حواس ۽ سندن نفسياتي اهميت

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏4 فيبروري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    636
    ورتل پسنديدگيون:
    1,763
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    حواس ۽ سندن نفسياتي اهميت
    مغز جون مصروفيتون فقط ٽي آهن (1):احساس (2) خيال (3) فعل.
    حواس انهن طاقتن کي ٿو چئجي جي دنيا جي ٻاهرئين اسباب بنسبت مغز کي خبرون ٿا ڏين. خبرن کان سواءِ ماڻهو اهڙو آهي جهڙو ڪو وڻ. جو جيئرو آهي، وڌي به، ڦل به ڪري، پر نه اٿس ڪو آئيندي جو احساس، نه پنهنجي آسپاس تي ڪا دسترس. نڪا خبر پويس نڪو خيال ئي ڪري.
    ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، سنگهڻ ۽ ڇهڻ جي پنجن احساسن کان سواءِ چمڙيءَ ۾ ٿڌي ڪوسي ۽ سور محسوس ڪرڻ جا نفيس حواس پڻ آهن. مشڪن ۽ سنڌن ۾ ته اهڙا حواس آهن جي بت جي چرپر بابت مغز کي هر وقت احوال ڏيندا ئي رهن ٿا ته بت هينئر ڪهڙي صورت ۾ آهي.
    ڏسڻ جو احساس:ڏسڻ جو حواس اک آهي. اک جو ڪو ٿورو حصو ڏسڻ ۾ اچي ٿو نه ته آهي گول، جنهن کي مٿي هيٺ، کٻي سڄي ڦيرائڻ لاءِ چوڌاري مشڪون لڳل آهن. ڏسڻ لاءِ ٻيئي اکيون ساڳئي طرف چرنديون آهن، پر جي ڪا مشڪ ضعيف ٿي پئي ته اها اک ٻيءَ جيتري نه چرندي ۽ ٽيڏ لکائيندي. ٽيڏاڻ سبب نظر به نظاري جو پورو احساس کڻي ڪين سگهندي. جنهن ڪري مغز کي بنهه پوري خبر به ڪانه ڏيندي ۽ خيال به پورو نه ٺهندو.
    نظر جا ٻيا به ڪي نقص عام طرح ڏسبا آهن:
    (1) ڪيترا ٻار ڪلاس جي بورڊ تي لکيل اکر ڌُنڌلا ڏسندا آهن ۽ ڪتاب جا اکر به بنهه ويجهي جهلڻ کان سواءِ پڙهي ڪين سگهندا آهن. ظاهر آهي ته اهڙا ٻار اڻپورين خبرن ملڻ ڪري گهٽ سمجهو ٿيندا. (2) وڏيءَ عمر ۾ وري هڪ ابتڙ نقص پيدا ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري ڪتاب ٿورو پرڀرو جهلبو ته اکر ڏسبا نه ته چٽائي ڪانه پوندي. هي نقص پيري جي ڪري آهي ۽ هر هڪ ماڻهوءَ ۾ اڳي پوءِ ضرور ٿيڻو آهي، جيئن وار اڇا ٿين، البت هن عمر تائين سندس سمجهه پوري طرح جڙي چڪي آهي انڪري سواءِ نظر جي تڪليف جي ٻيو ڪو خلل مغز جي انتظام ۾ ڪونه پوندس. اهي سڀ نقص عينڪ سان درست ٿي سگهن ٿا. ۽ جيترو جلد درست ڪبن اوترو بهتر.
    رنگن جو احساس: روشنيءَ ۾ پاڻيءَ جي لهرن وانگر پنهنجي مرڪز کان لهرن جي صورت ۾ چوڌاري پکڙجي ٿي، پر روشنيءَ جي لهر نهايت باريڪ هئڻ سبب ڏسي نٿي سگهجي. روشنيءَ جي لهر جو ايڪو آهي هڪ ڀاڱي ڏهه لک ملي ليٽر. ماڻهوءَ جي اک ۾ 390 کان 760 ايڪن واريون لهرون رنگن جا احساس ٿيون پيدا ڪن. انهن حدن ۾ ڳتپسانو جا سڀ رنگ اچيو وڃن. 760 ايڪن واريون لهرون ڳاڙهي رنگ جو احساس ڏين ۽ 390 واريون واڱڻائي رنگ جو. 760 ايڪن کان وڏيون لهرون ماڻهوءَ کي گرم لڳن پر رنگ ڪو نه ڏيکارين. انهن کي انفراريڊريز چئبو آهي. ٻئي ڇيڙي تي 390 ايڪن کان گهٽ لهرون الٽراوايوليٽ ريز جي نالي سان مشهور آهن. اُس ۾ هلڻ ڪري چمڙيءَ جو رنگ ڪاراٽبو آهي سو به هنن ڪرڻن جي اثر ڪري. هي ڪرڻا اکين کي به ڪافي نقصان رسائي سگهن ٿا. انڪري ڪاري عينڪ پائبي آهي. اهي ڪرڻا به رنگ ڪونه ڏيکارين. ڪن بيمارين، جهڙوڪ سلهه ۾ هي ڪرڻا مفيد ثابت ٿيا آهن.
    اُس جي روشنيءَ ۾ سڀئي رنگ سمايل آهن، ڪنهن چٽي مٿڇري تي روشني جا ڪرڻا لڳا ته هر قسم جي رنگ جو پرتوو اڇليندا. ڪارو مٿڇرو ڪو به پرتوو ڪونه ڏئي. چٽاڻ ۽ ڪاراڻ جي شامل ٿيڻ ڪري رنگ کليل ۽ ڳوڙها معلوم ٿا ٿين.
    ٽن مول رنگن جي ملڻ ڪري هزارين رنگ جڙيو پون. مثال: ڳاڙهي ۾ ٿورو پيلو ملائي ڇڏبو ته انهيءَ مرڪب جي لهر 700 کن ايڪن جي ٿيندي، سونهري رنگ جي لهر 600 ايڪا ٿيندي. ٻئي ملائبا ته نارنگي رنگ جڙي پوندو. جنهن جي لهر 650 ايڪن جي ٿيندي.
    اکين ۾ رنگن محسوس ڪرڻ جا نقص به عام آهن. گهڻا ماڻهو ڳاڙهو رنگ ڏسن ئي ڪونه. ان ڪري ڳاڙهي رنگ جي ملاوت وارا رنگ به ٻيءَ طرح جا محسوس ڪندا هوندا ۽ معمول کان ڦريل يعني عام راءِ کان نرالا. ڪي ته ڪو به رنگ ڪونه ڏسن. انهن لاءِ رنگ ٿئي ئي اڇو ۽ ڪارو ۽ ٻنهي جي گهٽ وڌ ملاوت وارا هلڪا ۽ ڳوڙها ڀورا رنگ. هي نقص ڪو ورلي ٿئي پر ڳاڙهي رنگ کان خالي سوين. هزار تي هڪ زال ۽ 2-4 سيڪڙو مرد ملندا. بعضي ته نقص فقط هڪڙي اک ۾ ٿئي يا ساڳيءَ اک ۾ ڪو حصو رنگ محسوس ڪري ڪو نه ڪري.
    حيوانن ۾ رنگن جو سماءُ: مٿانهين درجي جي باندرن کي رنگن جو سماءُ آهي. پکين کي به ٿئي، پر ڪي ڳاڙهي پاسي وارا رنگ چٽا ڏسن ته ڪي واڱڻائي پاسي وارا.
    ڪيترا جيت ڳاڙهي پاسي جي رنگن کان ڪورا آهن ته وري واڱڻائي پاسو چٽو ڏسن. انهيءَ اصول تي بتيءَ کي ڳاڙهي پني ويڙهڻ شرط پتنگ هليا ويندا آهن، جو ڳاڙهو رنگ ڏسن ئي ڪونه.
    ڏسڻ ۾ مغز جو ڪم: اکيون ٻاهرين شين جا عڪس کنيو پهچائن مغز کي. جي مغز جا ڏسڻ وارا هنڌ ڪپي ڇڏجن ته اکين هوندي به ڏسي ڪين سگهبو. نه رڳو ايترو پر اک جي تنتي پردي تي هڪڙو ته عڪس الٽو ٿو جڙي ۽ ٻيو ته فقط ڊيگهه ۽ ويڪر يعني ٻن ماپن جو. اونهائيءَ جي مفاصلي جو سماءُ فقط مغز ۾ ٿو جڙي ۽ ٻن اکين جي شامل خبرن تي.
    ڪنهن نقطي تي نظر کپائي، کٻي اک پوري، سڄي اک ساري نظاري جون حدون جاچيو. سڄي، کٻي، هيٺ، مٿي ته ڪيسين سوڌو ڏسي سگهجي ٿو، پر نظر انهيءَ نقطي کان نه هٽي.
    وري جو سڄي اک پوري، کٻي اک جي نظاري جون حدون ڏسندا ته ٿورو ڦريل معلوم ٿينديون، اهي به ٿورو ڦريل خاڪا مغز ۾ ملي اونهائيءَ جو مفاصلو پيدا ڪري شڪلين کي نهرو ٿا ڏيکارين.
    سٽيرياسڪوپ جا ڪارڊ به ساڳي اصول تي ٺهيل آهن. ڪارڊ تي ساڳئي نظاري جا ٻه فوٽا لڳل هوندا آهن، جن جون حدون ساڳيون ائين هونديون جيئن سڄي کٻي اک محسوس ڪري، انڪري هوبهو ساڳيون نه. نتيجو اهو ٿيندو جو نظارو ٽن مفاصلن جو ڏيکاربو. جي شهر هوندو ته سندس گهٽيون به ڏسبيون.
    نظر جا دوکا: ٻنهي اکين جي نظر برابر هوندي به سارو جهان ته ڏسڻ کان ڏور آهي. جيئن ماڻهوءَ جي طاقت محدود، تيئن سندس هر هڪ لياقت محدود. ڪٿي به بيهو ته چوڦير آسمان ۽ زمين گڏيل ڏسبا. ريل جون لائينون پوري وڇوٽيءَ تي هوندي به جيئن اڳتي وينديون تيئن ويجهيون پونديون ڏسڻ ۾ اينديون. سئنيما ۾ ڌار ڌار شڪلين کي فلم تي ڦيرائيندي ڪيئن نه هلچل جو ڌوڪو اچيو وڃي. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا ڌوڪا جهڙوڪ رڃ.
    ٻڌڻ جو حواس:ٻڌڻ جي حواس کي ڪن ٿو چئجي. آواز به لهر ٿو پيدا ڪري پر ڪنهن شيءِ تي. اها شيءِ هوا هجي، پاڻياٺي هجي يا نهري. روشنيءَ جي لهر شيءِ جي محتاج نه آهي ۽ ٿئي به نهايت تيز رفتار. روشني سيڪنڊ ۾ 186000 ميل ڪري. آواز هوا ۾ 700 ميل ڪلاڪ ۾ ڪري ٿو.
    آواز جي ايڪي کي تنوار چئبو آهي. ماڻهو گهٽ ۾ گهٽ سيڪنڊ ۾ ويهن تنوارن جو آواز ٻڌي سگهي ٿو ۽ وڌ ۾ وڌ ويهن هزارن جو. وڏي پياني جي سرن جون حدون 25 کان 4000 تنوارن جون ٿين.
    تيز آوازن ٻڌڻ جي طاقت ننڍي عمر ۾ نهايت زور ٿيندي آهي. 25 ورهين جي عمر ۾ اها طاقت گهٽجڻ لڳندي آهي. چون ٿا ته 40 ورهين جي عمر کان پوءِ چمڙي جي ڪيڪ مشڪل ٻڌبي. ڪيترن جانورن جي ٻڌڻ جي مٿين حد سيڪنڊ ۾ پنجاهه هزارن تنوارن جي به ٿئي. بعضي ڏٺو هوندوَ ته ٻلي ڪنائيندي وتندي آهي ته ڪٿان ڪئي آواز ڪيو ۽ ڪيڏانهن ويو. ڪئي جا آواز اسان جي ٻڌڻ کان زور آهن. اهو به رب جو رحم، جي سڀ آواز ٻڌڻ ۾ اچن ته جيڪر رڳو ڌرتيءَ جي ڦرڻ جو آواز ئي مٿو ڏاري رکي.
    آواز ڪن جي ٻاهرين حصي مان هوا تي ٿو هلي. وچين حـصي ۾ ٽن نهرين هڏڙين تان ۽ اندرئين حصي ۾ پاڻيٺ مان جنهن ۾ هڪڙو پڙدو ائين تڻيل آهي جيئن ڪنهن آڏاڻي تي اوڄي جي تاڃيءَ جون تندون. تندون هزارين آهن ۽ هر هڪ مقرر تنوارن جي، جا پنهنجي طاقت وارو آواز کنيو مغز کي ٻڌڻ جي تنت جي وسيلي پهچايو ڏئي.
    آواز ڪهڙي پاسي جو؟: سڄي پاسي کان ايندڙ آواز سڄي ڪن تي کٻي کان جيڪي سو اڳي طرف ڇڪبو. پر جي آواز پورو اڳيان پٺيان يا هيٺان مٿان ايندو هوندو ته ٻنهي ڪنن تي ساڳئي وقت پوندو، جنهن ڪري طرف محسوس ڪرڻ مشڪل ٿيندو. اهڙن وقتن تي نظر ڪم ڏيندي. پر جي آواز جو ڪارڻ ڏسڻ ۾ نه آيو ته هڪدم ڪنڌ ڦيري اڳ پٺ کي سڄو کٻو ڪري وجهندو، ڪو به آواز جو ٻنهي ڪنن تي ساڳي تيزيءَ سان ۽ ساڳئي وقت پوندو ان جو طرف معلوم ڪرڻ ڏکيو ٿيندو ۽ پوءِ هر طرف کان ڪنائڻو پوندو.
    حواسن جو سماجي ڪم: حواسن ۾ سندس ذاتي خبرن کان سواءِ ڪي سماجي راز به اٽڪيل آهن جي نفسياتي نقطه نظر کان گهڻي اهميت ٿا رکن. اک نه رڳو ڏسڻ جو ذريعو آهي، پر پري کان اندر جا احوال ۽ خيال ڏئي به وٺي به. ڪنهن کي پنهنجو راز ڏئي ڪنهن کان وٺي. استاد نظر سان ڪلاس تي ضابطو رکيو وڃي. اک جي گهور، دهشت، تعجب، ماندگي، نراسائي، نماڻائي، مسرت ۽ ٻيون به اڪيچار ڪيفيتون ڏئي وٺي سگهي ٿي. مڪاري، عياري، ڏوهه، ثواب، اکيون چار ٿيون ته کن ۾ ظاهر. قصور وار ٻار جي اک غير معمولي چمڪ ڏيکاريندي. خونيءَ جي اک ۾ ٻلي جي چوهه ۽ شينهن جو خمار ڏسبو. جنهن سان جي عاشق ناشاد جي نماڻي نظر به شامل ٿي ته زال ذات جي دل تي گهرو اثر ڇڏيندي.
    رواجي گفتگو ۾ ڏسبو ته ڳالهائيندڙن جون اکيون ڪيئن ٿيون ڪم ڪن. جنهن سان ڳالهائبو اهو سڌو نظر کوڙي ڳالهائيندڙ کي ڏسندو. پر جي ٿورو ئي خفي ٿيو ته نظر ڦيري ويندو. لاڳيتو تڪي ڏسڻ ڪنهن زوردار جذبي کان سواءِ نه ٿيندو. حرفتي چالاڪ اک جي ڦيرن گهيرن مان جهٽ ظاهر ٿي پوندو. ڪاوڙّ ۾ ڌرين جون نظرون ائين لڙنديون جيئن تير جي ڪنهن کان نٽائڻو هوندو ته اوڏانهن اک ئي ڪانه کڻبي. نظر لڳڻ جو خيال ئي ظاهر ٿو ڪري ته نظر کي ڪا جسمي طاقت آهي. جادوءَ جو اثر ته يقينا اکين کان ئي شروع ٿيل ٿو ڏسجي.
    رنگن سان دلچسپي، تندرستي ۽ توانائيءَ جو دليل آهي. جوش ۾ لال رنگ پيو نظر ايندو. ٻار پهرين ڳاڙهو رنگ ڏسڻ لڳندو آهي ۽ دماغي خرابين ۾ ڳاڙهي رنگ جو احساس سڀني کان پوءِ ويندو آهي. اميدوار طبيعت جو دلپسند رنگ گلابي رهندو آهي.
    رنگ کي جذباتي روپ به آهي. ڪارو غمي ڏيکاري ته کنهبو خوشي.آسماني رنگ نهايت آرام ۽ فرحت ڏئي. اڇي، پيلي، گيڙوءَ رتي ۽ ڪن ٻين رنگن لاءِ وقتي ۽ قومي دلچسپيون ڦرنديون گهرنديون ٿيون رهن.
    ڪَن جي سماجي اهميت اک کان جيڪي سو گهٽ آهي. ڇاڪاڻ ته اک ڏئي به وٺي به ۽ ڪن رڳو وٺي، جهنگ جي ماٺ ۾ آواز آرام ۾ وگهن هو، انڪري خوف جو خابرو ۽ جوکي جو پيش رؤ، جهنگ جي رهائش جو اهو اثر ٻار تي اڄ سوڌو موجود آهي. اڃا ڪو آواز ٿيو ته ڇرڪ ڀريندو. ڌچر وڳو ته لڙائيءَ جو سانباهو ٿيو.
    جذبن تي آواز جو اثر اک کان به زياده آهي، اهو آواز آهي، جو وحشت کي انسانيت جو رنگ ڏئي، نانگ کي به حيرت زده ڪري ڇڏي. محبت کي اثر جيترو آلاپ جو آهي اوترو جلوي جو به ڪونهي. راڳ محبت جي خوراڪ آهي، اکيون ته تاب نه جهلي پورجي وڃن يا لوڪ لڄا ڪري هيٺ جهڪن، پر ڪن ڪيئن روڪجن. اهي ته ڪنهن مٺي آواز ٻڌڻ کان ٿڪجن ئي ڪين، ڀل ته ڪو آواز پري کان هوا تي ايندو هجي ته ڏسڻ کان سواءِ ئي وجد ڏئي ڇڏيندو. ڪنهن سهڻي تصوير ڏسڻ ڪري ايترو حظ حاصل نه ٿيندو جيترو ڪنهن راڳ جي رڪارڊ مان. گهري خيال سان ائين معلوم ٿيندو ته محبت جي ميدان ۾ ڪن زياده ڪارائتو حواس آهي. جتي ٻوڙو ڪو ورلي ڏسبو. ٻوڙي جون جفتي طاقتون سالم هجڻ به مشڪل. ڪن رس کان سواءِ دل حال ڪيئن اوري! اکيون ٿڪجن، ڪن نه ٿڪجن. ڏکيا ڏوراپا به سوائتا.
    اکيون ڏٺي سڃاڻن، ڪن ري ڏٺي. اوري هجي يا پري. گهر ويٺي پتو لڳي ته فلاڻو آيو. شادي، غمي، جهيڙو ڌاڙو پري کان پڌرو. جي اکيون ڇڏڻيون پون يا ڪـَـنَ، ته فيصلو سولو ڪري ڪين سگهبو. اکين جو ڪم ته هٿن جي هٿوراڙين کان به وٺبو، پر ڪنن جو بدل ته بت ۾ آهي ئي ڪونه. اکيون ته نه ڏسڻ تي فطرتي هريل آهن جو پورجي به سگهن ٿيون، اسان کي انڌي جو آزمودو ته اڳي ئي آهي، پر ٻوڙي جو ڪونهي، جو ڪن ته پوري نٿا سگهون. ان ڪري ٻوڙي جي دنيا جو اندازو ڪرڻ مشڪل. ڪن جي نزاڪت به حيرت انگيز ٿي ڏسجي. ڪيترا نه آواز ٿو سڃاڻي. ماڻهن توڙي حيوانن جي اکٽ آوازن کان سواءِ هر هڪ ٻوليءَ جي هزارن لفظن جا اچار ته ليکو ڪريو. ٻوڙو ويچارو نه زمين جا آواز ٻڌي نه آسمان جا. نه گهر جو نه گهاٽ جو.
    سنگهڻ جو حواس:سنگهڻ جو حواس نڪ سان تعلق ٿو رکي، جتان ساهه ٿا کڻون ان لاءِ ته هوا جي سٺي گندي هئڻ جي خبر پوي. سرهاڻ ڪيڏي نه فرحت ڏيندڙ آهي ۽ بدبو ڪيتري نه پريشان ڪندڙ. واقعي بوءِ جو مغز تي گهرو اثر آهي.
    اکيون ڀلجن، ڪن وساري ويهن پر نڪ ياد جو پڪو. حافظي جو پورو حامي. هڪ واريءَ بوءِ پوري طرح آئي ته ورهين ۾ به نڪ ڪين وساريندس. ڪيتريون شيون ڏسڻ کان سواءِ سنگهي به سڃاڻي سگهبيون.
    ڏسجي ٿو ته ماڻهوءَ جي مغز ۾ سنگهڻ لاءِ بلڪل ٿورو حصو ٿو ٿئي. شايد ارتقا اڳتي هلي اهو حواس ڪڍي ڇڏي ۽ ٻيو حواس پيدا ٿئي. البت سنگهڻ جي طاقت مغز ۾ آڳاٽي دخلڪار ٿي ڏسجي. ڪتي ۽ ڪئي جي دنيا فقط باسن جي ٺهيل آهي. باس واريون گئسون هوا کان ڳوريون هئڻ ڪري زمين کي ويجهو ٿيون ٿين. انڪري پکين کي سنگهڻ جو حواس ڪو اڻلکو ٿئي.
    ماڻهو جڏهن چؤ - پيري جانور مان ڦري ٻه - پيرو ٿيو تڏهن سندس نڪ جي ضرورت گهٽجڻ لڳي ۽ اکين جي چستي وڌڻ لڳي. پر ته به بوءِ جو ڪافي تکو احساس اٿس. ماڻهو نارنگيءَ جي ست جي ويهين هزارين پتيءَ جي بوءِ هڪ ليٽر هوا ۾ محسوس ڪري سگهي ٿو. مشڪ جي هڪ گرين جي ٽيهين لکين پتيءَ جي هواڙ لـَـکائيندو. اڄ به اک چٽي روشنيءَ جا رنگ ڏسي نٿي سگهي، پر نڪ ڪيتريون شيون سنگهڻ سان سڃاڻي ويندو. ڪيترن ماڻهن جي سنگهڻ جي طاقت ڪئي جيتري ئي تيز ٿي ٿئي ۽ زالن کان مرد تکا.
    سنگهڻ جو حواس جلد ٿڪجي ٿو ۽ جلد ئي ڪنهن بانس تي نڪ هريو وڃي. احساس جو مدو به ٿورو ٿو ٿئي.ڪا خوشبو آئي وئي. خوشبوءِ کي ٽڪائڻ لاءِ ذري ذري سنگهڻو پوندو. ڪيتريون باسون ڏهن منٽن کان زياده لکائبيون ئي ڪين. البت جي باس کان نڪري وڃبو ته وري لکائبي. باسن تي هري وڃڻ ڪري ئي ماڻهو ڌپن وارين جاين تي ڪم ڪري سگهن ٿا.
    باسن جا نالا ڪي ٿورا ملندا، ان مان ظاهر آهي ته بوءِ جو اثر ذهن ٺاهڻ ۾ ڪو گهڻو ڪم ڪونه ٿو اچي نه ته باسن جي ورڇ وچور لازمي ٿي پوي ها. عجب نه آهي ته ذهن خود باسن کان نٽائيندو هجي، انهن کي هيٺين جانورن جو مشغلو سمجهي کين پنهنجي دائري کان ٻاهر سمجهندو هجي. حيواني لذتون ۽ ڪرڀون سنگهڻ جي حواس سان، جو ويجهو ڪم ٿو اچي، زيادهه اٽڪيل ٿيون ڏسجن. اکين ۽ ڪنن کان، جي پري کان ڪم ٿيون اچن.
    لوبان ۽ هرمرو ته پاڪ جاين تي واس ڏيڻ لاءِ به ڪم آڻبو آهي. ڄڻڪ حاضر توڙي غائب حضراتن کي پسند آهي. مست، الستي، موجي مشغلن ۾، بوءِ، سواد، سـُـرَ ۽ نظاري کان گهڻو ڪم ورتو ويندو آهي.
    چکڻ جا حواس:سواد جي احساس جي جاءِ خاص طرح زبان ۾ آهي، جتي ڪنهن به شيءِ جي لڳڻ سان سندس ذائقي جي خبر پوندي نه پري کان. سواد جو احساس ڪنهن قدر وات ۾ به پکڙيل ٿئي ٿو. ويندي ڪاڪڙي ۽ ڪلين سوڌو.
    سواد مکيه چئن قسمن ۾ ورڇيل آهن. مٺا، ڪڙا، کارا، کٽا. ڪن شين جي سواد کي ڪسارو به چئبو آهي. ڪيترين شين جو سواد سمورو سندس بوءِ سان ٻڌل هوندو آهي. ڪافيءَ جي بوءِ ايندي آهي نه سواد. بصر کائيندي جي نڪ کي اهڙو بند ڪجي جو نڪ جي پٺئين پاسي کان به بوءِ منجهس نه اچي سگهي ته صوف، گوگڙو، ۽ بصر کائڻ ۾ فرق ڪونه جهڙو معلوم ڪبو.
    سواد ۽ سـُـڳنڌ جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. مڇيءَ وارو مسالو گوشت کي ڏبو ته گوشت به مڇيءَ وارو ذائقو ڏيندو. ڪٿي گاسليٽ جي بوءِ هوندي ڪا شيءِ کائبي ته ان جو سواد بدليل معلوم ٿيندو. ظاهر آهي ته کائڻ جو تعلق ڏندن سان، رڳو سنهي ڪرڻ جو نه آهي، پر چٻاڙڻ سان نفسي حظ ٿو حاصل ٿئي. بي لذت کاڄ مان بت کي خورش ملندي پر من بي مزي رهندو. جيڪا شيءِ چشڪي سان کائبي ان جو تن ۽ من ٻنهي تي اثر رهندو. وات جو پاڻي ڪرڻ نفسي اثر ٿو ڏيکاري.
    بک به انهيءَ نفسي چشڪي جو نتيجو آهي جنهن مان رڳو نه کاڌي جي خواهش ظاهر آهي پر ڇا، ڪڏهن به ڪيترو کائجي سو به ٻڌايو ڇڏي. بک سماجي اثر کان به خالي نه آهي. ڇاڪاڻ ته سنگت ۾ گهڻو کائبو. جڏهن پاڻ کي ڪري هوندي آهي ته ٻين کي چشڪي واريون شيون کائيندي ڏسي پاڻ کي به مزو ايندو آهي. جي بک نه هوندي ته اها چري پوندي آهي. ٻچي کي ماءُ جي ڇاتيءَ تي نه رڳو جسمي خورش ٿي ملي، پر ذهني تسڪين سلامتيءَ جو احساس ۽ مڪمل راحت، جي پوءِ اسين ڪنهن وڻندڙ سنگت ۽ لذيذ کاڌي ۾ محسوس ٿا ڪريون. ڊپ کان آزادي ۽ صلح ڪنهن کي پسند نه آهي؟ هر ڪنهن کي آرام ۽ سٺي سلوڪ جي ضرورت آهي سواءِ ظالمن جي.
    رواجي رسمي موقعن تي ته ٺهيو پر مذهبي مجلسن ۾ به کائڻ نه وساربو آهي، ختمو، خيرات، نذر نياز، شادي، غمي، کاڄ کان سواءِ نه ٿين. هر طبقي ۾ کاڄ جو اثر ايترو ذهن تي بيٺل آهي جو بک نه لڳڻ، هاضمو خراب ٿيڻ يا هٻڇ هئڻ، اڪثر ڪري ذهني اثرن ڪري ٿيو پون. بعضي جي ڪنهن شيءِ تان دلي ڦري ته ڪي ڏينهن کاڌو ئي ڇٽو. اهو به دماغي اثر. آدمخور ته پنهنجو عزيز ۽ نـَـهن سوڌو کائي وڃن!
    ڇـُـهڻ جو احساس:ڇهڻ جي احساس کي راحت ڏيڻ لاءِ جيڪي سڌريل دنيا خرچ ٿي ڪري، سو وائڙي ڪرڻ جهڙو. فقط وارن ۽ چمڙيءَ کي نرمائش، لاس ۽ چمڪ ڏيڻ لاءِ جيڪي تيل، صابڻ ۽ طرحين طرحين ڪريمون ڪم ٿيون اچن تن جي ته ڪٿ ڪريو!
    بدن ڇهجي ٿو ۽ ڏسجي ٿو. چمڙيءَ کي به شعور آهي، جو سمجهي سگهي ته کيس جيڪو هٿ لڳو سو پيار جو هو، ڌڪار جو هو، ڪاوڙ جو، حياءُ جو، جوش جو، فڪر جو، يا فرحت جو! اهو ئي هٿ ڪنهن ڀڳل دل کي جوڙي يا ٺهيل دل کي ٽوڙي. محبت جو هٿ سڄي بت ۾ بجلي ڀڙڪائي ڏئي، تن کي ڪمان وانگر تڻي من کي مهوسَ بنائي ڇڏي. آهي اک کي مجال جو هٿ جي هنر کي پهچي!
    (1) ڇهڻ سان ڪنهن شيءِ جي مٿڇري جي خبر پوندي ته ڪاٺ آهي يا ڌاتو، کهرو، لسو، نرم يا سخت، ٿڌو يا ڪوسو. (2) ڪنهن خال ۾ هٿ وجهبو ته سندس خالي يا پاڻيءَ سان ڀريل هئڻ جو احساس ٿيندو (3) نرم ويٺڻ ۾ ويڙهيل ڪنهن سخت شيءِ جي صورت معلوم ڪري سگهبي جيئن گوگيڙي ۾ ڪڪڙا. (4) نظر کان غائب انهن شين جو احساس - ڪا سرائي کڻي ڪنهن سوراخ ۾ وجهي ته گهمائڻ سان خبر پوندي ته اندر پاڻي آهي، مٽي، ريتي، پٿر يا ٻيو ڪجهه. سبڻ ۽ لکڻ، سئيءَ ۽ قلم جي احساسن تي ٻڌل ٿو ٿئي. ساڳي طرح زمين ۾ يا ڪنهن ٻئي هنڌ ڪم ايندڙ اونهن اوزارن جو ڪم. اڃا نڀ پني تي لڳو آهي هڪدم مغز کي خبر پوندي ته پنو لسو آهي، کهرو يا سنهو ٿلهو وغيره. ڪنهن بخمل جي لياقت پرکڻ لاءِ آڱريون فيصلو ڪنديون نه اکيون، پر جي رڳو ايترو ئي ويچار ۾ آڻجي ته مخمل ڪيئن لڳندي ته خيال هٿ کي ياد ڪندو نه اک کي.
    بت جي ڪهڙي به عضوي کي چٽيون ۽ گهڻيون خبرون ڏيندڙ هٿ آهي، هٿ ۾ هٿ ملائڻ سان من کي گهڻو ئي ڪجهه معلوم ٿيو وڃي، جنهن کان نظر خود بي خبر ٿي رهي. اک تي ارادو اثر ڪري کيس جهڪو جهيڻو ڪري سگهي ٿو. پر هٿ ٻچاپڙائي ڄاڻي ئي ڪانه. مڪرن کان بلڪل صاف. هٿ جي گرمائش، ٿڌاڻ، نرمائي، کهراڻ، زور، ڪمزوري، اڳلي جي رسوخ کان گهڻي قدر واقف ڪيو ڇڏي. هٿ ملائڻ سان ماڻهو اڳلي سان پاڪبازيءَ جو اقرار ڪري، ڪنهن جي دل وٺي، خوف زده کي تسڪين ڏئي يا جهٽڪو ڏئي. هٿ هٿ مان ڪڍڻ سان لڙائيءَ جو اعلان ڪري. هٿ جي چرپر مان ئي ڪيتري قدر هٿ ڏيندڙ جي طبعيت، سڀاءَ ۽ پاڻ ڏانهن خيال جي خبر ملي ويندي. هٿ جي آڱر ڀلائيءَ ڏانهن اشارو ڪري، برائيءَ کان روڪي، سنئين راهه ڏسي.
    پتلين جو ناچ ته سڄو آڱرين جي احساس تي ٻڌل آهي. ساڳيءَ طرح ڪيترا ناچ، هٿ - ناٽ، مصوري، بتگري وغيره هٿن سان ٻڌل ٿا ٿين. هٿ جي اشاري سان حڪم ملي، تسڪين ملي، ڪنهن جي سسي ڪپجي. سچ ته بي نور هٿ کي ئي خبر آهي ته سندس انڌپڻ ڪيترو نه خطرناڪ هوندو!
    هٿ قادر جي سگهه ۽ انصاف جو مظهر آهي. هٿ کان سواءِ سگهه ڪانهي. هٿ وڃڻ معنيٰ بيڪار ٿيڻ، اوائلي انسان جا ته سڀ اوزار هٿ ۾ هئا. نهن کي کوٽڻ، کرڙڻ، چيرڻ ڦارڻ جي ڪم آڻي، ته مڪ کي مترڪي وانگر ڀڃڻ، ڪـَـٽڻ ڦيهڻ لاءِ. پهرين ماڻهوءَ جون پنجئي آڱريون گڏ پٽبيون پوربيون هيون، پوءِ آڱوٺو ڌار ٿي، پاسيرو ٿي ويو. ڪرائي ورڻ ڦرڻ لڳي. ڏسڻي آڱر اڪيلي ٽنبڻ اکيڙڻ ۽ اندرين شين جي سڃاڻڻ ۽ ماپڻ کي لڳي. هٿ جي تريءَ ڪوڏر جو ڪم ڪيو. پٽڻ، ڇـِـڪڻ ۽ ڍوئڻ کي لڳي. چار آڱريون ڏانداريءَ ۽ پاهوڙي جو ڪم ڪرڻ لڳيون.
    سور: ڪو به حواس جي حد کان تيز ٿيو ته سور لکائيندو، تيز روشني، تيز آواز، تيز بوءِ، تيز سواد سور فقط مغز جي اثرن سبب به ٿئي. ڪي چريا پاڻ کي سخت عذاب ڏين ايتري قدر جو ساڙڻ، اکيون ڪڍڻ، هڏ ڀڃڻ، سوراخن ۾ ٽانڊا وجهڻ ۽ پوءِ به کلندا چون ته چؤ هاڻي شيطان ڪيڏي ويندين؟ قابو آهين ڪين نه!
    بدني بيهڪ ۽ توازن جو احساس:بت کي اٿڻ، ويهڻ، هلڻ چلڻ ۾ هڪ ڪڙيءَ رکڻ لاءِ به ڪيترا احساس ڪم ٿا ڪن. اهي احساس گوشت ۽ هڏن جي سنڌن مان مغز کي ملندا ٿا رهن، جن مان مغز کي بدني صورتن ۽ بيهڪ جي خبر ملندي ٿي رهي ۽ هو هرڪا ڪوشش بت کي ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪندو ٿو رهي. مغز جي مطلبن حاصل ڪرڻ جي ڪـَـل ته بت ئي آهي. جنهن کي مغز هر حيلي برقرار رکڻ جو بندوبست ڪندو ٿو رهي. جي بت ڊٺو ته پاڻ به ڇٽو.
    مغز کي هر وقت مشڪن کان خبر ملندي ٿي رهي ته ڪهڙيون مشڪون ڪم ۾ آهن ۽ ڪيتري قدر ڪم ڪري رهيون آهن. بت جي هيڏي هوڏي اهلڻ جي خبر ڏيڻ جو اوزار وري اندرئين ڪن ۾، ٽن اڌ گول نلين جي صورت ۾ رکيل آهي. اهي نليون پاڻياٺي رطوبت سان ڀريل آهن، جنهن ۾ تنتي تندن جا سنهڙا وار لٽڪيل آهن. بدن سڄي، کٻي، اڳتي، پوئتي، مٿي، هيٺ ٿيو ته نلين جو پاڻي به ساڳئي دستور موڙ کائيندو ۽ وارڙا اهو تحرڪ هوبهو مغز کي ٻڌائيندا ٿا رهن جنهن مان مغز کي بت جي هوا ڀر تحرڪ جي به خبر ملندي ٿي رهي. اسان جي چرڻ پرڻ جا طرف به ٽي، ته نليون به ٽي. هي نليون ڏسي سگهبيون، پر نهايت نفيس ٿيون ٿين، وري ڇا لڳي سندن ڪم! نسوري حيرت آهي! جي اکين سان قادر ڏسڻ ٿا گهرو ته سندس قدرت ڏسو.
    وقت جي ڪٿ ۽ ذهن:ڏک جو ڏينهن به ورهيه، پر خوشيءَ جو وقت ائين گذري جو خبر به ڪانه پوي ته ڪيئن ويو. اهو آهي دماغي ڪيفيتن جو وقت تي اثر. سور، خوشي، ڏک، اوسيڙو، ماضي، حاضر، مستقبل کي وڏو ننڍو ڪيو ڇڏين، منٽ، ڪلاڪ، ڏينهن، انگهن سسن، وٽجن وڌن يا ڪرو مرو ٿين. ڪلهوڪو حادثو مهينن جو عرصو ٿي پوي.
    وقت وڇوٽيءَ جي ڪٿ ڪرڻ وارا حواس ڪن ۽ اکيون آهن، ڪن وقت جو اندازو باريڪيءَ سان ڪري ٿو پر اکيون وڇوٽي محسوس ڪرڻ لاءِ ايترو ڪارگر نه آهن ڪا به خبر ڪانه ٿيون ڏين ته تارا، ڪي ڪروڙين ميل پري آهن پر ويجهن شين جي مفاصلي جي به ڪٿ ڪرڻ ڏکي. ڪن وقت ماپڻ لاءِ نهايت نفيس آهن. راڳ ۾ پلَ ته وڏي وڇوٽي آهن، پر ماترائن جي ڪٿ به پوري ڪريو وڃي. شل نه ڪو آواز ذري ڀر به ڊگهو يا ڇوٽو ٿئي ته هڪدم ڪن ان کي بيسرو يعني وزن کان ٻاهر ڄاڻائيندو. نڪ وري حافظي جو احساس اهڙو پختو ٿو رکي جو ڪڏهن نه وساري. بوءِ جو يادگيريءَ سان گهاٽو سنٻنڌ آهي.
    جبلن تي بدني ڀڃ - گهڙ گهٽ ٿي ٿئي، انڪري ٻڍاپڻ پوئتي پئجو وڃي. تپ ۾ وقت ڍرو گذرندو معلوم ٿيندو. جي حرارت معمول کان گهٽي ته وقت تڪڙو گذرندو ڀائنبو.
    مستقبل ته آهي ئي ذهن سان ٻڌل. نه ويچار سواءِ مستقبل آهي، نه مستقبل کان سواءِ زندگيءَ کي ڪو مقصد. آسرن اميدن تي هلجي ٿو، نه ته ٿي پاءُ پلڪ جي موجود زندگي، ان کي ته ڪا معنيٰ ئي ڪانهي. ماڻهو هميشه آئيندي جي ويچار ۽ وسواس ۾ لڳو ٿو رهي. سڀاڻي، مهيني سال جون رٿون مغز ۾ ڦرنديون ٿيون رهنس. جيڪو جيترو پري مستقبل ڏسي سگهي. اهو اوترو ذهين. حيوان مستقبل کان بنهه خالي آهن.
    تازو انومان آهي ته ٻولي تڏهن شروع ٿي جڏهن ماڻهوءَ پٿر کان ڪم وٺڻ بعد پاڻ کي سلامت سمجهيو ۽ آئيندي جو ويچار ڪرڻ لڳو. ماڻهوءَ جي ڪمائي به سندس مستقبل جي خيال تي گهرو اثر ٿي رکي. ڪو ٽڪو ڪمائي ٽڪو کائي. ڪنهن جي ڪمائي روزاني، ڪنهن جي هفتي وار، ماهياني، فصل تي يا سالياني، ڪن جون ته بئنڪون ڀريون پيون آهن، پوءِ سالن جون رٿون رٿي پيا هلائين. ان ۾ ڪهڙو شڪ آهي ته سٺي مالي حالت حوصلو وڌائيندي؟ ڪمائي روزاني، ته گذر به روزانو، ته رٿون به روزانيون.
    اوائلي ماڻهوءَ جي وقت جي ڪـَـٿ ڏينهن رات ۽ سندس روز مره جي ڪمن ڪارين سان اٽڪيل هئي، مال جو پهرجڻ ۽ موٽڻ، ڏهائيءَ جو وقت، نمازون ۽ عبادتون. ڪانُو سج جو اڀرڻ، پاڇا لڙڻ، منهن اونداهي، پئسي پرک جي مهل، وري ساليانيون کيتيءَ جون مشغوليون هيون، پاڻيءَ جو اچڻ ۽ ڇڄڻ، مندون، هرڦار جو وقت ۽ لابارا، ٻيجارا، رونبا، چونڊا، ڪانوَن جا آل اڏائڻ وغيره. اهڙيءَ طرح پنهنجو مستقبل پنهنجي پڄنديءَ سارو اکين اڳيان رکندا هئا ۽ ڪن ڪندا رهيا.
    وقت وقت جو قدر به پنهنجو. جي ڪنهن مزيدار دلچسپ ڳالهه لاءِ ترسڻو پيو ته ڀانئبو ته هينئر ٿئي، ڪيترو نه وقت اجايو ويو. پر جي ڪو آپريشن ڪرائڻو هوندو ته وقت جو ڪو به قدر نه هوندو ۽ ائين ڀائنبو ته ٻيو به ڪجهه گذري ته چڱو. ساڳيءَ طرح ڪن بيمارين جو به وقت تي اثر پوي ٿو. ٿئرائڊ جي وڌڻ ڪري وقت جي ڪٿ گهٽ ڪبي، پر پارڪنسونزم جي بيماريءَ ۾ زياده ٿيندي. ڀنگ ته وقت انگهائڻ لاءِ مشهور آهي. گذرندو منٽ ته ڀانئبو ڏهه منٽ ٿي ويا. اڃا به مٿي. آفيم ته رات کي ورهيه ڪري وجهي. ميسڪلن وقت جي لاڳيتي حالت ڪپي وجهندو. ڀانئبو ته وقت آهيئي ڪونه. هر ڪا ڳالهه ڍري لڳندي. خيالات جي رفتار تيز ٿي وڃي. تيز رفتار شيون ڍريون معلوم ٿينديون. هڪڙو ماڻهوميسڪلن جي اثر هيٺ در کولڻ جي خيال سان ڪرسيءَ تان اٿيو. ٻين ڏٺو ته هليو به تڪڙو پر پاڻ ائين سمجهيائين ته ورهيه لڳي ويا. دروازي جي اڌ پنڌ تي بيهي رهيو جو وسري ويس ته ڇو اٿيس.
    پورالن کي ته بعضي وقت سان پوي، بعضي يڪي اڻبڻت. روسو، ڀانئيندو هو ته وقت پٺتي هلي ته چڱو. آيس جا خار سو واچ اڇلي ڇڏيائين ته وقت ياد ئي نه پوي، پوءِ اهڙو خوش ٿيو ڄڻڪ ڪنهن قيد جي پابنديءَ کان ڇٽو هو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,873
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    تمام سهڻو ڪارائتو ۽ علمي مضمون ۔۔۔ سٺو نڀا ٿيل آهي موضوع سان ۔۔۔ ونڊ ڪرڻ تي ٿورائتا ۔۔۔
    جڙيا هجو شال
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو