اوهان جِي نظر جي نذر ٿِي وياسين ، جي طرح( سِٽَ) تي مشاعرو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2009۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا ساٿيو، ٽنڊو محمد خان جي مومن منزل ۾ قائم ڪيل محمد هاشم مخلص لائبريري ٽالپر ڪالوني ۾ محمد خان غني ادبي تنظيم ٽنڊو محمد خان پاران عيدالاضحى جي ٻي ڏينهن هڪڙو شاندار طرحي ۽ غير طرحي مشاعرو ٿي گُذريو، جن ۾ شهر ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، بدين، ۽ ٽکڙ جي شاعرن شرڪت ڪئي..... ان کان علاوه شهر ٽنڊومحمد خان جا ڪافي سارا ادب دوست ماڻهو به شريڪ ٿيا.​


    پيش آهن ان مشاعري جون تصويري جهلڪيون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ٽنڊومحمد خان ۾ ٿيل مشاعري ۾ شاعر پنهنجي شاعري پڙهي رهيا آهن

    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان ضلع جو رابطه سيڪريٽري انعام ٽکڙائي پنهنجو غزل ٻُڌائي رهيو آهي.​


    [​IMG]
    غزل​


    اسان پاڻ کان بي خبر ٿي وياسين
    اڪيلو ڪو رُلندڙ ڪڪر ٿي وياسين
    ـــــ
    زماني جي ڪٿ آهي سُڌ ڪا جڏهن کان
    اوهان جِي نظر جي نذر ٿي وياسين.......
    ـــــ
    اکين سان نهارڻ جو خوب فن ڄاڻڻ
    پياريئي ته پل ۾ امر ٿي وياسين...
    ــــ
    پرين تنهنجي محبتن لئه ڇا چوان مان
    ملڻ ساڻ ئي ڏس مانَ ور ٿي وياسين...
    ـــ
    اوهان سونهن جو نُور ارپيو ته دلبر
    لڳو موهيندڙ ڪو قمر ٿي وياسين
    ـــ
    وفائن جي ڳولا ڪندي هن نگر ۾
    وفائن جي پنڌ جو سفر ٿي وياسين.
    ـــ
    جڏهن عشق جي لنئون لڳي لڱ اسان جي
    ته ڏسندي ئي زيرو زبر ٿي وياسين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ـــ
    سندئي ساٿ مليو ته ڀانيوسين هنئين ٿي،
    ته ”انعام هت با اثر ٿي وياسين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔​



    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان شاخ جو جوائينٽ سيڪريٽري نوشاد ڀٽي غزل پڙهي رهيو آهي...​


    [​IMG]

    غزل​


    اوهان جِي نظر جي نذر ٿي وياسين
    اسين بس سراپا سفر ٿي وياسين
    ـــ
    رڳو ئي ڏنوسين نه ورتوسين ڪنهن کان
    اسين بس جهان لئه ثمر ٿي وياسين
    ــــ
    ٿُڏي يار مون کي تون هردم ڇڏين ٿو،
    تنهنجي راهه جو ڄڻ پٿر ٿي وياسين...
    ــــ
    شڪم پنهنجو ڪڏهن نه ڀرجي سگهيو ۽
    اسين بس فاڪو۽ فڪر ٿي وياسين........
    ــــ
    اوهان سان ملياسين ته ماکي ۽ مصري،
    اوهان کان جُدا ٿي زهر ٿي وياسين.....
    ــــ
    نه آئي اسان کي سُٺي ڪا شاعري، بس،
    اڌورو وزن ۽ بحر ٿي وياسين!.............
    ــــ
    نه ڪوئي اسان کي خريدي سگهيو ۽،
    اسين بس حُسنِ مصر ٿي وياسين،
    ـــ
    جهان ۾ اسين هُئاسين قطري مثل پر
    اوهان سان ملي اڄ بحر ٿي وياسين.....​
    ــــ


    محمد خان غني ادبي تنظيم ٽکڙ ٽنڊومحمد خان جو بهترين شاعر آڪاش ٽکڙائي پنهنجو غزل پيش ڪري رهيو آهي​



    [​IMG]

    اوهان جِي نظر جي نذر ٿي وياسين
    سڄي زندگي دربدر ٿي وياسين.....
    ــــ
    اوهان جي هُجڻ سان جل ٿل هُئاسين،
    اوهان جي وڃڻ سان ٿر ٿي وياسين.....
    ــــ
    جُدا ٿي اوهان کان جهان ۾ او جانان،
    اسين درد جو ڪو گهر ٿي وياسين....
    ـــــ
    اسان سان انهن ئي ڪئي بي وفائي،
    وفائن جو جن لاءِ نگر ٿي وياسين.
    ـــــ
    اسان کي انڌيرا انهن ئي ڏنا هِن،
    جنين لئه شمس وقمر ٿي وياسين
    ـــ
    غمن سان شروع ٿي وئي آشنائي،
    خوشين کان صفا بي خبر ٿي وياسين..
    ــــ
    عجب آ ته جيڪي وفا ڪونه ڄاڻين،
    انهن سان اسان همسفر ٿي وياسين..
    ــــ
    زماني جا هي تلخ لهجا ڏسي اڄ،
    اسين وقت سان بي اثر ٿي وياسين،
    ـــ
    مري آ رهيو دل ۾ احساس هاڻي،
    اسين ڪيترا بي قدر ٿي وياسين،
    ـــ
    ملڻ جنهن جو انمول ٿي ويو جهان ۾،
    محبت جو اهڙو اثر ٿي وياسين....
    ــــ
    مگر هن وفا جي ڪهاڻي ۾ شايد،
    اسين اڄ به مٽجي امر ٿي وياسين....​

    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊومحمد خان جو ميمبر محمد سومار ملهار غزل پڙهي رهيو آهي......​


    [​IMG]

    سچائيءَ جي ڦل جو شجر ٿي وياسين
    ۽ الفت جو مٺڙو ثمر ٿي وياسين.....
    ــــ
    جو ٽوپي سنڌي ۽ اجرڪ جو ويري،
    انهيءَ لاءِ تيغ وتبر ٿي وياسين....
    ــــ
    ڏسي کان ادا پيار پاٻوهه واري،
    اڙائي اکيون بي خبر ٿي وياسين...
    ــــ
    حسِينن عجب ناز سان ائين نهوڙيو،
    لڳو نينهن زيروزبر ٿي وياسين.....
    ـــ
    خُماري نگاهون کڻي جو نهاريوَ
    اوهان جِي نظر جي نذر ٿي وياسين..
    ـــ
    محبت جو امرت پياريو پرين ڪو،
    مري عشق ۾ پڻ امر ٿي وياسين....
    ــــ
    نه “ملهار” ڪنهن سان ڪڏهن ڪئي ڪَسائِي،
    سڄڻ لئه سراپا ڪسر ٿي وياسين......​

    نوٽ: هن مشاعري ۾ شريڪ ٿيندڙ جن به پنهنجي شاعري سنڌ سلامت کي ڏني اها مون جيئن جو تيئين ڪمپوز ڪري ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪئي آهي، جن شاعرن جون فقط تصويرون آهن انهن شاعرن مونکي چوڻ جي باوجود پنهنجي شاعري لکت ۾ نه ڏني۔۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    محترم مشڪور ڦلڪارو پنهنجي شاعري پڙهي رهيو آهي​


    [​IMG]

    محترم”مخلص“ ٽالپر صاحب پنهنجي شاعري پڙهي رهيو آهي​


    [​IMG]

    محترم تاج ٽکڙائي پنهنجي شاعري پڙهي رهيو آهي​


    [​IMG]

    سنڌي چينل سنڌ ٽي وي جو سينئر ڊائريڪٽر محترم آغا ظفر پنهنجو خوبصورت نظم ”چُنري “ پڙهي رهيو آهي۔​


    [​IMG]

    بهترين شاعر محترم رفيق آس لغاري پنهنجو خوبصورت نظم پڙهي رهيو آهي۔۔۔​


    [​IMG]

    مشاعري ۾ شريڪ ٿيل ٻيا شاعر​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    محترم جُمن جانب سومرو پنهنجي شاعري پڙهي رهيو آهي​


    [​IMG]

    محتر پيرل مير جت پنهنجا ڏور بيت ٻُڌائي رهيو آهي​


    [​IMG]

    محترم حاجي حُسين ڀٽي، شاهه سائين جا بيت ۽ انهن بيتن جي تشريح ڪري رهيو آهي۔​


    [​IMG]

    سنڌ مشهور مولودي محترم محمد امين جسڪاڻي شاعر افضل سولنگيءَ جو لکيل مولود شريف ٻُڌائي رهيو آهي​


    [​IMG]
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين تمام بهتر جو اوهان ڪافي شاعرن سان گهر ويٺي متعارف ڪرايو اوهان جي مهرباني۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جو حقير ڪارڪن نثاراحمد ناز به هن مشاعري ۾ شريڪ هو

    محترم سنڌ سلامت جا ساٿيو، آخر ۾ توهان جو جهونو ساٿي، سنڌ سلامت جو حقير ڪارڪن نثار احمد ناز به هن مشاعري ۾ شريڪ ٿيو هو جنهن پنهنجو مزاحيه نظم انهي طرح (سِٽَ) اوهان جِي نظر جي نذر ٿي وياسين تي پڻ پڙهيو هو۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    پيش آهي سندس بلڪل نئين تصوير ۽ سندس نڪور مزاحيه شاعري​


    [​IMG]

    نظم​


    گجر ٿِي وياسين، بصر ٿِي وياسين!
    مُڏيءَ سان ڪُٺل ڄڻ ٻڪر ٿي وياسين!
    ــــ
    سچو پيار بيگم چيو ڪٿ مليو آ،
    چيم ڪوڙ ڪيڏو چرِي تو گهڙيو آ،
    اسان قرب اهڙو تکيرو ونڊيو آ،
    تڏهن ڌڻ ٻچن جو اسان هي ڪڍيو آ،
    چرِي ڏس ته ٻن مان ولر ٿِي وياسين!
    ـــ
    ڪنڌاري به سڏجون ڪُٺل يارَ آهيون،
    ائين پنهنجي لاري لڳل يارَ آهيون،
    اسان ڍِيٽُ عاشق ڦِٽل يارَ آهيون،
    اسان روز سينڊل سَٽِيَل يارَ آهيون،
    وڏا بي شرم پر! مگر ٿِي وياسين!
    ــــ
    اسان بي حيائيءَ حَدُون سڀ ٽُپيون هِن،
    اسان هر خُواريءَ جُون کاريُون کنيُون هِن،
    اسان عُمر سارِي پَرايُون تڪيُون هِن،
    اسان تلخ ڳالهيون ، اسان کي چيُون هِن،
    اسان معاشري جا گٽر ٿِي وياسين!
    ـــ
    وڄائي ته تاڙيُون هُو ٽِي جنس وارو،
    اچِي گهرَ گهٽِيءَ تي ڪري ٿو اشارو،
    لڳين “ناز” مونکي ٿو ڏاڍو پيارو،
    چوي روز هئه هئه لڳائي ته نعرو،​
    اوهان جِي نظر جي نذر ٿِي وياسين!​

    گجر ٿِي وياسين بصر ٿِي وياسين!
    مُڏيءَ سان ڪُٺل ڄڻ ٻڪر ٿي وياسين!​
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    :D:D

    واه سائين واه گهڻي دير جي ڳولها کان پوء اوهان جي زيارت نصيب ٿي ماشآء الله تمام لطف آيو ائين لڳو ڄڻ اسان به ان مشآعري ۾ شريڪ ٿي ويا هجون
    سائين اهڙي قرب ڪرڻ جي تمام گهڻي مهرباني

    سائين مان به پهنجي جاني قمبراڻي جي ياد ۾ ويٺي ويٺي ان ئي موضوع تي هي سٽون لکيون آهين پيش آهين

    سڄڻن جا سور سيني تي سٺاسين
    مجبور ٿي توکي ڳولڻ لڳاسين
    مرلي وڃائڻ ڪانه ايندي هئي اسان کي
    پر پوء به سهڻا جوڳي بڻاسين
    تون ويٺو آن اسلام باد جاني
    تهنجي لا۽ ڪراچي ۾ رلندا رهيا سين

    اوهان جِي نظر جي نذر ٿِي وياسين!
    زماني ۾ اسان ته دربدر ٿي وياسين
    هاڻي ڪر ڪو رحم تون اسان تي
    تهنجي عشق ۾ ته شاعر شاعر بڻاسين​
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    مهرباني ادا رحيم بخش صاحب جو توهان کي منهنجي هي شيئرنگ بهتر لڳي، ادا ٿورائتو آهيان، توهان جي اهڙي قسم جي همت افزائي تي دل گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    دل چوي ٿي اڄ انهي موقعي تي لطيف سائين جِي وائي توهان سان ونڊ ڪريان، ۽ پوسٽ رپلائي ۾ وائي کي آڻي ڪا نئين جوت جلايان ته حاضر آهي لطيف سائين جي وائي جيڪا توهان جي سميت دنيا جي سمورن سنڌين جي نظر آهي۔۔۔۔
    مونکي ڇپر مَ ڇڏيجا، ٻاروچا!
    پلي لڳِي آهيان۔۔۔۔۔
    ڇوري ڇني آهيان، نينهن نباهي نيجا!
    پلي لڳِي آهيان۔۔۔۔۔۔
    ڇوري ڇَڏي ڇپرين، ڪيچِي ، ڪيمَ وڃيجا!
    پلي لڳِي آهيان۔۔۔۔۔۔
    پُنهون منهنجو آن سِين، ساٿ سلامت نيجا!
    پلي لڳِي آهيان۔۔۔۔۔۔
    مُون تان وَڙُ وِڃائِيو، آئين پنهنجو وَڙُ ڪَرِيجا!
    پلي لَڳِي آهيان۔۔۔۔۔۔۔
    جوڳيڪو ويسُ ڪري ،سگهڙِي سارَ لهيجا!
    پَلي لَڳِي آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔
    آرياڻِي عبداللطيف چئي، مُون تي وَهلو وَرُ ڪريجا!
    پلي لَڳِي آهيان۔۔۔۔۔۔​


    مهرباني مٺا سائين۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    تمام پيارو ونڊ پر سائين اوهان جي مزاحيه شاعري کان به اڄ لطف اندوز ٿياسين۔۔۔۔ مهرباني محترم
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بلڪل سائين رحيم بخش چواڻي ته توهان اسان کي گهر ويٺي ڪافي سارن دوستن سان واقف ڪرايو ۽ اهڙي طرح احوال بيان ڪيو ڄڻ اسان به اتي موجود هجو
    بهترين ڪم آهي سائين اوهان جي

    صرف دعا ۾ ياد ڪجو

    سدائين گڏ

    sindhsalamatsaathsal
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين نثار احمد اوهان جي مزاحيه شاعري گروپ جي صورت ۾ پڙهي سين سائين منير احمد پاٽائي سائين عبدالغني صاحب ۽ هن عاجز گڏجي اوهان جي شاعري مان لطف اندوز ٿياسين ماشآء الله تمام بهترين شيئرنگ آهي ۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سائين رحيم بخش صاحب توهان سڀني مان وارن دوستن جو انتهائي ٿورائتو آهيان جو توهان سارن دوستن گڏجي منهنجي مزاحيه شاعري جو مشاهدو ڪيو ۽ ان مان لطف اندوز ٿيا، پر جيتري قدر مونکي خبر آهي ته توهان سنڌ جي خوبصورت شهر مورو ۾ رهندا آهيو، محترم سائين منير احمد پاٽائي صاحب جن سعودي عرب جي انتهائي برڪتن ڀرئي شهر مڪي پاڪ ۾ رهندا آهن، ۽ اسان جو پيارو ڀاءُ ادا عبدالغني دوها يا قطر ملڪ ۾ رهائش پذير آهي، هاڻ اها ماجرا ته ٻُڌايو ته توهان يڪمُشت مطلب گڏجي مون واري مزاحيه نظم جو مشاهدو ڪيئن ڪيو ۽ لطف اندوز ڪيئن ٿيا، توهان به شايد اسان جي سنڌ سلامت جي جادوگر محترم رشيد سمون وانگر ڪو جادوئي شيشو يا گولو هٿ ڪيو آهي جو سڀ ڪجهه ساٿ ساٿ ڏسجي پيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جي سائين نثار قبلا سائنسي دنيا انسانن جا ويڇا دور ڪري ڇڏيا آهن ۽ اهڙا آلات سافٽوئير وغيره ايجاد ڪيا آهن جن جي مدد سان گهر ويٺي پيا هڪ ٻئي سان ملاقات جا مزا ماڻيو، ڪو ڪيترو به ڏور به هجي پر هن دور ۾ ان سان ملڻ ڪو مسئلو نه آهي سهڻي لطيف جي بيت وانگر ته ڪي ڏور به اوڏيا سپرين سو ان وقت ته اهو تصوراتي نظارو هوندو هن وقت حقيقت جي روپ اختيار ڪري چڪو آهي۔ سو سائين اهو اسان هڪ سافٽوئير Skype جي ذريعي ڪانفرنس ڪال ذريعي پاڻ ۾ گڏ ٿياسين پوء جناب عزت مآب سائين منير احمد جن اوهان جي شاعري اسان کي پنهنجي پيار ڀرئي انداز ۾ پڙهي ٻڌائي ۽ اسان لطف اندوز ٿيندا رهيا سين ها دوستو توهان به ائين ڪري سگهو ٿا۔ جيڪڏهن ڪنهن کي ان معاملي ۾ ڪا ڳالهه پڇڻي هجي ته فورم تي پڇڻا نه مجهڻا واري سيڪشن ۾ پڇي سگهي ٿو۔ دعائن ۾ ياد ۔سدائين گڏ۔
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين اصل آخري شاعري آهي۔۔۔۔
    asul matt
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين توهان جي تصويرن واري ونڊ مان اها به خبر پئي ته اسان جي برادري جا ٽنڊي محمد خان ۾ شاعري ڪن پيا۔
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين منهنجا وڏي وقت کانپوءِ توهان جو ديدار ٿيو آهي،
    پر وري جيڪا توهان آخر ۾ شاعري ڪئي تنهن ته محفل جا رنگ ئي تبديل ڪري ڇڏيا آهن .
    ها ها ها ها
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو