ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته اسان آفس يا گهر کان ٻاهر هوندا آهيون ۽ اتي اسان کي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ لاءِ ملندو آهي. اسان پنهنجي ميل چيڪ ڪندا آهيون. اي ميل ۾ جيڪڏهن ڪا پي ڊي ايف جي فائل اٽيچ ٿيل هجي ۽ اسان وٽ انهيءَ کي کولڻ لاءِ ايڪروبيٽ ريڊر يا ٻيو ڪو پي ڊي ايف ريڊر اسان وٽ ناهي، جنهن ڪري اسان اٽيچمينٽ پڙهي نه سگهون. انهيءَ صورت ۾ اسان کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.
انهيءَ پريشانيءَ کان بچڻ لاءِ هي آن لائن پي ڊي ايف ريڊر توهان جي ڪم ايندو. هن ۾ نه صرف پي ڊي ايف پڙهي سگهجي ٿي. پر آن لائن پنهنجي ڪنهن کي به ڊاڪومينٽ کي پي ڊي ايف ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، انهيءَ لاءِ توهان کي رجسٽر ٿيڻو پوندو، رجسٽر کان سواءِ توهان صرف هن آن لائن سافٽويئر کان ريڊنگ جو ئي ڪم وٺي سگهو ٿا.