خلا ڇا آهي؟

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ مسيح مگسي طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2013۔

  1. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    410
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    خلا ڇا آهي؟
    هن وقت تائين حاصل ٿيل سائنسي ڄاڻ موجب ڌرتي اڪيلو گرهه آهي، جتي حياتيءَ جو وجود ملي ٿو، ٻئي ڪنهن به گرهه تي زندگيءَ جو ڪوبه اهڃاڻ معلوم ٿي نه سگهيو آهي، سائنسدانن جي چوڻ موجب گهٽ ۾ گهٽ اسان جي شمسي نظام(Solar System)جي ٻي ڪنهن به گرهه جون اهڙيون حالتون ناهن جو اتي ڪوبه جاندار پنهنجي زندگي جي لڙائي ڪاميابيءَ سان وڙهي سگهي، ڌرتيءَ تي اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ممڪن بڻيو آهي؟ اچو ته پهرين ان سوال تي ويچار ڪريون.
    اسان جي ڌرتي گهاٽين گيسن جي تهن ۾ گهيريل آهي، عام طور تي انهن گئسن جي ملاوٽ کي اسان هوا سڏيون ٿا، ٻين لفظن ۾ اسان اهو به چئي سگهون ٿا ته ڌرتي هوا جي تهه سان گهيريل آهي، هوا کي ”فضا“ به چيو وڃي ٿو. سائنسي ٻوليءَ ۾ اسان ان کي وايو منڊل(Atmosphere)چونداسين. نظام شمسي جي ٻين گروهن کي به پنهنجو الڳ الڳ وايو منڊل آهي، پر سندن وايو منڊل ۾ اهي گئسون شامل ناهن، جيڪي ڌرتيءَ جي وايو منڊل ۾ آهن، جهڙوڪ آڪسيجن وغيره اهو فضا جي ڪري ئي آهي، جو جاندار ڌرتيءَ تي پنهنجو وجود برقرار رکيو اچن.
    فضا يا هوا مان هڪ ته اسان کي آڪسيجن حاصل ٿئي ٿي، جيڪا هر ساهواري لاءِ بي حد ضروري آهي، ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن فضا نه هجي ته سج جا ڪرڻا سڌا ڌرتيءَ تي ڪرن ۽ ڌرتيءَ جو موجود گرمي پد ايترو وڌي وڃي، جو ڪوبه ساهوارو جيئرو رهي نه سگهي، سج جا ڪرڻا فضا ۾ موجود، هوا، پاڻي جي بخارن ۽ مٽيءَ جي ذرڙن سان ٽڪرائجي ڇڙو ڇڙ ٿي پوءِ ڌرتيءَ تي ڪرن ٿا، جنهن ڪري سندس تپش جو اثر ڪافي گهٽجي وڃي ٿو. اسان هڪ ٻئي جو جيڪو آواز ٻڌي سگهون ٿا، اهو به هوا جي ڪري آهي، آواز ٻڌڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن وسيلي جي ضرورت هوندي اهي، انسان عام طور تي رڳو هوا جي وسيلي(Medium)ئي آواز ٻڌي سگهي ٿو، فضا جي ڪري اسان مٿان هر وقت هڪ فصائي داٻ موجود رهي ٿو، ان داٻ سبب ئي اسان پنهنجو توازن برقرار رکون ٿا، فضا جي انهن مڙني مهربانين ۽ ڪجهه ٻين سبب ڪري ڌرتيءَ تي حياتيءَ جو وجود ممڪن بڻيو آهي. هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته فضا جو دائرو ڪيستائين ڦهليل آهي ۽ فضا جي اڳئين پار ڇا آهي؟ اچو ته ان سوال جو سائنسي جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪريون.
    ابتدا ۾ اسان توهان کي ٻڌائي چڪا آهيون ته ڌرتيءَ هوا جي گهاٽي تهه سان ٻڌل اهي، جيئن جيئن ڌرتيءَ کان پري (مٿي) وڃبو تيئن هوا جو اهو تهه ڇڊو ٿيندو ويندو، يعني هوا جو تهه گهٽجڻ لڳندو، هڪ سئو ڏهه ڪلو ميٽرن جي بلنديءَ تي هوا جو تهه ايترو ته ڇڊو ٿي وڃي ٿو، جو اتي مشڪل سان ئي ڪو هوا جو ٿورڙو مقدار ملندو، ان کان اڳتي هڪ خالي علائقو شروع ٿي وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪابه مادي شيءِ موجود نه هوندي آهي، ان کي خلا(Space)سڏيو وڃي ٿو. مطلب ته ڌرتيءَ جي فضا جي چوڌاري موجود بي انت خالي علائقو ئي خلا اهي، اهو هڪ اهڙو خالي علائقو آهي، جيڪو هر طرف لا محدود وسعتن ۾ ڦهليل آهي، شمس نظام تارا، ۽ ڪائناتي دز ۽ ڪهڪشائن جي وچ وارو خالي مفاصلو خلا جي تشڪيل ڪري ٿو، خلا بي انت آهي، ان جي ڪابه حد يا ڇيڙو نه آهي، تنهن ڪري خلائي مفاصلي کي پوري ريت ماپڻ ناممڪن آهي، ان ڳالهه جو اندازو توهان هن مان لڳائي سگهو ٿا ته جنهن تيز ترين راڪيٽ ۾ اسان چنڊ تي اڍائي ڏينهن ۾ پهچون ٿا ان راڪيٽ ۾ اسان کي ويجهي ۾ ويجهي تاري تائين پهچڻ ۾ پنج لک ورهين کان وڌيڪ عرصو لڳي ويندو، ۽ جيڪڏهن ان راڪيٽ ۾ اسان ويجهي ۾ ويجهي ڪهڪشان(Galxy)جي سفر تي اسهون ته ڏهه ارب سالن کان وڌيڪ عرصو لڳي ويندو ۽ ڪائنات ۾ اهڙيون ڪروڙين ڪهڪشائون آهن، سو هاڻي توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته خلائي مفاصلا اڻ کٽندڙ ۽ بي انت آهن، خلا ۾ هر وقت اوندهه هوندي آهي، ڏينهن هجي توڙي رات خلا ۾ انڌيرو ئي انڌيرو ڇانيل هوندو آهي.
    خلا ۾ قدم:
    آڳاٽي دور کان وٺي اڄ تائين آسماني جسم انسان لاءِ دلڪش ۽ پراسرار آهن، پراڻي دور جي انسانن آسماني جسمن (جهڙوڪ چنڊ، تارن وغيره) بابت مختلف تصور گهڙيا، اڳتي هلي جڏهن دوربينيون ايجاد ٿيون ته انسان ڌرتيءَ تان ويهي مختلف دوربنيون ذريعي خلا ۾ موجود آسماني جسمن جو مشاهدو ڪرڻ لڳو، پر خلا ۾ وڃڻ سندس وس جي ڳالهه نه هئي. 1903ع ۾ جڏهن رائيٽ ڀائرن(Wright Brothers)هوائي جهاز ايجاد ڪيو ته فضا ۾ اڏامڻ جو پراڻو انساني خواب پنهنجي تعبير ماڻي چڪو، پر خلا ۾ پهچڻ اڃان به هڪ خواب هو، ڇاڪاڻ ته هوائي جهاز خلائي سفر جي قابل نه هئا، ان جو ڪجهه اندازو رڳو توهان هن ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا ته اڄ ڪلهه جي تيز رفتار هوائي جهاز جي رفتار 3000 ڪلو ميٽرفي ڪلاڪ کان وڌيڪ ناهي، پر خلا ۾ ويندڙ راڪيٽ جي عام رفتار 28000 ميل في ڪلاڪ جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي، ان سان گڏوگڏ خلا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪجهه ٻيا بندوبست به لازمي هئا، جيڪي ان وقت انساني وس کان ٻاهر هئا، آڪسيجن جي لڳاتار فراهمي خلا ۾ بي وزنيت،(Weightless ness)واري حالت جي ٽوڙ فضائي داٻ (جيڪو خلا ۾ موجود ناهي ۽ ان جي هٿرادو بندوبست ڪري وڃڻ کانسواءِ انسان خلا ۾ ڪجهه لمحن اندر ئي جلي خاڪ ٿي ويندو يا سندس جسم ڦاٽي پوندو) انهن سڀني جي نعم البدل ۽ ڪجهه ٻيا اهڙا بندوبست هئا، جن جو هجڻ بيحد ضروري هو.
    ويهين صديءَ جي ڇهين ڏهاڪي ۾ سائنسدان اهي سڀئي بندوبست ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جيڪي خلائي سفر لاءِ لازمي هئا، خلا ۾ داخل ٿيڻ جون اهي سڀئي انساني ڪوششون نيٺ 4 آڪٽوبر 1957ع ۾ ڪامياب ٿي ويون.
    اهڙي ريت ان ڏينهن کان خلائي دور(Space Age)جي ابتدا ٿي وئي. ان تاريخي ڏينهن تي اڳوڻي سوويت يونين جي ماهرن ’اسپيتنڪ-1‘ نالي پنهنجو هٿرادو اپگرهه خلا ۾ موڪليو، هڪ مهيني کان پوءِ انهن ’اسپيتنڪ-2‘ کي خلائي سفر تي موڪليو، هن ڀيري سوويت سائنسدانن ان ۾ لئيڪا(Laika)نالي هڪ ڪتي کي به ويهاري ڇڏيو هو، خلا ۾ داخل ٿيندڙ اهو پهريون جاندار هو، اها ٻي ڳالهه آهي ته اهو اعزاز حاصل ڪندڙ ويچارو لئيڪا خلا ۾ ئي مري ويو، اهڙي ريت خلا ۾ داخل ٿيندڙ پهريون جاندار ڌرتيءَ ڏانهن بيحال ٿي موٽيو، پر سائنسدانن پنهنجون ڪوششون لڳاتار جاري رکيون.
    سال 1961ع جي 12 اپريل کي خلائي سائنس ۾ هڪ تاريخي حيثيت حاصل آهي، ان ڏينهن تي پهريون ڀيرو هڪ انسان خلا ۾ داخل ٿي، پراڻي انساني سپني کي حقيقت جو روپ ڏنو، اهو خلاباز دنيا ۾ ڪرنل يوري گاگارين جي نالي سان مشهور آهي. روس جي ان خلاباز هٿرادو اپگرهه ”ووسٽاڪ -1“ ۾ ويهي ڌرتيءَ جي چوڌاري هڪ ڦيرو مڪمل ڪيو. يوري پنهنجي تاريخي ۽ منفرد سفر دوران خلا مان ڌرتي ۽ آسماني جسمن جو مشاهدو ڪيو.
    خلا ۾ داخل ٿيندڙ پهرين عورت ويلنيٽينيا ترشڪوف هئي، ان روسي عورت اهو ڪارنامو 1960ع ۾ سرانجام ڏنو. ترشڪوف ’ووسٽاڪ-6‘ ۾ ويهي ڌرتيءَ جي چوڌاري 48 چڪر مڪمل ڪري هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو، اهو سفر پورو ڪرڻ ۾ کيس 70 ڪلاڪ 21 منٽ لڳا.
    مارچ 1965ع ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي سائنسدان اليڪسي نوف خلا ۾ هلڻ يا چهل قدمي(Walk)ڪرڻ جو هڪ منفرد رڪارڊ قائم ڪيو، ساڳئي ملڪ جي ٻن خلابازن 1988ع ۾ 365 ڏينهن خلا ۾ رهي هڪ منفرد اعزاز حاصل ڪيو. هنن اهي ڏينهن خلائي اسٽيسن ”ميز“ ۾ گذاريا.
    خلائي اسٽيشنون:
    مٿي بيان ڪيل اهم خلائي ڪاميابين کان پوءِ سائنسدانن مستقل ڦرندڙ خلائي اسٽيشن موڪلڻ جو سوچيو جيئن خلا ۾ ويهي نه رڳو ڌرتيءَ جو صحيح جائزو وٺي سگهجي، پر ٻين آسماني جسمن جي بهترين نموني کوجنا ڪري سگهجي، ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ماهرن خلا ۾ خلائي اسٽيشنون قائم ڪيون آهن، جن ۾ اهي لڳاتار مهينن جا مهينا ويهي کوجنا ۽ مشاهدا ڪندا آهن، ٻين لفظن ۾ اسان ائين به چئي سگهون ٿا ته هاڻي انساني خلا ۾ پنهنجو گهر ٺاهي ورتو آهي. سڀ کان پهرين خلائي اسٽيشن اڳوڻي سوويت يونين وارن 1971ع ۾ موڪلي. آمريڪا وارن 1973ع ۾ ’اسڪائي ليب‘ نالي هڪ خلائي اسٽيشن پنهنجي سفر تي رواني ڪئي. ياد رهي ته ان اسٽيشن جو ڪجهه حصو فني خرابي سبب تباهه ٿي ڌرتيءَ تي ڪريو هو، ان ۾ موجود ماهرن خلا ۾ ئي ان جي مرمت ڪري کيس مڪمل تباهه ٿيڻ کان بچائي ورتو ۽ اها سندن ڪم جاري رکڻ جي قابل بڻجي ويئي، ”خلائي شٽل“ نالي هڪ ٻي اسٽيشن ڪيترائي ڀيرا ڪيترن ئي مهينن تائين خلا ۾ رهي آهي، ان کان پهريائين هر خلائي اسٽيشن هڪ ڀيرو خلا ۾ ڪم ڪري موٽڻ کان پوءِ ٻيهر خلا ۾ وڃڻ جي قابل نه هوندي آهي، پر آمريڪي خلائي ’شٽل‘ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته اها ڪيترائي ڀيرا خلائي سفر تي رواني ٿي چڪي آهي، اڄ ڪلهه ڪيترائي ملڪ پنهنجا هٿراڌو اپگرهه خلا ۾ موڪلي رهيا آهن، انهن جي سائيز خلا ۾ رهڻ جي وقت ۽ جدت جو دارو مدار موڪلڻ واري ملڪ جي سائنسي ترقيءَ تي آهي، پر بهرحال هن وقت مخلتف ملڪن پاران هٿرادو اپگرهه موڪلڻ جو ساليانو تعداد 130 کان وڌيڪ آهي.
    1958ع ۾ سائنسدانن پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ان وقت تائين ڪل ٻه هزار ست سئو ڇاهٽ (2766) هٿرادو اپگرهه خلا ۾ چڪر لڳائي چڪا هئا.جڏهن ته ايڪويهين صدي جي سال2000ع کان 2013ع تائين ڪيترائي هٿرادو اپ گرهه خلا ۾ منتقل ڪيا ويا آهن۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,489
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    سٺي معلومات
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    خلا جي باري م بهترين معلومات، ادا لكي رهو...
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,856
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائنسي حوالي سان اهم ۽ چاڻ وارو مضمون ۔۔۔ ونڊ ڪرڻ لاء مهربانيون۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو