اڄوڪي ڏينهن 6 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 6 فيبروري 1897ع شاعر ۽ ليکڪ ٻوڌراج ٻوڌ جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1907ع شاعر مرحوم در محمد درل پٺاڻ (آريجا) جو ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1939ع گلوڪار رميش شيوڪ (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1952ع شاعر غمخوار بروهي جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1952ع گلوڪار ۽ شاعر لعل پنجابي (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1953ع افسانه نگار تنوير جوڻيجو (مٺي) جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1956ع ليکڪ ۽ اداڪار ڪشنچند (خيرپور / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1962ع ليکڪا ۽ صحافي حسينه جتوئي جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1963ع ليکڪ جمشيد لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1983ع نثر نويس ڪريم بخش هنڱورو جو جنم ڏينهن آهي. 6 فيبروري 1985ع ريڊيو انائونسر سعيده سهتو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 6 فيبروري 1956ع مصور۽ پينٽر عبدالله سومرو (ٺارو شاهه) جو انتقال ٿيو. 6 فيبروري 1978ع سدا ملوڪ شاعر الطاف عباسي (ڊاڪٽر تنوير عباسي جو ڀاء) روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو. 6 فيبروري 1997ع شاعر راهي چنا (جوهي) جي وفات ٿي. 6 فيبروري 2001ع شاعر فيض پهنور (ملڪاڻي) جو انتقال ٿيو. 6 فيبروري 2018ع ناميارو شاعر عبدالحڪيم ارشد لاڏاڻو ڪري ويو. _______ اڄوڪي ڏينهن 6 فيبروري جا ڪجهه اهم واقعا حواله: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ روزانه ڪاوش انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وڪيپيڊيا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام _______
الطاف عباسي: سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ڀاءُ، الطاف عباسي پنهنجي دور جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس سڄو نالو الطاف نبي ولد گل محمد عباسي هو ۽ 15 جولاءِ 1942ع تي سوڀي ديري ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. 1958ع ۾ نواب شاهه مان مئٽرڪ ڪيائين. سٺي گهراڻي مان هجڻ جي باوجود، ميٽرڪ بعد هڪدم پنهنجي پيرن تي بيٺو ۽ خزاني آفيس نواب شاهه ۾ ڪلارڪ ٿيو. بعد ۾ 1961ع کان 1965ع تائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اسڪول نواب شاهه ۾ ماستر ٿيو. ان وچ ۾ پڙهائي به جاري رکيائين. 1962ع ۾ بي. اي (فرسٽ ڪلاس) ۽ 1964ع ۾ ايم. اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. 1964ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪري 1967ع تائين وڪالت ڪيائين، ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ ليڪچرر ٿيو. 1968ع ۾ پي. سي. ايس پاس ڪري آبڪاري کاتي ۾ گهڙيو ۽ ڊائريڪٽر ايڪسائيز ٿيو 6 فيبروري 1978ع تي نواب شاهه کان حيدرآباد ايندي مياڻي ٻيلي وٽ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿيو. الطاف عباسي نوجوان ۽ نمائنده شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو، سندس شعر پهريون ڀيرو 1958ع ۾ نواب شاهه جي ”آئينه“ رسالي ۾ ڇپيو، ۽ پوءِ سڀني مکيه رسالن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ وغيره ۾ ڇپبو رهيو. پاڻ سنڌي ادبي تحريڪ جو روح روان، دوستن جي محفلن جو سينگار، ۽ شعرن ۾ ڪيترن نون تجربن جو بنياد وجهڻ وارو هو. هن ٿوري عمر ۾ جيڪو ادبي ورثو ڇڏيو آهي، اهو سندس نالي کي ادبي زندگي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. هن جا ڪيترا ٻاراڻا نظم درسي ڪتابن ۾ شامل هئا. سندس ايم. اي جو مونوگراف ’سنڌي قومي شاعريءَ‘ بابت هو، جيڪو اڃا اڻڇپيل آهي.
6 فيبروري سنڌي ادبن ۽ شاعرن جي عالمي تنظيم سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيش (ساوا) جي سالگرهه آهي۔ ساوا جيڪا سنڌي ادبي ايسوسيئيشن آف فيسبوڪ (صاف) جي نالي سان 2011 ۾ ٺاهي وئي هئي۔