پوڙها والدين.

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2013۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    پوڙها والدين ۔ دل ڏوکائيندڙ سچي ڪهاڻي۔

    [​IMG]

    هڪ 80 سالن جو پوڙهو والد لائونج ۾ صوفي تي ويٺو هو ۔ ان جي ڀرسان سندس انتهائي گهڻو پڙهيل لکيل پٽ جنهن جي عمر45 سال هئي ويٺو هو، هڪدم هڪ ڪانءُ اچي دري جي شيشي تي ٺونگو هيون، پوڙهي پيء پٽ کان پڇيو۔ اهو ڇا هو؟ پٽ جواب ڏنو : اهو ڪانءُ هو۔ ۔پوڙهي پيء ڪجه دير کانپوء وري پڇيو : اهو ڇا هو؟ پٽ جواب ڏنو : اهو ڪانءُ هو۔ ڪجه وقت کانپوء ٽيون دفعو وري پوڙهي پيء پڇيو : اهو ڇا هو؟ هن دفعي پٽ جي چهري تي پيء جو سوال ٻڌي ڪجهه ناراضگي جا آثار نظر آيا ۽ هن ڪجهه سختيءَ سان جواب ڏنو: اهو ڪانءُ هو،هڪ ڪانءُ ۔، ڪجه وقت کانپوء ،پوڙهي پيء هڪ دفعو وري پڇيو اهو ڇا هو؟ ، هن دفعي پٽ تمام وڏي ڪاوڙ مان رڙ ڪندي چيوته توهان هر هر مون کان اهو ساڳيو سوال ڇو ڪري رهيا آهيو ، مان توهان کي اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهيان ته اهو ڪانءُ هو ڪانءُ ، ڇا توهان منهنجي ڳاله سمجهڻ جي هاڻي قابل به نه رهيا آهيو۔۔ ٿوري دير کانپوء پيء ڪمري ۾ ويو ۽ ڪجه دير کانپوء هڪ ڦاٽل پراڻي ڊائري کڻي آيو، جيڪا هن ان پٽ جي ڄمڻ کان پوء هن جي باري ۾ لکي هئي ، هڪڙو صفحو ان ڊائري جو کولي پنهنجي پٽ کي ڏنائين ته مهرباني ڪري هي پڙه! جڏهن پٽ ان کي پڙهيو ته ڏاڍو شرمندو ٿيو۔ ان پني تي هيٺيان الفاظ لکيل هئا۔


    اڄ منهنجو ننڍو پٽ عمر ٽي سال مون سان گڏ لائونج ۾ صوفي تي ويٺو هو، اچانڪ هڪ ڪانءُ آيو ۽ دري تي ٺونگو هنيائين، منهنجي پٽ متواتر 23 دفعا مون کان پڇيو ته اهو ڇا هو ۽ مون ٽيويهه 23 دفعا هن کي کِلي، ڀاڪر پائي پيار مان جواب ڏنو ته اهو ڪانءُ هو۔ مون کي پنهنجي پٽ جو هر هر ساڳئي سوال پڇڻ تي ڪنهن قسم جي به ڪاوڙ نه لڳي پر ان جي برعڪس مون کي پنهنجي پٽ جي ان هر هر پڇيل معصوم سوال تي پيار پيو اچي۔“

    جڏهن پٽ ٽيويهه دفعا ساڳيو سوال پيء کان پڇيو ته پيء کي ڪنهن قسم جي به ڪاوڙ نه آئي ۽
    کلي، ڀاڪر پائي پيار واري انداز ۾ جواب ڏنو جڏهن ته پيء پنهنجي ساڳئي پٽ کان ساڳيو سوال صرف چار دفعا پڇو ته پٽ ڪيڏي نه ڪاوڙ واري انداز ۾ جواب ڏنو۔

    سوچڻ جو مقام اهو اهي ته ڇا اسان پنهنجي والدين سان اهو ساڳيو پيار وارو رويو رکون ٿا جيڪي هنن اسان سان ننڍپڻ ۾ رکيو؟ ۔ مهرباني ڪري پنهنجي پوڙهن والدين سان محبت، پيار ۽ نرمي وارو رويو رکو۔ انهن کي اُف به نه چئون۔ متان الله پاڪ اوهان ۽ اسان سان والدين سان سخت رويئي رکڻ جي ڪري ناراض نه ٿئي وڃي۔
     
    18 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    حقيقت آ پر اسان کي به پوڙهو ٿيڻو آان ڪري ااسان والدين جي عزت ڪنداسين ته سڀاڻي اسانجي اولاد به اسان کي عزت ڏيندي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جيتوڻيڪ اها آکاڻي تمام گهڻي مشهور ٿيل آهي ۽ ڪيتريون وڊيوز به موجود آهن ، پر جڏهن به اها آکاڻي پڙهبي آهي يا ٻڌبي آهي ته اکيون آليون ڪري وجهندي آهي ۔۔۔ لک قرب سهڻا دوست ۔۔۔ ڪاش اسين پنهنجي والدين جو ايترو ته رکي ڪون ٿا سگهون جيترون انهن اسانجو خيال رکيو پر انجي ڪجهه حصي جيترو به خيال رکي سگهون ته هوند جنت پنهنجي ڪري وٺون ۔۔۔
    سدا سلامت رهو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    ادا نثار ،منهنجا والدين مون وٽ يادن جي روپ ۾ سدا موجود هوندا آهن
    پر انهن جي کوٽ جواحساس اڄ به جي کي جهوريندو آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سبحان الله! الله سائين اسان كي والدين جو فرمانبردار بنائي، آمين.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بيشڪ سائين اسان جو فرٍض آهي ته اسان پنهنجي ما ۽ پي جي عزت ڪريون


    لاجواب ونڊ آهي سائين
     
  8. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    والد هجي يا والده هجي انهن کي الله پاڪ اهڙي ته سگهه عطا ڪري ڇڏيندو آهي جو اهي پنهنجي اولاد جي اهڙي ته نگهباني ڪندا آهن جو اسين بي پرواهه ٿي پنهنجي زندگي جي لاهين چاڙهين مان لنگهي پار پئجي ويندا آهيون، ڪي به ڏک ۽ ڏوجهرا ايندا آهن ته اهي ئي والدين سڳورا پاڻ تي سختيون کڻي اسان کي سکيا رکندا آهن، سياري جون سخت ٿڌيون راتيون هجن يا اونهاري جو ڪاڙهو هجي پر گهر ۾ والدهه ۽ گهر کان ٻاهر ٻني ٻاري تي يا دڪان يا آفيس ۾ اسان جا والد سڳورا اسان جي زندگي کي سکيو رکڻ جي هلڇل ۾ جنبيل رهندا آهن، اسين ڇا به ڪيون پر انهن والدين جي ان اعلي ا عظيم پيار ۽ پاٻوهه جو بدلو نٿا ڏئي سگهون، پر اسان کي اهڙو به ڪو حق ڪونهي جو انهن کي ڪنهن به ريت ڏکارو ڪيون۔ بس ڪوشش اها ئي هجي ته انهن جي صلاح مشوري ۽ انهن جي رضا مندي سان زندگي جو وهنوار رکون، اسان ڀل شاديون مراديون ڪيون پر پو به انهن جي اجازت ۽ انهن جي رضامندي مطابق زندگي گهاريون ته يقينن انهن والدين جي محبت ۽ انهن جي نيڪ نيتي به اسان سان هميشه ساڻ رهندي ۽ اهي به ڪڏهن ڏکارا ڪين رهندا۔ ڇو ته وقت وري ڦيرو کائيندو اڄ اُ هي والدين آهن سڀاڻ اسين به والدين بڻبا سين۔۔۔جهڙو پوکيندين سو ئي کائيندين۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وڏو پيغام سمايل آهي ان ننڍڙي ڪهاڻي ۾ ۔۔۔۔ڪاش اسان پنهنجي والدين کي سمجهي سگهون، ته هنن ڪهڙين ڏکاين سان مقابلو ڪندي به اسان جي پرگهور ڪئي ۽ اسان جي سوالن ۽ اڻ وڻندڙ روين کي به پيار سمجهيو۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو