غلام مصطفي ميمڻ
سينيئر رڪن
پوڙها والدين ۔ دل ڏوکائيندڙ سچي ڪهاڻي۔
هڪ 80 سالن جو پوڙهو والد لائونج ۾ صوفي تي ويٺو هو ۔ ان جي ڀرسان سندس انتهائي گهڻو پڙهيل لکيل پٽ جنهن جي عمر45 سال هئي ويٺو هو، هڪدم هڪ ڪانءُ اچي دري جي شيشي تي ٺونگو هيون، پوڙهي پيء پٽ کان پڇيو۔ اهو ڇا هو؟ پٽ جواب ڏنو : اهو ڪانءُ هو۔ ۔پوڙهي پيء ڪجه دير کانپوء وري پڇيو : اهو ڇا هو؟ پٽ جواب ڏنو : اهو ڪانءُ هو۔ ڪجه وقت کانپوء ٽيون دفعو وري پوڙهي پيء پڇيو : اهو ڇا هو؟ هن دفعي پٽ جي چهري تي پيء جو سوال ٻڌي ڪجهه ناراضگي جا آثار نظر آيا ۽ هن ڪجهه سختيءَ سان جواب ڏنو: اهو ڪانءُ هو،هڪ ڪانءُ ۔، ڪجه وقت کانپوء ،پوڙهي پيء هڪ دفعو وري پڇيو اهو ڇا هو؟ ، هن دفعي پٽ تمام وڏي ڪاوڙ مان رڙ ڪندي چيوته توهان هر هر مون کان اهو ساڳيو سوال ڇو ڪري رهيا آهيو ، مان توهان کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهيان ته اهو ڪانءُ هو ڪانءُ ، ڇا توهان منهنجي ڳاله سمجهڻ جي هاڻي قابل به نه رهيا آهيو۔۔ ٿوري دير کانپوء پيء ڪمري ۾ ويو ۽ ڪجه دير کانپوء هڪ ڦاٽل پراڻي ڊائري کڻي آيو، جيڪا هن ان پٽ جي ڄمڻ کان پوء هن جي باري ۾ لکي هئي ، هڪڙو صفحو ان ڊائري جو کولي پنهنجي پٽ کي ڏنائين ته مهرباني ڪري هي پڙه! جڏهن پٽ ان کي پڙهيو ته ڏاڍو شرمندو ٿيو۔ ان پني تي هيٺيان الفاظ لکيل هئا۔
اڄ منهنجو ننڍو پٽ عمر ٽي سال مون سان گڏ لائونج ۾ صوفي تي ويٺو هو، اچانڪ هڪ ڪانءُ آيو ۽ دري تي ٺونگو هنيائين، منهنجي پٽ متواتر 23 دفعا مون کان پڇيو ته اهو ڇا هو ۽ مون ٽيويهه 23 دفعا هن کي کِلي، ڀاڪر پائي پيار مان جواب ڏنو ته اهو ڪانءُ هو۔ مون کي پنهنجي پٽ جو هر هر ساڳئي سوال پڇڻ تي ڪنهن قسم جي به ڪاوڙ نه لڳي پر ان جي برعڪس مون کي پنهنجي پٽ جي ان هر هر پڇيل معصوم سوال تي پيار پيو اچي۔“
جڏهن پٽ ٽيويهه دفعا ساڳيو سوال پيء کان پڇيو ته پيء کي ڪنهن قسم جي به ڪاوڙ نه آئي ۽
کلي، ڀاڪر پائي پيار واري انداز ۾ جواب ڏنو جڏهن ته پيء پنهنجي ساڳئي پٽ کان ساڳيو سوال صرف چار دفعا پڇو ته پٽ ڪيڏي نه ڪاوڙ واري انداز ۾ جواب ڏنو۔
سوچڻ جو مقام اهو اهي ته ڇا اسان پنهنجي والدين سان اهو ساڳيو پيار وارو رويو رکون ٿا جيڪي هنن اسان سان ننڍپڻ ۾ رکيو؟ ۔ مهرباني ڪري پنهنجي پوڙهن والدين سان محبت، پيار ۽ نرمي وارو رويو رکو۔ انهن کي اُف به نه چئون۔ متان الله پاڪ اوهان ۽ اسان سان والدين سان سخت رويئي رکڻ جي ڪري ناراض نه ٿئي وڃي۔