• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي منتظم اعلي ادا ذيشان رشيد کي جنم ڏينهن مبارڪ

ادا۔۔۔رشيد توهان کي جنم ڏينهن مُبارڪ هُجي۔۔۔۔
شل الله پاڪ توهان کي هميشه خوش رکي۔۔۔
سنڌ سلامت جي هن محفل کي مچائڻ جي انڃان به وڌيڪ همت ڏيئي۔۔۔۔آمين۔
 
او ادا رشيد صاحب !۔اسان جي طرفان به اوهان کي برٿ ڊي جون مبارڪون هجن۔ دوستن اوهان جي باري ۾ ايڏو ڪجه سٺو لکيو آهي جو هاڻي اوهان کي ڏسڻ ۽ ملڻ لاء دل ۾ اشتياق پيدا ٿي پيو آهي۔ هڪڙي ڳاله ته ٻڌائيندا، برٿ ڊي ته رشيد صاحب جي آهي ، جڏهن ته جواب ذيشان رشيد پيو ڏئي۔ انهن ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪهڙو رليشن آَهي ،دوستن جي ليکن مان اها خبر پوي ٿئي ته رشيد صاحب هن فورم جا ايڊمن آهن ، جڏهن ته منتظم اعلئ ذيشان رشيد جي نالي جي هيٺان لکيل آهي۔ اسان کي ته مونجهارو ٿي پيو آهي ، جيڪڏهن ان ڳاله ۾ ڪا قباحت نه هجي ته مهرباني ڪري مٿين ڳاله اسان کي سمجهائيندا۔
نئون نئون سنڌي لکڻ شروع ڪيو آهي، ڪلاڪ کان مٿي ٿي ويو آهي ، هي پنج ، ڇه لائينون لکڻ ۾ ،الائي ڪيترا دفعا ته اکر ڊيليٽ ڪيا اٿئون۔ ڪو سولو طريقو سنڌي ٽائيپ ڪرڻ جو ٻڌائيندا۔
ادا خليل ٻئي هڪڙي ڳالهه آهين اهي هڪ ئي شخصيت جا نالا آهين سائين
 
مان ڪڏنهن (ڪڏهن)ڪڏنهن(ڪڏهن) پاڻ کي خوشنصيب سمجهندو آهيان ته اللله (الله) تعالي مون کي رشِيد جهڙو دوست ڏنو دوست کان وڌيڪ جي هڪ سهيلي چوان ته به وڌاء نه ٿيندو ڇو ته مون کي ڪڏنهن (ڪڏهن)ڪڏنهن (ڪڏهن)راز جو ڳالهيون رشيد سان ڪرڻ وقت اهو لڳندو آهي ته مان مرد نه پر مائي هجان اسان دوست نه پر سهيليون آهيون جيڪي هڪ ٻي سان سرباٽن ۾ ڪچهريون ڪنديون آهيون پر اهو احساس تڏنهن(تڏهن) ختم ٿيندو آهي جڏنهن(جڏهن) رشيد دڙڪو ڏيندي چوندو آهي ته ڀلا جي نٿي وڻئي مهنجي ڳاله ته مٿو نه کاء گهڻو منهنجو .............. تڏنهن احساس ٿيندو آهي ته مان ڪنهن مرد سان ڪچهري ڪري رهيو آهيان ۽ مان به هڪ مرد آهيان ههههههه جي ڪا ڳالهه مون کي ادي سليمان وساڻ تائين پهچائڻي هوندي آهي ته به هي ئي سهيلي مهنجي(منهنجي) ڪم ايندي آهي مطلب ته هڪ سهيلي وارو ئي نه پر هڪ ماء وارو ڪردار به ادا ڪري ويندو آهي ته جيئن ڪا شرميلي نياڻي (جيئن آءن (آئون)ههه) پهنجي ڪنهن ڀاء يا پهنجي ڪنهن عزيز کي ڪا فرمايش ڪرڻ چاهيندي هجي ۽ اها ڊاريڪٽ نه چئي سگهندي هجي ۽ پهنجي(پنهنجي) سهيلي يا ماء جي وسيلي سان ڳاله پهچائيندي آهي ائين ئي ڪڏنهن ڪڏنهن ادا رشيد مهنجي (منهنجي)ڳاله به مهنجي پياري دوستن تائين پهچائيندو آهي ( پوء هاڻي عرس پريو ان کي ڪهڙو به نالو ڏي اها عرس جي مرضي آهي هههه )خير دوستن سان نڀائڻ وارو دوست رشيد سمون منهنجي جڏهن پهريون دفعو ڪراچي ۾ رشيد سان ملاقات ٿي هئي ان وقت مون ئي مون کي محسوس ٿيو هو ته هي يار پهنجي ياري جي لائق آهي ان سان ياري سٺي ڄمندي پر هن جي ڳاله وانگر يار سڏائي هر ڪو پر ياري کان وڌيڪ جي مان دنيا ۾ ڪنهن ماڻهون تي ٽرسٽ ڪندو آهيان ته به اهو رشيد سمون ئي آهي جنهن وٽ مهنجي اي ميلز اڪاونٽن جا پاس ورڊن کان وٺي مهنجو لکين رپيا به مان ان دوست جي بينڪ اڪاونٽ ۾ رکندو آهيان ۽ اهو ئي سبب آهي ته مان الله جو شڪر ادا ڪندو آهيان ته رب پاڪ مون کي رشيد جهڙو دوست ڏنو اهي جنهن تي مان اکيون ٻوٺي اعبار ڪندو آهيان ۽ جنهن مهل به مان اداس هوندو آهيان ۽ گارين ڏيڻ ۽ کائڻ جو موڊ هوندو آهي ته به رشيد جو ئي در کڙڪائيندو آهيان ۽ هي يار دل سان سليمان وساڻ جي ڳاله وانگر ڪلاسيڪل دڙڪا ڏيندو به آهي ته برداشت به ڪندو آهي جادوگر جي نالي سان هي دوست مشهور آهي جنهن جا جادو جا ڪرتب اوهان سنڌ سلامت تي ڏسي چڪا آهيو ادا رشيد جون سنڌي ٻولي لاء خدمتون خاص ڪري سنڌ سلامت جي دوستن کان ڳجهيون نه آهين منهنجي دعا آهي ته اسان جو هي دوست پهنجي زندگي جا هزارين سال ڏسي شال آباد هجي ۽ خوش هجي
555332_412269058863397_1581856546_n.jpg
ابا! علي !ڪڏهن ايئن لِکبو آهي۔۔
 
ابا! رشيد معاف ڪندا مصروفيتن جي ڪري جنم ڏينهن جون واڌايون نه ڏئي سگهيم۔جنم ڏينهن مبُارڪ۔ جڏهن ته مان اِن ڳاله تي يقين رکان ٿي ته هِڪ ٻيو سالُ به زندگيءَ مان کُٽي ويو۔۽اڃان ڪجه نه ڪري سگهيا آهيون ۔اڃان گهڻو ڪجه ڪرڻو آهي بهتريءَ لاءِ۔
 
مان ڪڏنهن (ڪڏهن)ڪڏنهن(ڪڏهن) پاڻ کي خوشنصيب سمجهندو آهيان ته اللله (الله) تعالي مون کي رشِيد جهڙو دوست ڏنو دوست کان وڌيڪ جي هڪ سهيلي چوان ته به وڌاء نه ٿيندو ڇو ته مون کي ڪڏنهن (ڪڏهن)ڪڏنهن (ڪڏهن)راز جو ڳالهيون رشيد سان ڪرڻ وقت اهو لڳندو آهي ته مان مرد نه پر مائي هجان اسان دوست نه پر سهيليون آهيون جيڪي هڪ ٻي سان سرباٽن ۾ ڪچهريون ڪنديون آهيون پر اهو احساس تڏنهن(تڏهن) ختم ٿيندو آهي جڏنهن(جڏهن) رشيد دڙڪو ڏيندي چوندو آهي ته ڀلا جي نٿي وڻئي مهنجي ڳاله ته مٿو نه کاء گهڻو منهنجو .............. تڏنهن احساس ٿيندو آهي ته مان ڪنهن مرد سان ڪچهري ڪري رهيو آهيان ۽ مان به هڪ مرد آهيان ههههههه جي ڪا ڳالهه مون کي ادي سليمان وساڻ تائين پهچائڻي هوندي آهي ته به هي ئي سهيلي مهنجي(منهنجي) ڪم ايندي آهي مطلب ته هڪ سهيلي وارو ئي نه پر هڪ ماء وارو ڪردار به ادا ڪري ويندو آهي ته جيئن ڪا شرميلي نياڻي (جيئن آءن (آئون)ههه) پهنجي ڪنهن ڀاء يا پهنجي ڪنهن عزيز کي ڪا فرمايش ڪرڻ چاهيندي هجي ۽ اها ڊاريڪٽ نه چئي سگهندي هجي ۽ پهنجي(پنهنجي) سهيلي يا ماء جي وسيلي سان ڳاله پهچائيندي آهي ائين ئي ڪڏنهن ڪڏنهن ادا رشيد مهنجي (منهنجي)ڳاله به مهنجي پياري دوستن تائين پهچائيندو آهي ( پوء هاڻي عرس پريو ان کي ڪهڙو به نالو ڏي اها عرس جي مرضي آهي هههه )خير دوستن سان نڀائڻ وارو دوست رشيد سمون منهنجي جڏهن پهريون دفعو ڪراچي ۾ رشيد سان ملاقات ٿي هئي ان وقت مون ئي مون کي محسوس ٿيو هو ته هي يار پهنجي ياري جي لائق آهي ان سان ياري سٺي ڄمندي پر هن جي ڳاله وانگر يار سڏائي هر ڪو پر ياري کان وڌيڪ جي مان دنيا ۾ ڪنهن ماڻهون تي ٽرسٽ ڪندو آهيان ته به اهو رشيد سمون ئي آهي جنهن وٽ مهنجي اي ميلز اڪاونٽن جا پاس ورڊن کان وٺي مهنجو لکين رپيا به مان ان دوست جي بينڪ اڪاونٽ ۾ رکندو آهيان ۽ اهو ئي سبب آهي ته مان الله جو شڪر ادا ڪندو آهيان ته رب پاڪ مون کي رشيد جهڙو دوست ڏنو اهي جنهن تي مان اکيون ٻوٺي اعبار ڪندو آهيان ۽ جنهن مهل به مان اداس هوندو آهيان ۽ گارين ڏيڻ ۽ کائڻ جو موڊ هوندو آهي ته به رشيد جو ئي در کڙڪائيندو آهيان ۽ هي يار دل سان سليمان وساڻ جي ڳاله وانگر ڪلاسيڪل دڙڪا ڏيندو به آهي ته برداشت به ڪندو آهي جادوگر جي نالي سان هي دوست مشهور آهي جنهن جا جادو جا ڪرتب اوهان سنڌ سلامت تي ڏسي چڪا آهيو ادا رشيد جون سنڌي ٻولي لاء خدمتون خاص ڪري سنڌ سلامت جي دوستن کان ڳجهيون نه آهين منهنجي دعا آهي ته اسان جو هي دوست پهنجي زندگي جا هزارين سال ڏسي شال آباد هجي ۽ خوش هجي
555332_412269058863397_1581856546_n.jpg
ابا! علي !ڪڏهن ايئن لِکبو آهي۔۔
اسان جي تصحيح ڪندا رهو ڪڏهن ته ان ڪڏهن کي صحيح لکي ويندا سي ا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
سنڌ سلامت جي سرواڻ ادا رشيد سمون جي درويش کي خبر پئي ته سوچيائين هڪ لفظن جي گلدستي سان کيس ڀيٽا پيش ڪريان. پر جڏهن سنڌ سلامت تي کيس واڌيون پيش ڪرڻ واري موضوع جو ڀيرو ڀريو ته سڀني دوستن دوستن جا ايتا ساران ڀيار، الفت ۽ پهنجائيءَ سان ڀرپور لفظي گلدسته ڏسي سمجهه ۾ نه آيو ته مان ڇا لکان........
خير فوٽو شاپ تي ويهي سندس لاءِ هڪ هيپي برٿ ڊي جو ڪارڊ ڊزائين ڪرڻ ويٺس ..
بس اڃا اميج جي سائيز مس ٺاهي هئي ته باس اچي ويو ۽ چيائين هل ته هلون ڪنهن ميٽنگ ۾ هلڻو آهي.. بس پوءِ ڪمپيوٽر کي لاگ آف ڪري هلي پياسين... مطلب ويو سڄو ڏينهن................۔۔۔۔۔
خير وري ٻئي ڏينهن ويٺس ۽ ڪمپيوٽر ۾ اميجز وارو فولڊر کوليم.. ۽ ڪجهه پراڻيون تصويرون ڏٺيون. تن مان هڪ سليڪٽ ڪري ان کي فوٽو شاپ ۾ کڻي آيس تنهن کان پوءِ ان جو ميڪ اپ (ايڊيٽنگ) شروع ڪئي. مختلف افيڪٽ اپلاءِ ڪيا.. جنهن سان تصوير ڪڏهن خوبصورت بڻجي وئي... ڪڏهن وري خَبــــــوصورت :( ... نيٺ وڃي هن تصوير تيار ڪئي جيڪا مون سمجهيون ته ادا رشيد کي جنم ڏينهن جي تحفي طور پيش ڪريان....

292xjtd.jpg


.....................................................................................................
................................ HAPPY BIRTHDAY ..........................................
......................................................................................................
................................... جنم ڏڻ جون واڌايون......................................
.....................................................................................................

هي ننڍڙو ۽ ناچيز تحفو شال قبول پوي.....​
۔​
 
384824_4648338484674_411275509_n.jpg


سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران کيس سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪندي دعا ٿا ڪيون ته سنڌ جو هي موڀي پُٽ سدا خوش رهي ۽ ڊگهي ڄمار ماڻي۔

رشيد سنڌ سلامت جي پيلٽ فارم تي جادوگر جي نالي سان مشهور آهي سندس اها جادوگري اها آهي جو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ سان ڳنڍيل ڪنهن به مسئلي جو حل جادوئي انداز سان ڏئي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو آهي۔ سنڌ سان ازلي عشق اٿس ۽ سنڌي ٻوليء لاء ڪيل سندس ڪم لاء اوهان سنڌ سلامت سان گڏ سنڌ سلامت جي پروجيڪٽس کي ئي ڏسو ته ڪمال جو ڪم ڪيو اٿس۔

هي اهو دوست آهي جنهن لاء لطيف سائين فرمايو آهي۔

ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوء منجه اچي بوء بهار جي


179634_1813489655225_1838949_n.jpg


عبدالرشيد سمون ، محمد سليمان وساڻ ۽ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي
 
1465205_10205913208979495_2279654732885890313_n.jpg

سنڌ سلامت جي سرواڻ ، سنڌي ٻولي لاءِ هر وقت ، هر گهڙي محنت ۽ جاکوڙيندڙ ادا رشيد توهان کي اسان دل جي گهرائين سان ڄمڻ جي ڏينهن جون وڌايون پيش ڪيون ٿا
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اسلام عليڪم : اسان کي سنڌ سلامت تي آڻڻ وارو ۽ ڀا سليمان وساڻ سان ملائڻ وارو پيارو دوست عبد الحفيظ آهي ان جي واتان ڀاءُ رشيد سمون جون تعريفون اڪثر بڌندا رهندا آهيون. پر ملاقات نه هئي پهرين وائيس ملاقات تڏهن ٿي جڏهن مون کان وائي فائي جو سيٽ اپ نه ٿئي ان سلسلي ۾ دوست عبدالحفيظ ، رشيد جو نمبر ڏنو . فون ڪيم بهتري موٽ ڏن مٺي من موهيندڙ انداز ۾ سمجهايائين ته آئون هن فيلڊ مان ايترو واقف آهيان باقي جي وڌيڪ معلومات کپي ته پاڻ عامرضيا چارڻ جو نمبر ڏنائين . عامر ڀاءُ به تمام سٺي موٽ ڏني ۽ منهنجو مسئلو حل ٿي ويو. ان کان پوءِ مون کي سنڌسلامت فورم سان تمام گھڻي انسيت ٿي وئي جو هتي اهڙن ڀائرن جي سنگت آهي جيڪي پنهنجي خوشبو وکيريندا ئي رهن ٿا. هر اچڻ وارن کي پنهنجي قيمتي معلومات سان رهنمائي ڪندا رهن ٿا. دوست رشيد سمون جي ڳالهه ٻوله سان مون کي کيس باري ۾ سڌ رکڻ جو چاه ٿيو ان لاءِ حفيظ کي تنگ ڪيم ته ٻڌائي رشيد ڪندو ڇا آهي ڇا مصروفيات آهين . ٻڌي حيران ٿي ويس ته پاڻ صرف شوقيه بيس تي ڪمپيوٽر سکيو ۽ اسڪرپٽنگ ڪيئ مهارت ايڏي حاصل ڪري ورتائين جو اسان سان ٿيندڙ عام مسئلن جي سوالن جا جواب سيڪنڊن ۾ ڏيئ ٿو سگهي. باقي ڊيوٽي جي حوالي سان ته واندڪائي جو منٽ ئي نظر نه ٿو اچي اها سندس ڏاهپ آهي جو ٽائم ڪڍي وٺي ٿو. دوست رشيد سان فون تي ڪافي ڪچهري ٿي آهي روبرو ملاقات جو تمام گھڻو شوق آهي انشاءَالله ڪڏهن هٿ آيو ته موقعو ڪون وڃائبو ان لاءِ جي بنا دعوت عرس پريي وٽ وڃڻو پيو پوءِ بي وڃبو ۽ جي سليمان وارن وٽ مليو ته پوءِ ته پڪ ملاقات ٿي ويندي ڇو ته اهي دوست به ڳوليندا وتندا آهين جو هٿ اچي ته نه ڇڏيونس. اصل دوست رشيد سمون جي شخصيت ئي ڪجهه اهڙي آهي جو ڪير ملڻ ڪونه چاهيندو! ۽ ملڻ کان پوءِ وري ڪير کيس ڇڏڻ چاهيندو!.
دوست نثار جي ڳالهه وانگر ته کيس باري ۾ لکڻ جي ڪنهن جاءِ ڇڏي ئي ناهي ڇا لکون علي ، حفيظ، کيس هر ادا بيان ڪري ڇڏي آهي وري مٿان پاڻ نثار ، عرس پريي۽ سليمان بي رهيل لفظ کيس ارپي ڇڏيا آهين . اسان ڍينگي ۾ آياسين ڪو لفظ بچيوئي ناهي جو بيان ڪريو.
پر ايترو ضرور لکنداسين ته ..
الله اهڙن املهه ماڻهن کي خوش رکي کيس عمر دراز ڪري ، کيس حصي ۾ آيل هر خوشي نصيب ڪري هر غم کان دور رکي ، هر خواهش پوري ڪري . آمين .
دوست جنم ڏينهن جو دل جي گهراين سان واڌايون.
 
رهيو توهان طرفان ايتريون محبتون نڇاور ڪرڻ بابت ته سوچيان پيو ته وري اهڙن قرب ڀرين اندازن کي محسوس ڪرڻ لاءِ پورو سال انتظار ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو هوندو.. ::)
سنگت طرفان مان ڏيڻ لاءِ هڪ دفعو وري مهرباني۔۔۔

ادا نينگر ننڍي جُمعا گهڻا واري ڳالهه تي اعتبار ڪريو.
اجهو اڄ وري هي ڏينهن موٽيو.
اوهان کي مُبارڪن جون کوڙ پوسٽون. جيئن هن حقير پاران به هڪ ڪوشش
 
سڀني دوستن منهنجي دل جون ڳالهيون ڪيون آهن هاڻي مان ڇا چوان رشيد صاحب اهڙو پيارو ماڻهو آهي ان جي شخصيت اڳيان منهنجا هي لفظ تر جيتري حيثيت رکن ٿا پر پنهنجي خلوص ۽ دل جي اونهاين منجهان هن پياري دوست ۽ همدرد لاءَ محبت جا هي لفظ پيش ڪيان ٿو قبول پون سندس جي جنم ڏينهن جون دل جي اُٿاهه گهراين منجهان مبارڪون پيش ڪيون ٿا.
 

W6v2YSk.jpg


سڀني دوستن جا لک لائق.. جن منهنجي جنم ڏڻ تي تي موبائيل ايس ايم ايس، فيس بوڪ ميسيجز يا وري گريٽنگ ڪارڊز ذريعي نيڪ خواهشون ۽ پيغام پهچايا.. پاڻ کي پنهنجي مهربان ۽ مان ڏيندڙ دوستن ۾ ڏسي خوش نصيب سمجهان ٿو.. توهان جي دعائن ۽ پيغامن مون کي جتي خوشيءَ جو احساس ڏياريو اتي هن سال ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ لاءِ اتساهه پڻ...
مڃان ٿو ته وقت جيئن اڳتي لنگهي ٿو تيئن گذارڻ ڏکيو ٿيندو ٿو وڃي پر توهان جي سهائتا مون کي نئين سال جي مشڪلاتن کي پنهنجي مضبوط پيرن سان بيهي مسڪرائي پار پوڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي..
هڪ دفعو وري ڪيبورڊ تان ڪيپس لاڪ ٻاري سموري سنگت جا ٿورا ادا ڪندس.. لک لائق.. رب پاڪ توهان جو حامي ۽ ناصر رهي... !
 
سنڌ سلامت جي تمام دوستن ادا عبدالرشيد سمون صاحب جن جي جنم ڏينهن جي تحرير تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو، دوستن جي طرفان پيارا ڀريا جملا به پڙهڻ لاءِ مليا، دوستن خوشي منجهان ڪروڙين مبارڪون به ڏنيون، محبتون، خلوص، پيار ۽ مسرتون پڻ ونڊيون..... سنڌ سلامت جا تمام دوست شفيق آهن، سٻاجهڙا ۽ علم جي دولت سان نوازيل آهن جن پنهنجي علمي طاقت سان محبت ڀريا پيغام ادا عبدالرشيد تائين رسايا.... پر مان اهو سوچي رهيو آهيان ته مان هڪ حقير ،ادنيٰ، ناچيز آهيان... مان ادا عبدالرشيد جي تعريف ۾ فقط ٻه يا ٽي لفظ ئي سگهان ٿو : "مان ڇا لکي ڇا لکان؟"
اهي ڪلمات صرف تعرفي هئا....

دعائي ڪلمات هي آهن ته ادا عبدالرشيدالله سائين جي محبوب ﷺ جي شفقت جي ڇانوءَ ۾ هوندا....
 
Back
Top