معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
وقت جي وير ۾ لڙهي ويل ڇوڪري
معصوم سنڌي
1985 اٽيچمينٽ ڏسو
شهدادڪوٽ، جيڪو شعور –وند ماڻهن جو شهر آهي، ان شهر ۾ جتي جاگيردار ۽ سردار ٻه رهن ٿا ته اهي پراڻا ڪامريڊ به جن ٽي ڏهاڪا اڳ سرخ انقلاب جو جُبو لاهي نام نهاد لولي لنگڙي جمهوريت ۽ وڻواند وڏيرن جي نالن ۾ وزيرن ۽ مشيرن جي ڇپر ڇانءَ ۾ وقت گذاري پر ساهي رهيا آهن، هنن مان ڪن وري اين جي اوز جا هٽ کولي پيٽ بکايل غريبن کي خوشحاليءَ جا ترانا ٻڌائي سندن ئي وات جو گرهه کسي ورتو آهي.
ها هيءَ ڇوڪري به انهيءَ شهر جي ڄائي آهي جنهن جاڳ جي جهنم ۾ جاگيردارن ۽ لولي لنگڙي جمهوريت جي رکوالن سان اڪيلي سر جنگ جوٽي ان جنگ ۾ هن ته هارايو پر قوم پرستيءَ جي مرلي وڄائيندڙ انهن ڀائرن به هن تي الزامن جي اُس چاڙهي ڇڏي ۽ هي شهدادڪوٽ جي شهر ۾ اڪيلي ٿي وئي اها اڪيلائپ هن کي سنڌ يونيورسٽي ۾ وٺي آئي جتي هن سان جيڪي جاڙ ٿيا، سي سنڌ جي گم -نام تاريخ جو اهڙو حصو آهن، جن کي جيڪڏهن کوٽي ڇنڊي ڦوڪي پڙهندو ته هانءُ ڏڪي ويندو، آنڊا ڪپجي ويندا.
ها هيءَ اها ئي ڇوڪري آهي جنهن جو ڀاءُ مهراڻ يونيورسٽي ۾استاد آهي، جيڪو اتي پڙهائي گهٽ پر مجيد ڪيريي جي سيدن جي ڪمداري گهڻي ڪري ٿو. هو جيڪو ڪروڙن ۾ کيڏي ٿو تنهن وٽ ايترا پئسا به ناهن جو پنهنجي (هن) ڀيڻ کي جارجٽ جو وڳو وٺي ڏي.ڀينرون جيڪي ڀائرن کي ڪانڌ ٿيڻ ۽ ڏسڻ جي تمنا رکن ٿيون، مٿي تي موڙ سجيل ڏسڻ جون منتظر هجن ٿيون ۽ لاڏا ڳائي چونديون آهن”وني ماڻين بنرا...“ پر هي ڪهڙو ڀاءُ آهي جيڪو کاٻي اک سان به هن ڀيڻ کي نه ٿو ڏسي، شفقت ۽ ٻاجهه جو هٿ رکڻ ته پري ڪرڙي اکين سان سونڊ پائي ”خوش آن“ جو روايتي جملو چئي پنهنجي هن ڀيڻ جو جيءُ جلائي ڇڏي ٿو، ان جلندڙ جيءَ ۾ جيڪا ڪهاڻي آهي، ، اها ئي رت ۾ ٻڏل ڪهاڻي آئون لوڪ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ۽ چاهيان ٿو ته ڄام شوري جي پٿريلي سڙڪن تي بيهي وڏي واڪي ماڻهن جي انبوهه ۾ اگهاڙي سچ کي اظهاريان پر نام نهاد سماجي اصولن جو ڀرم رکڻو پوي ٿو.
وقت جي وير ۾ لڙهي ويل هيءَ سنهي نڪ ۽ اکين ويڪري ڇوڪري جنهن کي سنڌ جي سوراج جو شدت سان اوسيئڙو هو، تنهن جي دامن تي اڇلايل گند اهڙو ئي سماجي ڏوهه آهي جنهن جا مرتڪب قوم پرست، اين جي اوز جا ڌنڌوڙي دڪاندار ۽ اهي اڌڙيا صحافي آهن، جن هن جي پاڪدامنيءَ کي چيهون چيهون ڪرڻ لاءِ قاسم آباد ۽ شهدادڪوٽ ۾ پمفليٽ ورهايا هئا،.الزامن جي اگهاڙي ترار ته هن ڇوڪريءَ جي شخصي حرمت ليڙ ليڙ ڪري ڇڏي پر هن آڻ نه مڃي، ان ڪري جو مون کي ويساهه آهي ته هوءَ ان ڪري آڻ نه مڃيندي ڇو ته هوءَ راءِ سهاسيءَ جي آڪهه مان آهي.