پوءِ سائين پنهنجي مسئلي کي ٿورڙي تفصيل سان دهرايو. منهنجو خيال آهي ته ريزوليشن وارو مسئلو سائين زاهد جي مشوري تي عمل ڪرڻ سان حل ٿي وڃڻ گهربو هو.
ڀاءُ ابو زين ڊيسڪ ٽاپ تي رائيٽ ڪلڪ ڪر ي - پراپٽيز ۾ وڃي - سيٽينگ ۾ سڪرين ريزوليشن فل سائيز ڪري ڇڏي آهي انهي کان وڏيڪ ڪهڙي تفصيل ٻڌايان
پهريائين ته اها پڪ ڪريو ته ونڊوز ورڪنگ صورت ۾ آهي يا نه. مثال طور اسٽارٽ اپ اسڪرين کان پوءِ توهان جي ڪمپيوٽر جي ڇا پوزيشن آهي. جيڪڏهن اسٽارٽ اپ اسڪرين کان پوءِ ونڊوز نظر نٿي اچي صرف زگ زيگ ۽ عجيب غريب قسم جون پٽيون ظاهر ٿين ٿيون. انهيءَ جو مطلب آهي ته هاڻي ونڊوز کلي چڪي آهي. انهيءَ کان پوءِ اندازي مطابق بيڪ گرائونڊ تي پنهنجي مائوز سان رائيٽ ڪلڪ ڪريو (خيال رهي ته ڊيسڪٽاپ تي پيل ڪنهن به آئي ڪون تي ڪلڪ نه ٿئي) هي ڏسو: هاڻي ڪي بورڊ مان اپ ڊائون، ليفٽ رائيٽ بٽڻ سان اپ جو بٽڻ دٻايو ۽ انٽر ڪري ڇڏيو هاڻي پراپرٽي کلي ويندي ۽ پنهنجي ڪي بورڊ مان ٽيب (Tab) کي 4 ڀيرا پريس ڪريو. ٽيپ پريس ڪرڻ کان پوءِ توهان ڪو ڪرسر Themes تي اچي ويندو. انهيءَ کان پوءِ رائيٽ ايرو کي 5 يا انهيءَ کان وڌيڪ ڀيرا پريس ڪريو، ائين ڪرڻ سان توهان Settings ۾ اچي ويندا. پوءِ هڪڙو ڀيرو ٽيپ پريس ڪريو هاڻي توهان اسڪرين ريزوليشن ۾ اچي ويا. آخر ۾ ڪي بورڊ مان ليفٽ ايرو 5 يا 6 ڀيرا پريس ڪري 2 ڀيرا انٽر ڪري ڇڏيو. اميد ته مسئلو حل ٿي ويندو. (انشاءَ الله)
ادا مٿين طريقن سان مسئلي جي حل نه ٿيڻ مان لڳي ٿو توهان جي دوست جي ونڊوز ڪرپٽ آهي يا هارڊويئر سان ڪو مسئلو آهي، بهرحال، هڪ صلاح آئون به ڏيڻ چاهيندس پوء الله مالڪ آهي، توهان ونڊوز کي ريبوٽ ڪيو، ان ڊرائيوَ ۾ نه جنهن ۾پهريان ئي ونڊوز لڳل آهي پر هن واري ڪنهن ٻي ڊرائيو ۾ ونڊوز انسٽال ڪريو جنهن ضروري شيون موجود ناهن، انسٽال ڪرڻ کان پوء پهرين واري ڊرائيوَ ۾ ونڃو جتي ڪرپٽ ونڊوز آهي پوء ان جي ڊاڪيومينٽس اينڊ سيٽنگس ۾ ونڃو ، ان کان پوء ائڊمنسٽريٽر ۾ پهرين واري ڊيسڪٽاپ جون شيون موجود هونديون، ڪنهن يو ايس بي وغيراه ۾ ڪاپي ڪري وٺو. اميد ته ڪجھ مدد ضرور ملي هوندي.
ادا عظيم توهان کي ابوزين صاحب بهترين سمجهاڻي ڏني آهي ۽ جيڪڏهن اڃان به مسئلو حل نه ٿئي ته پوءِ ونڊوز سسٽم کي ايڪس پي ونڊوز جي سي ڊي سان بوٽ ڪري انسٽاليشن هلائي ريپيئر جو آپشن سليڪٽ ڪريو، ٽائيم انسٽاليشن وارو ئي وٺندو پر توهان جي ڪابه شئي ختم نه ٿيندي ۽ مٿي ڏنل مسئلو به حل ٿي ويندو۔۔۔ باقي مانيٽر ايل سي ڊي آهي نارمل ٽي وي شيپ وارو ”ڪيٿوڊ ري ٽيوب“۔۔۔
ادا عظيم، هن ناچيز جي خيال سڀ کان آسان طريقو هي آهي ته اگر توهان جي ڪنهن دوست وٽ Lcd مانيٽر آهي ته پهريان واري مانيٽر جي جڳهه تي انهي کي لڳايو. انشاءَ الله توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو. اگر مسئلو حل نه ٿئي. ته وري ٻيو حل ٻڌائيندس. پر مونکي يقين آهي ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو.
جواب: منهنجو مسئلو حل ڪيو ادا دوست پنهنجي ڪمپويٽر کي اسٽارٽ ڪيو ان کان بعد ۾ F8 جي ڪي پريس ڪريو آپشن اچي ويندو اتي Enable VGA Mode جو آپشن سليڪٽ ڪري انٽر دٻايو اوهانجي ڪمپويٽر جي ونڊوز اچي ويندي ادا ۽ ان کانپو پراپرٽيز ۾ وڃي ڪري اوهان پنهنجي مرضي جي ريزوليوشن اسڪرين سيٽ ڪري سگهو ٿا مهرباني
جواب: منهنجو مسئلو حل ڪيو ادا دوستن بهتر مشهورا ڏنا آهن اوهان کي ۽ جيترو منهنجي علم ۾ آهي سا به ساڳي ڳالهه ٿيندي ته اوهان کي انسٽاليشن ٻيهر ڪرڻي پوندي ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه فائل ڪرپٽ ٿي ويا هجن سدائين گڏ
جواب: منهنجو مسئلو حل ڪيو ادا توھان وري ب ڀائو ابوزين وارو طريقو آزمائي ڏسو ۔باقي رھي ڳالھ ڀائو زاھد جي انھي طريقي سان شايد توھان جو مسئلو درست ن ٿئي۔ ساٿ سلامت،