• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 6 فيبروري تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 6 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

6 فيبروري 1897ع شاعر ۽ ليکڪ ٻوڌراج ٻوڌ جو جنم ڏينهن آهي.
6 فيبروري 1907ع شاعر مرحوم در محمد درل پٺاڻ (آريجا) جو ڏينهن آهي.
6 فيبروري 1939ع گلوڪار رميش شيوڪ (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
6 فيبروري 1952ع شاعر غمخوار بروهي جو جنم ڏينهن آهي.
6 فيبروري 1952ع گلوڪار ۽ شاعر لعل پنجابي (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
6 فيبروري 1953ع افسانه نگار تنوير جوڻيجو (مٺي) جو جنم ڏينهن آهي.
6 فيبروري 1956ع ليکڪ ۽ اداڪار ڪشنچند (خيرپور / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
6 فيبروري 1962ع ليکڪا ۽ صحافي حسينه جتوئي جو جنم ڏينهن آهي.
6 فيبروري 1963ع ليکڪ جمشيد لغاري جو جنم ڏينهن آهي.
6 فيبروري 1983ع نثر نويس ڪريم بخش هنڱورو جو جنم ڏينهن آهي.
6 فيبروري 1985ع ريڊيو انائونسر سعيده سهتو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

6 فيبروري 1956ع مصور۽ پينٽر عبدالله سومرو (ٺارو شاهه) جو انتقال ٿيو.
6 فيبروري 1978ع سدا ملوڪ شاعر الطاف عباسي (ڊاڪٽر تنوير عباسي جو ڀاء) روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو.
6 فيبروري 1997ع شاعر راهي چنا (جوهي) جي وفات ٿي.
6 فيبروري 2001ع شاعر فيض پهنور (ملڪاڻي) جو انتقال ٿيو.
6 فيبروري 2018ع ناميارو شاعر عبدالحڪيم ارشد لاڏاڻو ڪري ويو.
_______

اڄوڪي ڏينهن 6 فيبروري جا ڪجهه اهم واقعا

ilUNOPqx4TAn2.jpg

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
_______​
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
الطاف عباسي:

سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ڀاءُ، الطاف عباسي پنهنجي دور جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس سڄو نالو الطاف نبي ولد گل محمد عباسي هو ۽ 15 جولاءِ 1942ع تي سوڀي ديري ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. 1958ع ۾ نواب شاهه مان مئٽرڪ ڪيائين. سٺي گهراڻي مان هجڻ جي باوجود، ميٽرڪ بعد هڪدم پنهنجي پيرن تي بيٺو ۽ خزاني آفيس نواب شاهه ۾ ڪلارڪ ٿيو. بعد ۾ 1961ع کان 1965ع تائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اسڪول نواب شاهه ۾ ماستر ٿيو. ان وچ ۾ پڙهائي به جاري رکيائين. 1962ع ۾ بي. اي (فرسٽ ڪلاس) ۽ 1964ع ۾ ايم. اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. 1964ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪري 1967ع تائين وڪالت ڪيائين، ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ ليڪچرر ٿيو. 1968ع ۾ پي. سي. ايس پاس ڪري آبڪاري کاتي ۾ گهڙيو ۽ ڊائريڪٽر ايڪسائيز ٿيو 6 فيبروري 1978ع تي نواب شاهه کان حيدرآباد ايندي مياڻي ٻيلي وٽ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿيو.

الطاف عباسي نوجوان ۽ نمائنده شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو، سندس شعر پهريون ڀيرو 1958ع ۾ نواب شاهه جي ”آئينه“ رسالي ۾ ڇپيو، ۽ پوءِ سڀني مکيه رسالن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ وغيره ۾ ڇپبو رهيو. پاڻ سنڌي ادبي تحريڪ جو روح روان، دوستن جي محفلن جو سينگار، ۽ شعرن ۾ ڪيترن نون تجربن جو بنياد وجهڻ وارو هو. هن ٿوري عمر ۾ جيڪو ادبي ورثو ڇڏيو آهي، اهو سندس نالي کي ادبي زندگي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. هن جا ڪيترا ٻاراڻا نظم درسي ڪتابن ۾ شامل هئا. سندس ايم. اي جو مونوگراف ’سنڌي قومي شاعريءَ‘ بابت هو، جيڪو اڃا اڻڇپيل آهي.
 
6 فيبروري سنڌي ادبن ۽ شاعرن جي عالمي تنظيم سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيش (ساوا) جي سالگرهه آهي۔ ساوا جيڪا سنڌي ادبي ايسوسيئيشن آف فيسبوڪ (صاف) جي نالي سان 2011 ۾ ٺاهي وئي هئي۔
 
Back
Top