محترم دوستو منهنجي دوست جي ڪمپيوٽر ۾ هڪ مشڪل ٿئي آهي اتفاق سان هن پنهنجي ڪمپيوٽر جي اسڪرين ريزوليشن فل سائز ڪري ڇڏي آهي لهذا اسڪرين تي ونڊوز نٿياچي ان جو ڪو حل ٻڌايو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔suhnan saan
ا اتفاق سان هن پنهنجي ڪمپيوٽر جي اسڪرين ريزوليشن فل سائز فل سائز ڪري چڏي آهي لهذا اسڪرين تي وينڊوز نٿو اچي ان جو ڪو حل ٻڌايو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دا سمجه ڪونه آيو ڪجه تفصيل ڏيو
منهنجي خيال ۾ توهان جي دوست وٽ اينالاگ مانيٽر آهي، جنهن جي اسڪرين ريزوليشن 800x600 کان وڌائي ويئي آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ظاهر آهي اسڪرين نظر نه ايندي، يا جيڪڏهن نظر ايندي به ته صرف زگ زيگ پٽيون ئي ظاهر ٿينديون. انهيءَ صورت ۾ ڪنهن ڪمپيوٽر ۾ اسڪرين ريزوليشن 800x600 ڪرڻ جي مشق ڪريو. مثال طور پهريان ڊيسڪ ٽاپ تي رائيٽ ڪلڪ ڪري، ڪي بورڊ مان اپ ڊائون ايرو جي مدد سان هڪڙو ڀيرو اپ ڪنداسين ته ڊسپلي پراپرٽيز کلي پوندي، پوءِ 5 ڀيرا ٽيب دٻائبو ته اسان جو ڪرسر ٿيم جي پراپرٽي کي سليڪٽ ڪندو پوءِ وري چار يا 5 ڀيرا رائيٽ ايرو دٻائينداسين ته اسان جو ڪرسر سيٽنگس ۾ اچي ويندو پوءِ هڪڙو ڀيرو ٽيب دٻائينداسين ته اسان اسڪرين ريزوليشن تي اچي وينداسين، انهيءَ کان پوءِ هڪڙو يا ٻه يا وري ٽي ڀيرا ليفٽ ايرو دٻائينداسين ته اسان جي اسڪرين ريزوليشن 800x600 ٿي ويندي. انهيءَ کان پوءِ آخر ۾ ”انٽر“ دٻائينداسين ته اسان جي سيٽنگ اپلائي ٿي ويندي ۽ اسڪرين نظر اچي ويندي. جيڪڏهن مانيٽر ڊجيٽل ناهي ته هي طريقه ڪار اختيار ڪري ڏسو، انشاءَ الله مسئلو حل ٿي ويندو. آئون نٿو سمجهان ته هن دور ۾ به ڪنهن وٽ نان ڊجيٽيل مانيٽر هوندو؟
اميد ته ادا ابو زين واري سمجهاڻي ڪافي لاڀائتي ثابت ٿي هوندي۔۔۔۔۔ جيڪڏهن اڃا به مسئلو حل نه ٿئي ته پوءِ اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪري ايف ايٽ وارو بٽڻ پريس ڪندا رهو۔۔۔۔ پوءِ اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر کي سيف موڊ تي هلايو جڏهن اوهان جو ڪمپيوٽر سيف موڊ ۾ هلي وڃي ته پوءِ اوهان ڊيسڪٽاپ تي رائيٽ ڪلڪ ڪري ٻيهر ريزوليش 600 باءِ 800 تي ايڊجيسٽ ڪري ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪري نارمل موڊ ۾ هلايو۔۔۔۔ اميد ته اوهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔۔۔۔۔۔
سائين فقير زاهد صاحب ڪمپيوٽر سيف موڊ ۾ هلي فقط ويندوز جي انفارميشن ڏئي ٿو وڌيڪ تفصيل ٻڌايو sindhsalamatsaathsal
ادا سنڌ سلامت جا بادشاه توهان کي اسان غريبن جا مسئلا ڪئين سمجھ ۾ ايندا پاڪستان ھي حڪمرانن وانگر ۔۔۔۔۔۔هاهاهاهاهاهاshal judy hujeenshal judy hujeen
سائين ٿورڙو وضاحت سان لکو ها ته شايد ئي ڪو حل ڪڍي وٺون ها۔۔۔۔۔ معني اوهان جو ڪمپيوٽر سيف موڊ تي نٿو هلي۔۔۔۔۔ اگر اوهان جو ڪمپيوٽر سيف موڊ ۾ هلي وڃي ۽ اوهان کي ڊيسڪٽاپ ڏيکاري ته پوءِ ئي اوهان جو اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو۔۔۔۔ اسان جي علم ۾ اها ئي ڄاڻ هئي۔۔۔۔۔۔۔ ٻيو حل ته اوهان کي پنهنجي ڪمپيٽور جي ٻيهر انسٽاليشن ڪرڻي پوندي۔۔۔۔۔۔ اڃان به انتظار ڪجو هن ساٿ ۾ ڪافي وڏا نالا موجود آهن من اوهان جي عرض تي ڪو رحم پوين۔۔۔ shal judy hujeen
جي فقير سائين منهنجي دوست جو ڪمپيوٽر سيف موڊ ۾ به نٿو هلي عرض ڪيم ته فقط ويندوز انفارميشن ڏئي ٿو ڊيسڪٽاپ نٿو ڏيکاري ..
ادا عظيم ٿي سگهي ٿو ته واقعي اوهان جو ونڊو جا ڪجهه فائيل ڪرپٽ ٿي ويا هجن ته پوء سائين زاهد جي صلاح وانگر ونڊو ٻيهر ڪيو ته انشآء الله مسئلو حل ٿي ويندو۔
سائين رحيم بخش ونڊوز ٻيهر انسٽال ڪرڻ انهي کي مسئلي جوحل نه چئبو ائين ته ڪرڻ آسان آهيwslamwslamwslam پر ڪجھ ڪم واراي ڊيٽا ڊيسڪ ٽاپ تي پيل آهي اها بچائڻ چاهي ٿو انهي ڪري هتي دوستن کان صلاح ورتي آهي shal judy hujeen
ادا ڊيسڪ ٽاپ واري ڊيٽا به اوهان ڪاپي ڪري بچائي سگهوٿا ليڪن اوهان چئو ٿا اهو ونڊو بحال ٿئي اهو ته تمام بهتر آهي پر ٿي سگهي ٿو ته ان جو حل سائين وڏو ايڊ مين ان جو ڪو حل ٻڌائي ته مسئلو حل ٿي سگهي ٿو۔
سائين مان انهي وڏي ايڊ مين ۽ فقير سائين جي جواب جي انتظار ۾ آهيان لڳي ٿو ادا علي علي کان سفارش ڪرائڻي پوندي ۔۔۔
اوهان جو مانيٽر هائي ريزوليشن سپورٽيڊ نه آهي. بهرحال ٻنهي صورتن ۾ منهنجي ٻڌايل طريقي تي عمل ڪريو، انشاءَ الله مسئلو حل ٿي ويندو
سائين مون غريب حقير جي ذهن ۾ هڪڙي صلاح پئي ڦيرا ڏيئي۔۔۔ لکڻ سان ٿي سگهي ٿو ته متان دوست کلن پر پوءِ به اسان جو حجاب ٽُٽي پوندو۔۔۔۔۔ ادا عظيم صلاح اها آهي ته اوهان پنهنجي دوست واري ڪمپيوٽر کي ڪنهن ٻئي هاءِ ريزوليشن سپورٽيڊ مانيٽر تي هلايو ۽ ان کانپوءِ اوهان ان جي ٻيهر سيٽنگ ڪري 600 باءِ 800 ريزوليشن رکي ايپلائي اوڪي ڪري سسٽم شٽ ڊائون ڪري پوءِ اوهان پنهنجي ساڳئي مانيٽر تي ڪمپيوٽر کي هلايو اميد ته مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔۔ جي اڃان به مسئلو حل نه ٿي سگهي ته پوءِ اوهان ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊرائيو ڪڍي ٻئي ڪمپيوٽر سان لڳائي پنهنجي ڊيسڪٽاپ واري ڊيٽا کي محفوظ ڪريو۔۔۔ ۽ ٻيهر ونڊوز انسٽاليشن ڪيو۔۔۔۔ ادا جنهن حد تائين مونکي سمجهه ۾ اچي ٿو ته اوهان جو مسئلو ٻئي مانيٽر تي حل ٿي ويندو۔۔۔shal judy hujeen
ڀاءُ ابو زين مان توهان وارو طريقو استعمال ڪيو آهي پر اگر تڪليف نه سمجھو ته اهو طريقو اسڪرين شاٽ سان ٻڌايو ته مهرباني ٿيندي ۔لک لائق shal judy hujeen
سائين رحيم بخش سائين زاهد واري صلاح تي عمل ڪيو سين پر مسئلو حل نه ٿيو shal judy hujeen وڌيڪ ڀاءُ ابو زين کي نماڻو عرض ڪيو هيو سين ته اسڪرين شاٽ سان سمجھائي
ادا عظيم يار آئون معذرت خواه آهيان جو اوهان جو مسئلو مونکان حل نه ٿي سگهيو اسانجي علم ۾ جيڪو ڪجهه ان جي باري ۾ هيو سو اوهان تائين فراهم ڪيوسين۔۔۔۔ باقي ادا ابوزين ته اسانجو استاد آهي ۔۔۔۔۔ اميد ته منهنجو استاد سائين shal judy hujeenابوزين اوهان جو مسئلو ضرور حل ڪندو۔۔۔۔۔