اڄوڪو ڏينهن 5 فيبروري تاريخ جي دري مان

'فيبروري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 5 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    5 فيبروري 1902ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد چارڻ جو جنم ڏينهن آهي.
    5 فيبروري 1936ع شاعر علي بخش سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 فيبروري 1937ع ليکڪ ۽ اديب بيدار مورائي جو جنم ڏينهن آهي.
    5 فيبروري 1948ع سائنسدان ڊاڪٽر يار محمد کهاوڙ (شهدادڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 فيبروري 1962ع شاعر امر ساهڙ جو جنم ڏينهن آهي.
    5 فيبروري 1966ع شاعر سانوڻ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
    5 فيبروري 1968ع ليکڪ عبدالمبين شورو جو جنم ڏينهن آهي.
    5 فيبروري 1976ع باليووڊ اداڪار اڀيشڪ بچن جو جنم ڏينهن آهي.
    5 فيبروري 1977ع شاعر اياز امر شيخ (سجاول) جو جنم ڏينهن آهي.
    5 فيبروري 1980ع ليکڪا خوشبو سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
    5 فيبروري 1980ع شاعر امبر باسط جو جنم ڏينهن آهي.
    5 فيبروري 1982ع ليکڪ حضور بخش مهراڻ ملڪ جو جنم ڏينهن آهي.
    5 فيبروري 1984ع ليکڪ نند لال مينگهواڙ جو جنم ڏينهن آهي.
    5 فيبروري 1986ع ليکڪ جعفر شاهاڻي جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    5 فيبروري 1953ع موسيقار ۽ قومي تراني جي ڌن ٺاهيندڙاحمد ڇاڳلا جو لاڏاڻو ٿيو.
    5 فيبروري 1968ع شاعر قاضي گل محمد جو انتقال ٿيو.
    5 فيبروري 2001ع برک تعليمي ماهر، قانوندان ۽ ليکڪ پروفيسر بشير احمد قريشي جو انتقال ٿيو.
    5 فيبروري 2016ع ناميارو شاعر بشير سيتائي لاڏاڻو ڪري ويو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 5 فيبروري جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان
    _______
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 فيبروري 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    لا جواب سلسلو ادا، جاري ركندا، هي سلسلو سنده سلامت جي سونهن آهي..
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    احمد جي چاڳلا:
    احمد. جي. چاڳلا پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن جو خالق ۽ ممتاز موسيقار ٿي گذريو آھي، جنھن جو پورو نالو احمد غلام علي چاڳلا ھو. 1902ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو، سنڌ مدرسي مان تعليم حاصل ڪيائين. ڪراچيءَ جي نامياري موسيقار مھاراج سوامي داس جو شاگرد ٿيو. 1928ع ۾ ڪاروبار جي سلسلي ۾ برطانيا ويو، جتي ٽريننگ ڪاليج مان موسيقيءَ جي به تعليم ورتائين. پاڪستان ٺھڻ کان ٿورو عرصو اڳ بمبئيءَ ويو، جتي ھڪ فلم ڪمپني ’اجنتا‘ ۾ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيائين، ورھاڱي کان پوءِ پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن ٺاھيائين، جنھن کي 1949ع ۾ حڪومت پاڪستان منظور ڪيو، انھيءَ ڌن کي ئي اڳيان رکندي محترم حفيظ جالنڌريءَ پاڪستان جو قومي ترانو ’پاڪ سر زمين شادباد‘ لکيو، 5 فيبروري 1953ع تي وفات ڪيائين، ڪي ڊراما به لکيائين، جن مان ’ڀوت‘ (ترجمو)، ’خزني‘ (ترجمو)، ’جيڪا تقدير‘، ’ديس جو دشمن‘ ۽ ’گڏي جو گھر‘ مشھور آھن، جنھن ھارمونيم تي قومي تراني جي ڌن ٺاھي ھئائين، اھو ۽ ان جا نوٽيشن، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري جي مشاھيرن واري گئلريءَ ۾ موجود آھن.
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو