اوهان سان چاه ٿي ويو آ۔۔۔۔۔۔۔وفا گل محمد جمالي

wafa_aaaa_jamali.jpg
 
غزل_____وفا گل محمد جمالي

اوهان سان چاه ٿي ويو آ
انـــــدر آڙاه ٿــي ويو آ

اکيون هن جو ٻڌائين ٿيون
بکــن ۾ پــاه ٿــي ويـو آ

نڀائـي ڪـو نه ٿو ڪوئي
ختم ويسـاه ٿــي ويــو آ

کڻــي اکڙيون ڏٺم تو ڏي
زمانــــو! باه ٿــي ويو آ

پـــرين تــو بــن زمانـي ۾
وفــا ! بيـواه ٿــي ويــو آ
 
اکيون هن جو ٻڌائين ٿيون
بکــن ۾ پــاه ٿــي ويـو آ

خوبصورت غزل ۔۔۔۔ ڊزائن به لاجواب
 
Back
Top