سنڌ جي قديم ثقافت جو مظهر ملهه

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    668
    ورتل پسنديدگيون:
    1,765
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    سنڌ جي قديم ثقافت جو مظهر
    ملهه
    1963 اٽيچمينٽ ڏسو 1964 اٽيچمينٽ ڏسو 1962 اٽيچمينٽ ڏسو
    توهان ”ميلا“ ڏٺا هوندا. ميلن ۾ توهان کي خبر آهي ته ٻين تفريحن سان گڏ سنڌي ملاکڙو به شامل هوندو آهي. ملاکڙي ۾ انهيءَ دور جا مشهور ”ملهه“ هوندا آهن، جيڪي ملاکڙي ۾ ملهه وڙهندا آهن. ملاکڙو اسان جي سنڌ سونهاري جو هڪ اهڙو انمول تحفو آهي، جنهن کي اسان غير قومن جي اڳيان فخر سان پيش ڪري چئون سگهون ٿا ته اسان جي سنڌ ۾ به هڪ قديمي ثقافت ”ملهه“ موجود آهي. ملهه، سنڌ جي سهڻي ثقافت جو اهڙو شاندار پهلو آهي، جنهن کي سنڌ جو هر ننڍو توڙي وڏو، جواب توڙي ٻُڍو پيار ڪري ٿو. ملاکڙي جي وقت ماڻهن جا ميڙ، پهلوانن جي زور آزمائيءَ تي واهه واهه ڪرڻ ۽ کٽندڙ پهلوانن کي انعام ۽ اڪرام سان نوازڻ سنڌي قوم جي خوش ذوقي ۽ فن پرستيءَ جا چِٽا اهڃاڻ آهن. هونءَ به فن سان محبت سنڌي قوم جي خاص خوبي پئي رهي آهي، ان ڪري ”ملهه“ سان محبت هڪ فطري نتيجو آهي. هن فن جا ماهر سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ به موجود آهن.
    ملهه وڙهڻ جو طريقو:
    سنڌ ۾ ملهه وڙهڻ جو روايتي انداز بنهه انوکو آهي. سڀ کان پهرين مڱڻهار فقير، دهلن ۽ شرنائين سان ملاکڙي جي ميدان تي رنگ رچائيندا آهن ۽ اتي پهچي پهرين ملاکڙي جي وڄت وڄائيندا آهن. ان کانپوءِ هر ڪو پهلوان پِڙ تي پهچي، پِڙ جو سلام ڪندو آهي يعني زمين تي هيٺ جهُڪي، پَٽ تي هٿ لڳائي، وري چپن ۽ ڪنن تي هٿ لڳائيندو آهي، جنهن کي ”مُجرو ڀرڻ“ چوندا آهن. (انهيءَ مُجري ڀرڻ ذريعي پهلوان تسليم ڪندو آهي ته منهنجي تڪبر ڪرڻ کان توبهه آهي وغيره). ان بعد وري سڀڪو ملهه پهلوان وڃي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويهندو آهي. ٿوري دير بعد ملاکڙو شروع ٿيندو. سڀ کان پهرين پهلوانن جا پاڻ ۾ جوڙ ٺاهيا ويندا آهن. پهلوانن ۾ ڪُل ٽي جوڙ ٿيندا آهن. پهريون جوڙ، ٻيو جوڙ ۽ ٽيون جوڙ. البت ٻئي ۽ ٽئين جوڙ ۾ جونيئر ۽ سينيئر به ٿيندا آهن، يعني جونيئر پنهنجي درجي واري جوڙ ۾ اڃا ڪچا هوندا آهن ۽ ٻئي جوڙ جي ڪنهن سينيئر ملهه جي سينئارٽي سندس سروس موجب نه پر سندس وڌيڪ مضبوطيءَ، ۽ ڪاريگريءَ ۽ فن جي ڄاڻ ڪري ليکي ويندي آهي. ڪيترائي نوان ملهه جلدي ۾ ترقي ڪري ويندا آهن ۽ پراڻا انهيءَ ساڳئي جوڙ م ڦاٿا پيا هوندا آهن. اهڙي طرح جوڙ ٺهڻ وقت وري سڀڪو ملهه پنهنجي جوڙ سان سندرو ڪري، موٽي وڃي پنهنجي جاءِ تي ويهندو آهي. ڪجهه دير بعد وري ملاکڙو شروع ٿيندو آهي. سڀ کان پهريائين ٽين جوڙ جا ملهه ميدان ۾ ايندا آهن، ٽئين جوڙ جي هڪ- ٻه جوڙي جي وڙهڻ بعد وري ٻئي ۽ پهرين جوڙ جا پهلوان ميدان ۾ ايندا ۽ اچڻ سان وري به پنهنجي حريف جو سندرو درست ڪري تنهن کانپوءِ ملهه وڙهڻ شروع ڪندا آهن. ملهه وڙهڻ ۾ فيصلو ٻن ملهن ۾ ٿيندو آهي. هڪ پهرين ۽ ٻي پوئين.پوئين ملهه جيتڻ واري کي فاتح قرار ڏنو ويندو آهي. ملهن ۾ پهرين جوڙ جي پهلوانن جي ملهه، تمام گهڻي تورتڪ واري ٿيندي آهي، هنن جي ملهه وڙهڻ وقت گهڻو ڪري ملاکڙي جا اڳواڻ ٻين ننڍن ملهن کي ويهاري ڇڏيندا آهن. پهرين جوڙ جا ملهه جڏهن هٿ ڳنڍيندا ته انهن کي هٿ وجهرائڻ وارو هڪ ٻيو شخص هوندو آهي، انهيءَ کي ”ٽياڪڙ“ ڪري چوندا آهن. ملهه وڙهڻ وقت ٻئي پهلوان پنهنجو هڪ هڪ سندري جي اڳئين پاسي کان پاڻ وجهندا آهن، ٻيو هٿ انهن پهلوانن جو ”ٽياڪڙ“ پٺيان ڦيرائي وجهرائيندو آهي. بعضي وقت تي انهن پهلوانن جا هٿ نڪري ويندا آهن، يا ته وري زور ڏيئي ٿڪجي پوندا آهن ته وري وڃي پنهنجي جاءِ تي ويهندا آهن، يا ته وري پاڻيءَ جي گُرڙي ڪري وري وڃي هٿ ڳنڍيندا آهن ۽ ساڳي ملهه ٻيهر شروع ٿي ويندي آهي. حاصل مطلب ته پهرين جوڙ وارن جي ملهه تمام ڏُکي فيصلو ٿيندي آهي ۽ تمام دلچسپ هوندي آهي. باقي ننڍن جوڙن جي ته سَٽ سَٽان لڳي پئي هوندي آهي. هٿ پيو ۽ مڙس ويو.
    ملهه جا خاص انگ:
    ملهه وڙهڻ ۾ ڪافي انگ اکر ٿيندا آهن. انهن سڀني انگن جا نالا کڻڻ يا انهن جي تشريح ڪرڻ سان مضمون تمام گهڻي واڌ کائي ويندو، تنهن ڪري خاص مروج انگ ۽ انهن جي تشريح پيش ڪجي ٿي.
    وارو ڪرڻ:
    ٻه پهلوان جڏهن پاڻ ۾ مقابلو ڪندا آهن تڏهن هڪ پهلوان پنهنجي مد مقابل پهلوان کي واري ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي بدن ۽ ٽنگن کي مضبوط جهلي پوءِ پنهنجي مقابل پهلوان کي وارو ڪندو آهي. وارو ڪرڻ لاءِ هڪ پهلوان پنهنجي مد مقابل جي ٻنهي ٽنگن جي وچ ۾ پنهنجي هڪ ٽنگ، جنهن تي هن کي پورو ڀروسو هوندو آهي، ان سان پنهنجي مدمقابل کي مٿي کڻي پوءِ دسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.ان انگ کي وارو ڪرڻ چيو ويندو آهي. ان واري ۾ گهڻا ملهه هڪڙو وارو ڪندا آهن ته ڪي وري ٻه ٽي يڪا وارا به ڪري ويندا آهن ۽ ڪي ملهه ته وري وارو ڪري اُڇلي ڇڏيندا آهن. هن انگ ۾ مد مقابل کي واري تان بچڻ بعد پنهنجو ڪو اعتماد وارو داءُ استعمال ڪرڻو پوندو آهي.
    مڪڙو ڦاسائڻ:
    هن داءُ ۾ جڏهن ٻه ملهه مقابلو ڪندا آهن ته هڪ ملهه ٻئي کي مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ مد مقابل وري پاڻ مٿي کَڄڻ بعد هن کي سندس ٽنگ جي بُڪيءَ (پِنيءَ) ۾ انگڙو ڦاسائي ڇڏيندو آهي. هن داءُ کي مڪڙو ڦاسائڻ چيو ويندو آهي.
    ڦنڊو-لاپڙيو:
    جڏهن ٻه پهلوان، ملهه وڙهڻ لاءِ هٿ ڳنڍي ڇڏيندا آهن ته اُن بعد وري ميدان ۾ پيا چُرندا ڦُرندا آهن، انهيءَ دوران ٻئي پهلوان ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن سامهون واري کي ڪو داءُ هڻجي. انهيءَ اوچتي داءُ ۾ ٽنگ کي ٿُڏو هنيو ويندو آهي، جنهن ۾ اگر سامهون وارو هوشيار نه هوندو ته ڪِري پوندو آهي. هن داءُ ۾ هوشياري ۽ چالاڪي ٿيندي آهي.
    جانٺو هڻڻ:
    پهلوان جڏهن ميدان تي زور آزمائي جو مقابلو شروع ڪندا آهن ته انهن مان هر هڪ پهلوان ٻئي کي پهرين جانٺو هڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جانٺو هڻڻ ۾ ڪافي انگ ٿيندا آهن. مثلاً کٻيءَ ۾ جانٺو، سڄيءَ ۾ جانٺو، اندريون جانٺو وغيره. جانٺو لڳڻ بعد گهڻي قدر ملهه ”کَسَ“ ڪندا آهن: يعني جڏهن سامهون وارو پهلوان کيس جانٺو هڻي ته پاڻ وري انهيءَ جانٺي لڳل ٽنگ کي پاڻ ڏانهن ڇِڪي ويندو آهي ۽ پوءِ پنهنجو ڪوبه اعتماد وارو داءُ استعمال ڪندو آهي. شوقينن جي ٻوليءَ ۾ چوندا آهن ته فلاڻي جانٺو ته ڏاڍو هنيس پر همراهه کَسَ ڪري ماري ويس.
    مُن يا مونڙي:
    هن انگ ۾ مقابلو ڪندڙ ٻئي پهلوان پنهنجو پنهنجو ڀروسي وارو گوڏو، گوڏي سان لڳائي بيهندا آهن. هن انگ کي ڪي شوقين وري گوڏي جو زور به چوندا آهن. هن انگ ۾ ملهن جي هارجيت جو فيصلو نه ٿيندو آهي، فقط هڪڙي قسم جي اَڙي ۽ گوٿناٿي ٿيندي آهي. هن انگ ۾ شوقين گهڻو ڪري بيزار ٿي پوندا آهن.
    پُٺو يا پاسو هڻڻ:
    هن داءُ ۾ مقابلو ڪندڙ پهلوانن مان هڪ پهلوان پنهنجي حريف کي ٻانهن جي طاقت سان وٽ ڏيئي، ٽنگ جي ڍاڪ تي آڻي پوءِ ڪيرائيندو آهي. هن داءُ کي پُٺو هڻڻ يا پاسو هڻڻ به چوندا آهن. هن داءُ ۾ بچاءَ جو امڪان بلڪل گهٽ هوندو آهي.
    ٻلهڻ يا ٻلها ٻاڙي:
    هن انگ ۾ جڏهن ٻه پهلوان مقابلو ڪندا آهن ته هڪ پهلوان ٻئي پهلوان جي سڄي ٽنگ ڏانهن پنهنجي سڄي ٽنگ، يا کٻي ٽنگ ڏانهن پنهنجي به کٻي ٽنگ، ٻاهرين پاسي ڏانهن ڪري، مد مقابل جي ٽنگ سان ملائي پوءِ هن کي ٿورو پاسيرو زور ڏيئي ڪيرائيندو آهي. هن انگ کي ٻلهڻ يا ٻلها ٻاڙي به چيو ويندو آهي. هن انگ ۾ بچاءَ ڪرڻ به وس کان ٻاهر هوندو آحي. اڪثر ڪري چوندا آهن ته ميان، فلاو ڏاڍي سُڪي ٻلهڻ ڪري ويس.
    ملهه وڙهڻ ۾ ٻيا به ڪافي انگ ٿيندا آهن، مگر اهي انگ وري عام طرح استعمال نه ٿيندا آهن ۽ نه ئي وري اهي انگ سڀ ڪنهن نئين ملهه پهلوان کي ايندا آهن. ڪو جهونو پهلوان هوندو آهي انهيءَ کي اهي سڀئي انگ ايندا آهن. سڀني پهلوانن ۾ ڪنهن خاص انگ هڻڻ جي صفت نه هوندي. پهلوان مقابلو ڪرڻ وقت جيڪو به داءُ لڳو سو استعمال ڪري ويندو آهي، باقي هونئن عام طرح سان پهرين ۽ ٻي جوڙ جي پهلوانن ۾ خاص ڪري پيرن ۽ هٿن جي ڦُڙتي ضرور هوندي آهي، هو وڙهڻ مهل هٿ به تمام هوشياريءَ سان وجهندا ۽ پير به تمام مضبوطيءَ سان جهليندا آهن، ڇاڪاڻ ته هٿن وجهڻ مهل هيءَ هوشياري ڪرڻي پوندي آهي ته جيئن اڳيون مقابلو ڪندڙ پهلوان يڪدم جهَٽِي نه ڪري وڃي. جهٽيءَ وارو داءُ به عجيب ۽ ٺڳيءَ وارو ٿيندو آهي. هن داءُ ۾ جنهن وقت هٿ اڃا پوندا مَس ته ٻيو پهلوان يڪدم هن کي ڪو به داءُ هڻي دسي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح سان مٿين انگن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي انگ ٿيندا آهن. ملهه وڙهڻ ڪا خراب ڳالهه نه آهي. هيءَ ته پاڻ هڪڙي قسم جي ورزش آهي، جيڪڏهن اسڪولن ۾ رائيج ڪئي وڃي ته ڪيترائي ڇوڪرا پهلوان ٿي وڃن. مگر افسوس جو هن طرح ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو آهي
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,489
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    اسان جي سنڌ سونهاري جو هڪ اهڙو انمول تحفو آهي، جنهن کي اسان غير قومن جي اڳيان فخر سان پيش ڪري چئون سگهون ٿا ته اسان جي سنڌ ۾ به هڪ قديمي ثقافت ”ملهه“ موجود آهي.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس يار ڪڏهن ته ان راند جو سنڌ ۾ اوج هو پر هاڻي ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين سبب سنڌ جي هيء ثقافتي ۽ روايتي راند پوين پساهن ۾ آهي۔۔۔۔ ملهه بابت سهڻي شيئرنگ
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    مله سندهين قديمي ثقافتي راند آهي، منهنجا كي عزيز به بهترين مالهو آهن.
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ

هن صفحي کي مشهور ڪريو