليء لاء ڪيل سندس ڪم لاء اوهان سنڌ سلامت سان گڏ سنڌ سلامت جي پروجيڪٽس کي ئي ڏسو ته ڪمال جو ڪم ڪيو اٿس۔

هي اهو دوست آهي جنهن لاء لطيف سائين فرمايو آهي۔

ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوء منجه اچي بوء بهار جي
رشيد سان ڄاڻ سڃاڻ سنڌ سلامت يا فيسبوڪ تي نه پر سائين نثار ابڙو جي گهر تي ڪچهري سان ٿي، ۽ ايئن اها پهرين ملاقات سموري حياتي جي دوستي ۾ بدلجي وئي۔ سنڌ سلامت سان ڪاوڙ ٿي، فيسبوڪ کي ڇڏيوسين پر رشيد سان ڪڏهن به واسطو ڪونه ٽٽو۔ اسان جي موڀي دوست علي علي سان ته واهه جو رشتو اٿس، جو جڏهن غلطي سان هڪ ڏينهن سنڌ سلامت اڪائونٽ سان لاگ ان ٿيس ته سموري خبر پئي ته دوستن جي ادبي ڪچهري ڪيتري ٿيندي آهي۔
رشيد جي هڪ ڳالهه جيڪا پريشان ڪندي آهي اها آهي سندس خاموشي ۔۔۔۔۔ يا وري تمام ڊگهي گفتگو، جنهن ۾ هو چپ رهڻ جو نالو ناهي وٺندو ۽ اسان جهڙا اڻڄاڻ ها ها ڪندا رهندا آهن۔ هڪ ڏينهن ته حد ٿي وئي، سگنل ٽٽڻ ڪري ڪال ڪٽجي وئي ۽ شايد هو 10 يا 15 منٽ ڳالهائيندو رهيو ۔۔۔۔ جڏهن مون ٻيهر ڪال ڪئي ته همراهه پريشان ٿي ويو ته ڪال ڪڏهن منقطع ٿي ۽ ڪٿي ختم ٿي هئي ۔۔۔۔۔۔۔
ڪمپيوٽر ۽ نيٽ جي دنيا ۾ مونکي مليل مان جو هڪ سبب رشيد ئي آهي، جيڪو سهڻا پراجيڪٽ تيار ڪندو آهي ۽ مان اهي فيسبوڪ جي دنيا ۾ پيش ڪندو آهيان، مطلب ته ڪم ڪري رشيد ۽ واهه واهه ٿئي منهنجي۔ اها ٻي ڳالهه آهي ته رشيد جو لنگوٽيو يار عرس آهي پر سندس عزت وڌائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏيندو ۽ نتيجن مونکي ئي معاملي کي ٺاهڻو يا ڊاهڻو پوندو آهي۔
دوست سدا خوش رهه ۔۔۔ اسان جون دعائون اوهان سان گڏ هن۔​
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا جنم ڏينهن جو مبارڪون هجن توهان کي،
ادا عبدالحفيظ توهان ته سنڌ سلامت جي منتظم اعلى جو اڄ ديدار به ڪرائي ڇڏيو۔۔۔
ها ادا عامر متا نه مڃون مطلب ته حفيظ به ڪم جو ماڻهون آهي جو اوهان کي گهٽ ۾ گهٽ ديدار ته ڪرايائين
 
ادا ذيشان رشيد اسلام عليڪم۔ اسان دل جي گهرائين سان اوهان کي ڄمڻ جي ڏينهن جون وڌايون پيش ڪيون ٿا ، اميد ته قبول پوندو۔
توهان جي باري ۾ ڇا لکي ڇا لکون، سمجه ۾ نه ٿو اچي،جڏهن ڪوبه هن اڱڻ جو ڀاتي ڪمپويٽر جي حوالي سان منجهي تاريڪ راهن ۾ ڀٽڪي ٿو ته انهن کي اوهان هڪ روشني جي ڪرن وانگر اچي ان مونجهار مان ڪڍي ڇڏيندا آهيو،جنهن ڳاله جي گواهي هر ڀاتي ڏيندو۔توهان جون اهئي اڻٿڪ ڪوششون آهن جو هي اڱڻ ترقين جي راه تي گامزان آهي۔ توهان جون ڪوششون هن اڱڻ کي سٺن رنگن ۽ نئون نئون طريقن سان سجائڻ کي نه ساراهڻ سچ مچ ته حد کان وڌيڪ زيادتي جي مترادف هوندو۔ توهان به انهن مان هڪ آهيو جيڪي هن اڱڻ جي ڀاتين کي هڪ پيار واري مالا ۾ ڳنڍيو پيا اچو۔
الله پاڪ جي در تي نماڻو عرض آهي ته اوهان جي زندگي جو نئون سال اوهان جي لاء تمام گهڻيون خوشين کڻي اچي، ڏک توهان کي پري پري ٿي لنگهن، محبت جون هيرون هميشه توهان جي مٿان لڳنديون رهن، هر فليڊ ۾ ڪاميابيون اوهان جي مٿان برسات وانگر وسنديون رهن۔ اوهان جا هر اهئي خواب جيڪي ، پوئين سال ۾ پورا نه ٿيا، هن سال ۾ پورا ٿين۔ آمين،آمين ۽ آمين۔
 
دوستن جا لک قرب جن مون کي منهنجي سالگره ڏينهن تي نيڪ تمنائون ۽ دعائون ڏنيون۔۔۔ انهن دوستن جون به مهربانيون جن کوڙ ساريون واڌيون فيس بوڪ ميسيجز ۽ موبائيل ميسيجز ذريعي پهتيون ڪيون... دوستن طرفان اهي مسرتن ڏيارڻ جا احساس ڪيڏا نه ڀلا آهن جيڪي هڪ سال وڌيڪ جهونو ٿيڻ جي خوف بجاءِ دوستن طرفان مليل محبتن تحت وڌيڪ جئڻ لاء اتساهه ڏيندڙ لڳن ٿا...
هاڻي توهان طرفان جيڪا سچائي بيان ٿيل آهي۔۔ ان کي مان ناڪاري ته بلڪل نه وٺندس۔۔۔۔ ڇو ته مان انسان ئي آهيان۔۔۔ نه ڪو خامين کان پاڪ هيرو ۽ نه وري غلطين کان پاڪ فرشتو ۔۔۔ ان ڪري جو ئي آهيان سو ئي آهيان وانگر برداشت ڪرڻ لاءِ درخواست گذار آهيان۔۔۔
رهيو توهان طرفان ايتريون محبتون نڇاور ڪرڻ بابت ته سوچيان پيو ته وري اهڙن قرب ڀرين اندازن کي محسوس ڪرڻ لاءِ پورو سال انتظار ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو هوندو.. ::)
سنگت طرفان مان ڏيڻ لاءِ هڪ دفعو وري مهرباني۔۔۔
 
او ادا رشيد صاحب !۔اسان جي طرفان به اوهان کي برٿ ڊي جون مبارڪون هجن۔ دوستن اوهان جي باري ۾ ايڏو ڪجه سٺو لکيو آهي جو هاڻي اوهان کي ڏسڻ ۽ ملڻ لاء دل ۾ اشتياق پيدا ٿي پيو آهي۔ هڪڙي ڳاله ته ٻڌائيندا، برٿ ڊي ته رشيد صاحب جي آهي ، جڏهن ته جواب ذيشان رشيد پيو ڏئي۔ انهن ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪهڙو رليشن آَهي ،دوستن جي ليکن مان اها خبر پوي ٿئي ته رشيد صاحب هن فورم جا ايڊمن آهن ، جڏهن ته منتظم اعلئ ذيشان رشيد جي نالي جي هيٺان لکيل آهي۔ اسان کي ته مونجهارو ٿي پيو آهي ، جيڪڏهن ان ڳاله ۾ ڪا قباحت نه هجي ته مهرباني ڪري مٿين ڳاله اسان کي سمجهائيندا۔
نئون نئون سنڌي لکڻ شروع ڪيو آهي، ڪلاڪ کان مٿي ٿي ويو آهي ، هي پنج ، ڇه لائينون لکڻ ۾ ،الائي ڪيترا دفعا ته اکر ڊيليٽ ڪيا اٿئون۔ ڪو سولو طريقو سنڌي ٽائيپ ڪرڻ جو ٻڌائيندا۔
 
دعا آهي ته شال الله پاڪ ، اسانجي ڀا ادا عبدالرشيد سمون صاحب کي تندرستي ۽ فردوسي حياتي عطا فرمائي ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني عطا فرمائي آمين
 
مان ڪڏنهن ڪڏنهن پاڻ کي خوشنصيب سمجهندو آهيان ته اللله تعالي مون کي رشِيد جهڙو دوست ڏنو دوست کان وڌيڪ جي هڪ سهيلي چوان ته به وڌاء نه ٿيندو ڇو ته مون کي ڪڏنهن ڪڏنهن راز جو ڳالهيون رشيد سان ڪرڻ وقت اهو لڳندو آهي ته مان مرد نه پر مائي هجان اسان دوست نه پر سهيليون آهيون جيڪي هڪ ٻي سان سرباٽن ۾ ڪچهريون ڪنديون آهيون پر اهو احساس تڏنهن ختم ٿيندو آهي جڏنهن رشيد دڙڪو ڏيندي چوندو آهي ته ڀلا جي نٿي وڻئي مهنجي ڳاله ته مٿو نه کاء گهڻو منهنجو .............. تڏنهن احساس ٿيندو آهي ته مان ڪنهن مرد سان ڪچهري ڪري رهيو آهيان ۽ مان به هڪ مرد آهيان ههههههه جي ڪا ڳالهه مون کي ادي سليمان وساڻ تائين پهچائڻي هوندي آهي ته به هي ئي سهيلي مهنجي ڪم ايندي آهي مطلب ته هڪ سهيلي وارو ئي نه پر هڪ ماء وارو ڪردار به ادا ڪري ويندو آهي ته جيئن ڪا شرميلي نياڻي (جيئن آءن ههه) پهنجي ڪنهن ڀاء يا پهنجي ڪنهن عزيز کي ڪا فرمايش ڪرڻ چاهيندي هجي ۽ اها ڊاريڪٽ نه چئي سگهندي هجي ۽ پهنجي سهيلي يا ماء جي وسيلي سان ڳاله پهچائيندي آهي ائين ئي ڪڏنهن ڪڏنهن ادا رشيد مهنجي ڳاله به مهنجي پياري دوستن تائين پهچائيندو آهي ( پوء هاڻي عرس پريو ان کي ڪهڙو به نالو ڏي اها عرس جي مرضي آهي هههه )خير دوستن سان نڀائڻ وارو دوست رشيد سمون منهنجي جڏهن پهريون دفعو ڪراچي ۾ رشيد سان ملاقات ٿي هئي ان وقت مون ئي مون کي محسوس ٿيو هو ته هي يار پهنجي ياري جي لائق آهي ان سان ياري سٺي ڄمندي پر هن جي ڳاله وانگر يار سڏائي هر ڪو پر ياري کان وڌيڪ جي مان دنيا ۾ ڪنهن ماڻهون تي ٽرسٽ ڪندو آهيان ته به اهو رشيد سمون ئي آهي جنهن وٽ مهنجي اي ميلز اڪاونٽن جا پاس ورڊن کان وٺي مهنجو لکين رپيا به مان ان دوست جي بينڪ اڪاونٽ ۾ رکندو آهيان ۽ اهو ئي سبب آهي ته مان الله جو شڪر ادا ڪندو آهيان ته رب پاڪ مون کي رشيد جهڙو دوست ڏنو اهي جنهن تي مان اکيون ٻوٺي اعبار ڪندو آهيان ۽ جنهن مهل به مان اداس هوندو آهيان ۽ گارين ڏيڻ ۽ کائڻ جو موڊ هوندو آهي ته به رشيد جو ئي در کڙڪائيندو آهيان ۽ هي يار دل سان سليمان وساڻ جي ڳاله وانگر ڪلاسيڪل دڙڪا ڏيندو به آهي ته برداشت به ڪندو آهي جادوگر جي نالي سان هي دوست مشهور آهي جنهن جا جادو جا ڪرتب اوهان سنڌ سلامت تي ڏسي چڪا آهيو ادا رشيد جون سنڌي ٻولي لاء خدمتون خاص ڪري سنڌ سلامت جي دوستن کان ڳجهيون نه آهين منهنجي دعا آهي ته اسان جو هي دوست پهنجي زندگي جا هزارين سال ڏسي شال آباد هجي ۽ خوش هجي
555332_412269058863397_1581856546_n.jpg
مبارڪون سنڌ جي هن سمون کي ، جنهن محبتي ميڙي اچي محفل مچائي آهي ۔ سمون صاحب سان سڌو سنئون ته تعارف نه آهي منهنجو ذاتي ، پر هڪ سچو سنڌي هئڻ جي ناتي هڪ ازلي ۽ ابدي روحاني رشتو ضرور آهي ۽ مان پنهنجي ديس سنڌ جي سمورن ڀائرن ۾ رشيد سمون جهڙي سگهڙ سائين کي سندس جنم جون واڌايون ڏيندي ۽ چوندي انتهائي فخر محسوس ٿو ڪريان ۽ دوست علي علي پاران لکيل چند جملا به سمون صاحب سان ملڻ جي ماندڪائي کي وڌائڻ جو سبب بڻيا آهن ۔ لک لک واڌايون ۽ مبارڪون : شال گهوٽُ ٿئين ، من موٽ ٿئين ، آمين
 
علي علي ۽ عبدالحفيظ جي ايتري لفظن کان پوءِعبد الرشيد ( ذيشان رشيد) جي لاءِ ڇا لکجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ محنت، سچائي، سنڌ ۽ سنڌيت سان بي پناهه پيار ڀريل دوست آهي۔ کيس جنم ڏينهن تي منهنجي طرفان به کوڙ ساريون واڌايون۔

دعا آهي ته شال الله پاڪ عبدالرشيد سمون صاحب کي تندرستي ۽ فردوسي حياتي عطا فرمائي ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني عطا فرمائي آمين

بقول علي علي جي ته نياڻين جهڙو ٻار آهي ان ۾ ته مونکي به ڪو شڪ ڪون آهي، رهي ڳالهه عبدالحفيظ لغاري جي ته جي ڳالهائڻ ۾ پوي ته شل ڪو بس ڪرائي ڪئين دفعا فون کي سائيڊ تي رکي وري کڻي چوند آهيان ها۔۔۔۔۔۔

مون سان سدائين جهڙو بائيڪ تان لهي چوندو تنهنجي بائيڪ منهنجو هليو بگاڙي ڇڏيو آهي همراه کي کڻي سڄو شهر گهماءِ وري آفيس به ڇڏي اچ پوءِ به منهنجي بائيڪ خراب ڀلا هاڻي جيڪا صورت الله تعالي ڏنئي ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه جو مون جهڙي خوبصورت کان جيلسي ٿو ٿين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ههههههههههههه

وري به شابس هجي سليمان وساڻ کي جو منهنجي سائيڊ جهلايون اچي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
. سنڌ سلامتي دوست عرس ۽ رشيد جو ننڍي لاڪون پيارو ساٿ آهي. رشيد اوهان کي ڪٿي به نه لڀي ته سمجهو پڪ ڊرگ روڊ جي پاسي ۾ رهندڙ عرس وٽ چانهه جا چسڪا هڻڻ ويل آهي. رشيد، ليپٽاپ ۽ عرس جي چانهه هڪ اهڙو ميلاپ آهي جنهن سنڌسلامت جي کوڙ سارن ڪمن کي اڳتي ڪيو آهي. اوهان جيڪي سنڌ سلامت جا پروجيڪٽ ڏسو ٿا سي عرس جي چانهه جي فيول تي ٺهيل آهن. رشيد کي عرس جي چانهه جو ايترو نشو آهي جو ڪڏنهن عرس کي ناراض ڪرڻ ناهي چاهيندو. جڏنهن هو يا اسان مان ڪو سندس پاران ڏنل عرس جي باري ۾ ڪا راءِ بيان ڪندو آهي ته جلدي وضاحت ڪندو ته هي ڳالهه عرس کي چوڻي آهي يا هي ڳالهه عرس کي ناهي چوڻي.
ادي حفيظ جي ڳالهه ۾ وزن آهي
وري کيس دل سان جنم ڏينهن جون کوڙ ساريو واڌايون۔
 
Back
Top