نثارابڙو, post: 14174"][ حوالو؛ 1. پاڪستان جو سيڪشن "ڇو" ڪونهي وارو جواب، نثار ابڙو ئي توهان کي ڏيندا۔ (ٻروڄ)[/COLOR]
حوالو 2. منهنجي سوال جو جواب منتظمين ڏيندا سائين نثار ته ايڊيٽر آهن ( عظيم)[/COLOR]
سهڻا ڀائڙا ٻروڄ ۽ ادا عظيم،
اوهان ٻنهي جنهن بحث جي شروعات ڪئي آهي ... منهنجي صلاح اها آهي ته اوهين پاڻ ئي هڪ ٻئي کي دليل ڏئي قائل ڪيو، پاڪستان ڇو؟ ۽ پاڪستان ڇو نه؟ اهو هڪ انتهائي اهم ۽ ڳوڙهو بحث آهي ... اسين سنڌي ان ڌٻڻ ۾ اهڙو ته ڦاٿل آهيون جو پوري قوم ونڊجي ورهائجي وئي آهي ... هڪڙا ان ڪوڙي گوريءَ کي ڳهڻ جي صلاح پيا ڏين ته ٻيا انکي ٿوڪارڻ جي صلاح ... هاڻ نه ڳهجي ٿي نه ٿوڪارجي ٿي ... حالت اها آهي جي مستقبل قريب ۾ اهو مسئلو حل نه ٿيو ته اها گوري زهر ٿي پوري قوم جي وجود کي جي ماري نه سگهي ته به موذي مرض جي حوالي ڪري ڇڏيندي ...
ڪالهه هڪ مصري دوست سان ڪچهري ٿي رهي هئي، مون کيس ڪا ڳالهه سمجهائيندي چيو ته” سنڌ ملڪ“ ته هن مصريءَ چيو ته ” هاڻ سنڌ نه پاڪستان چئه“ ... مونکي ڏاڍي مٽيان لڳي ته مصري کي اها جرآت ڪيئن ٿي ته هو سنڌ کي پاڪستان ٿو چئي ...
منهنجي ڪاوڙ ڏسي هو سمجهي ويو ۽ چيائين ته نزار (عربي نثار کي نزار ڪري اچاريندا آهن) ڏس تاريخ ۾ ٻه ملڪ هئا هند ۽ سنڌ ... هماليه جي هن پاسي سنڌو درياهه سان جيڪي ڌرتي سا سنڌ ۽ ٻي پاسي جي درياهن واري ڌرتي سا هند ... هند ته اڃان پنهنجي جاءِ تي موجود آهي پر اوهان پاڻ ڪجهه سال اڳ سنڌ ختم ڪري پاڪستان ٺاهيو ۽ هاڻ اوهان سڀني کي پاڪستاني پاسپورٽ آهن نه ڪي سنڌي پاسپورٽ ... جڏهن اوهان وري پاڪستاني پاسپورٽ ختم ڪري سنڌي پاسپورٽ ٺاهيندا ته اسين اوهانکي سنڌي چونداسون ... هاڻ اوهين سڀ پاڪستاني آهيو ...
دوستو! سچ پڇو ته مصريءَ جي انڳالهه منهنجي اندر ۾ وڍ وجهي ڇڏيا آهن ته هن وقت پاڪستان هڪ حقيقت آهي ۽ سنڌ الڳ ملڪ بجاءِ هڪ صوبو هڪ ننڍڙو ٻالڪ،
جن پاڪستان کي ڄڻيو سي اولاد ٿي پيا ۽ جي ڄميا سي هن وقت والدين ٿي ويا آهن !!!
بهرحال دوستو! آءُ منتظمين کي گذارش ڪندس سنڌ جي تاريخ جو هڪ خانو ٺاهيو وڃي، سنڌ جي تاريخ سان پاڪستان جي تاريخ جو ذڪر ته ٿيندو ئي جو اهو هڪ سنڌ جو باب آهي، ڇاڪاڻ سنڌ جي تاريخ صدين تي پکڙيل آهي ۽ پاڪستان جي تاريخ سنڌ جو هڪ ننڍڙو پر خطرناڪ باب ... باقي ڀائڙا ٻروچ ۽ عظيم آءُ اوهانجو خادم آهيان، دوست آهيان، خير خواه آهيان، منهنجو ڪم آهي سچ کي ظاهر ڪرڻ ... منهنجو دعائون اوهان سان گڏ ...
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ... آمين
sindhsalamatsaathsal