وقت جي وير ۾ لڙهي ويل ڇوڪري

'سنڌياڻي' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    وقت جي وير ۾ لڙهي ويل ڇوڪري
    معصوم سنڌي
    1985 اٽيچمينٽ ڏسو
    شهدادڪوٽ، جيڪو شعور –وند ماڻهن جو شهر آهي، ان شهر ۾ جتي جاگيردار ۽ سردار ٻه رهن ٿا ته اهي پراڻا ڪامريڊ به جن ٽي ڏهاڪا اڳ سرخ انقلاب جو جُبو لاهي نام نهاد لولي لنگڙي جمهوريت ۽ وڻواند وڏيرن جي نالن ۾ وزيرن ۽ مشيرن جي ڇپر ڇانءَ ۾ وقت گذاري پر ساهي رهيا آهن، هنن مان ڪن وري اين جي اوز جا هٽ کولي پيٽ بکايل غريبن کي خوشحاليءَ جا ترانا ٻڌائي سندن ئي وات جو گرهه کسي ورتو آهي.
    ها هيءَ ڇوڪري به انهيءَ شهر جي ڄائي آهي جنهن جاڳ جي جهنم ۾ جاگيردارن ۽ لولي لنگڙي جمهوريت جي رکوالن سان اڪيلي سر جنگ جوٽي ان جنگ ۾ هن ته هارايو پر قوم پرستيءَ جي مرلي وڄائيندڙ انهن ڀائرن به هن تي الزامن جي اُس چاڙهي ڇڏي ۽ هي شهدادڪوٽ جي شهر ۾ اڪيلي ٿي وئي اها اڪيلائپ هن کي سنڌ يونيورسٽي ۾ وٺي آئي جتي هن سان جيڪي جاڙ ٿيا، سي سنڌ جي گم -نام تاريخ جو اهڙو حصو آهن، جن کي جيڪڏهن کوٽي ڇنڊي ڦوڪي پڙهندو ته هانءُ ڏڪي ويندو، آنڊا ڪپجي ويندا.
    ها هيءَ اها ئي ڇوڪري آهي جنهن جو ڀاءُ مهراڻ يونيورسٽي ۾استاد آهي، جيڪو اتي پڙهائي گهٽ پر مجيد ڪيريي جي سيدن جي ڪمداري گهڻي ڪري ٿو. هو جيڪو ڪروڙن ۾ کيڏي ٿو تنهن وٽ ايترا پئسا به ناهن جو پنهنجي (هن) ڀيڻ کي جارجٽ جو وڳو وٺي ڏي.ڀينرون جيڪي ڀائرن کي ڪانڌ ٿيڻ ۽ ڏسڻ جي تمنا رکن ٿيون، مٿي تي موڙ سجيل ڏسڻ جون منتظر هجن ٿيون ۽ لاڏا ڳائي چونديون آهن”وني ماڻين بنرا...“ پر هي ڪهڙو ڀاءُ آهي جيڪو کاٻي اک سان به هن ڀيڻ کي نه ٿو ڏسي، شفقت ۽ ٻاجهه جو هٿ رکڻ ته پري ڪرڙي اکين سان سونڊ پائي ”خوش آن“ جو روايتي جملو چئي پنهنجي هن ڀيڻ جو جيءُ جلائي ڇڏي ٿو، ان جلندڙ جيءَ ۾ جيڪا ڪهاڻي آهي، ، اها ئي رت ۾ ٻڏل ڪهاڻي آئون لوڪ کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ۽ چاهيان ٿو ته ڄام شوري جي پٿريلي سڙڪن تي بيهي وڏي واڪي ماڻهن جي انبوهه ۾ اگهاڙي سچ کي اظهاريان پر نام نهاد سماجي اصولن جو ڀرم رکڻو پوي ٿو.
    وقت جي وير ۾ لڙهي ويل هيءَ سنهي نڪ ۽ اکين ويڪري ڇوڪري جنهن کي سنڌ جي سوراج جو شدت سان اوسيئڙو هو، تنهن جي دامن تي اڇلايل گند اهڙو ئي سماجي ڏوهه آهي جنهن جا مرتڪب قوم پرست، اين جي اوز جا ڌنڌوڙي دڪاندار ۽ اهي اڌڙيا صحافي آهن، جن هن جي پاڪدامنيءَ کي چيهون چيهون ڪرڻ لاءِ قاسم آباد ۽ شهدادڪوٽ ۾ پمفليٽ ورهايا هئا،.الزامن جي اگهاڙي ترار ته هن ڇوڪريءَ جي شخصي حرمت ليڙ ليڙ ڪري ڇڏي پر هن آڻ نه مڃي، ان ڪري جو مون کي ويساهه آهي ته هوءَ ان ڪري آڻ نه مڃيندي ڇو ته هوءَ راءِ سهاسيءَ جي آڪهه مان آهي.
     
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    شايد مون سميت ڪيترا ئي اهو ئي سوال ڪندا ته هن سنڌ ڄائي جي ڇا ڪهاڻي آهي؟ شايد گهڻا ڄاڻندا به هجن پر هن نياڻي بابت ڪهڙي درد ڪٿا لڪل آهي؟؟ هن نياڻي بابت ٿورو تفصيل ڄاڻائيندا ته آخر ڇا وهيو واپريو؟
     
  3. واحد سومرو

    واحد سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 فيبروري 2013
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ انجنيئر
    ماڳ:
    شهدادڪوٽ..................ڪراچي
    آئون هن ڇوڪري جي درد ڪهاڻي پڙهي چڪو آهيان، منهنجو سٻنڌ به انهي شهر سان آهي جنهن شهر جي هي ڇوڪري آهي۔هڪ شهر جو واسي هئڻ باوجود هڪ ئي پاڙي ۾ ننڍا ٿي وڏا ٿياسين۔منهنجو هن ڇوڪري جي ڪٽنب سان اهڙو ئي تعلق آهي جهڙو پنهنجي گهر ڀاتين سان۔هن جو ڀا منهنجو دوست آهي۔
    هن جي درد ڪهاڻي ٻڌائڻ کان آئون قاصر آهيان، ڇو ته ويجهو هئڻ جي ناتي اهو منهنجو اخلاقي فرض ٿو ٿئي ته آن هن تي اجائي ڪا را زني ڪري دل آزاري ڪريان
    معصوم سنڌي صرف ان جي ڀا جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو به تصوير جو هڪ رخ آهي ۽ دوست همدردي جي خاطر ته اهو لکي ويو آهي سندس ذاتي رايو آهي ان را جو سند احترام آهي پر تصوير جو ٻيو رخ خود اها ڇوڪري آهي، ڇوڪري خود اهڙي تصوير آهي جنهن ۾ جيڪو جيترو رنگ ڀري، اهو ٺهڪي ٿو پر انصاف ممڪن ڪونهي۔
    پري کان رهي ڪجهه ٻڌل ڳالهيون ته آساني سان لکي سگهجن ٿيون پر زميني حقيقتن ۽ مشاهداتي واقعن توڙي لقائن کان واقف هوندي هن ۾ ڪجهه ڳالهيون مون کي مطمئن ڪندڙ نه ٿيون لڳن
    (واحد سومرو)
     
  4. واحد سومرو

    واحد سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 فيبروري 2013
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ انجنيئر
    ماڳ:
    شهدادڪوٽ..................ڪراچي
    ```````````
    ادا منظور ڪلهوڙو صاحب!
    سوال ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي پر ضروري ناهي ته سڀ معلومات پوري ۽ سچ هجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو