ٽنڊومحمد خان ۾ ٿيل مشاعري ۾ شاعر پنهنجي شاعري پڙهي رهيا آهن
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان ضلع جو رابطه سيڪريٽري انعام ٽکڙائي پنهنجو غزل ٻُڌائي رهيو آهي.
غزل
اسان پاڻ کان بي خبر ٿي وياسين
اڪيلو ڪو رُلندڙ ڪڪر ٿي وياسين
ـــــ
زماني جي ڪٿ آهي سُڌ ڪا جڏهن کان
اوهان جِي نظر جي نذر ٿي وياسين.......
ـــــ
اکين سان نهارڻ جو خوب فن ڄاڻڻ
پياريئي ته پل ۾ امر ٿي وياسين...
ــــ
پرين تنهنجي محبتن لئه ڇا چوان مان
ملڻ ساڻ ئي ڏس مانَ ور ٿي وياسين...
ـــ
اوهان سونهن جو نُور ارپيو ته دلبر
لڳو موهيندڙ ڪو قمر ٿي وياسين
ـــ
وفائن جي ڳولا ڪندي هن نگر ۾
وفائن جي پنڌ جو سفر ٿي وياسين.
ـــ
جڏهن عشق جي لنئون لڳي لڱ اسان جي
ته ڏسندي ئي زيرو زبر ٿي وياسين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ـــ
سندئي ساٿ مليو ته ڀانيوسين هنئين ٿي،
ته ”انعام هت با اثر ٿي وياسين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان شاخ جو جوائينٽ سيڪريٽري نوشاد ڀٽي غزل پڙهي رهيو آهي...
غزل
اوهان جِي نظر جي نذر ٿي وياسين
اسين بس سراپا سفر ٿي وياسين
ـــ
رڳو ئي ڏنوسين نه ورتوسين ڪنهن کان
اسين بس جهان لئه ثمر ٿي وياسين
ــــ
ٿُڏي يار مون کي تون هردم ڇڏين ٿو،
تنهنجي راهه جو ڄڻ پٿر ٿي وياسين...
ــــ
شڪم پنهنجو ڪڏهن نه ڀرجي سگهيو ۽
اسين بس فاڪو۽ فڪر ٿي وياسين........
ــــ
اوهان سان ملياسين ته ماکي ۽ مصري،
اوهان کان جُدا ٿي زهر ٿي وياسين.....
ــــ
نه آئي اسان کي سُٺي ڪا شاعري، بس،
اڌورو وزن ۽ بحر ٿي وياسين!.............
ــــ
نه ڪوئي اسان کي خريدي سگهيو ۽،
اسين بس حُسنِ مصر ٿي وياسين،
ـــ
جهان ۾ اسين هُئاسين قطري مثل پر
اوهان سان ملي اڄ بحر ٿي وياسين.....
ــــ
محمد خان غني ادبي تنظيم ٽکڙ ٽنڊومحمد خان جو بهترين شاعر آڪاش ٽکڙائي پنهنجو غزل پيش ڪري رهيو آهي
اوهان جِي نظر جي نذر ٿي وياسين
سڄي زندگي دربدر ٿي وياسين.....
ــــ
اوهان جي هُجڻ سان جل ٿل هُئاسين،
اوهان جي وڃڻ سان ٿر ٿي وياسين.....
ــــ
جُدا ٿي اوهان کان جهان ۾ او جانان،
اسين درد جو ڪو گهر ٿي وياسين....
ـــــ
اسان سان انهن ئي ڪئي بي وفائي،
وفائن جو جن لاءِ نگر ٿي وياسين.
ـــــ
اسان کي انڌيرا انهن ئي ڏنا هِن،
جنين لئه شمس وقمر ٿي وياسين
ـــ
غمن سان شروع ٿي وئي آشنائي،
خوشين کان صفا بي خبر ٿي وياسين..
ــــ
عجب آ ته جيڪي وفا ڪونه ڄاڻين،
انهن سان اسان همسفر ٿي وياسين..
ــــ
زماني جا هي تلخ لهجا ڏسي اڄ،
اسين وقت سان بي اثر ٿي وياسين،
ـــ
مري آ رهيو دل ۾ احساس هاڻي،
اسين ڪيترا بي قدر ٿي وياسين،
ـــ
ملڻ جنهن جو انمول ٿي ويو جهان ۾،
محبت جو اهڙو اثر ٿي وياسين....
ــــ
مگر هن وفا جي ڪهاڻي ۾ شايد،
اسين اڄ به مٽجي امر ٿي وياسين....
سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊومحمد خان جو ميمبر محمد سومار ملهار غزل پڙهي رهيو آهي......
سچائيءَ جي ڦل جو شجر ٿي وياسين
۽ الفت جو مٺڙو ثمر ٿي وياسين.....
ــــ
جو ٽوپي سنڌي ۽ اجرڪ جو ويري،
انهيءَ لاءِ تيغ وتبر ٿي وياسين....
ــــ
ڏسي کان ادا پيار پاٻوهه واري،
اڙائي اکيون بي خبر ٿي وياسين...
ــــ
حسِينن عجب ناز سان ائين نهوڙيو،
لڳو نينهن زيروزبر ٿي وياسين.....
ـــ
خُماري نگاهون کڻي جو نهاريوَ
اوهان جِي نظر جي نذر ٿي وياسين..
ـــ
محبت جو امرت پياريو پرين ڪو،
مري عشق ۾ پڻ امر ٿي وياسين....
ــــ
نه “ملهار” ڪنهن سان ڪڏهن ڪئي ڪَسائِي،
سڄڻ لئه سراپا ڪسر ٿي وياسين......
نوٽ: هن مشاعري ۾ شريڪ ٿيندڙ جن به پنهنجي شاعري سنڌ سلامت کي ڏني اها مون جيئن جو تيئين ڪمپوز ڪري ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪئي آهي، جن شاعرن جون فقط تصويرون آهن انهن شاعرن مونکي چوڻ جي باوجود پنهنجي شاعري لکت ۾ نه ڏني۔۔۔