اڄوڪو ڏينهن 8 فيبروري تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 8 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:


8 فيبروري 1801ع نامور بزرگ، شاعر ۽ سچل سائين جي طالب، فقير غلام حيدر شر گودڙيي جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1875ع عالم ۽ بزرگ حاجي محمد عثمان چاڪي جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1935ع ليکڪ، صحافي ۽ تعليمي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1937ع ڪھاڻيڪار، ڊرامہ نگار ۽ ڪالم نويس ادا قاضي جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1941ع گلوڪار ۽ غزل جي بادشاھ جگجيت سنگهہ جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1942ع نامور فنڪار ۽ موسيقار، رگهورام شرما (حيدر آباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1943ع اردو ٻولي جي اسڪالر، شاعر ۽ تعليمي ماهر، ڪراچي يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي پيرزاده قاسم جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1944ع اداڪار، ليکڪ ۽ هدايتڪار پرتاب مينگهراج پرسواڻي (رستم / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1946ع محقق ۽ اديب ڊاڪٽر غلام رسول سومرو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1948ع سنڌي ڪمپيوٽنگ جي باني عبدالماجد ڀرڳڙي جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1948ع مشهور سياستدان ۽ زميندار، سيد محمد علي شاھ جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1953ع سگهڙ صالح فقير (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1957ع گلوڪاره وملا ڀاٽيا (نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1961ع مقبول ڪمپيئر ۽ ليڪچرار دوست محمد لغاري جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1965ع ليکڪ محمد عمر سومرو (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1968ع صحافي نماڻو نوراني (ٺل) جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1984ع نوجوان ڪھاڻيڪار الطاف امر پوسٽ آفيس محلي قنبر علي خان ۾ عبدالرحمان گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو.
8 فيبروري 1984ع محقق ۽ شاعر خاوند ڏنو لاڙڪ تعلقي سوڀي ديري جي ننڍڙي ڳوٺ پوٺي لاڙڪ ۾ اک کولي
8 فيبروري 1985ع نامور اداڪار دليپ ڪمار ڪوهستاني جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1987ع ليکڪ اعجاز علي چنا جو جنم ڏينهن آهي.
8 فيبروري 1991ع محقق، ڪالم نگار ۽ استاد سعيد احمد چانڊيو، ڳوٺ نھال جي وانڍ، غيبي ديرو ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.

وڇوڙو:

8 فيبروري 1921ع خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير امام بخش خان ٽالپر جو انتقال ٿيو.
8 فيبروري 1942ع موسيقار ۽ گلوڪار استاد سينڌو خان جو انتقال ٿيو.
8 فيبروري 1948ع سياستدان علي محمد شاهه (نوابشاهه) لاڏاڻو ڪري ويو.
8 فيبروري 1975ع پ پ پ اڳواڻ حيات محمد خان شيرپائو بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو.
8 فيبروري 1988ع ناليواري ليکڪا بادام ناتوان (شڪارپور) جو انتقال ٿيو.
8 فيبروري 2015ع سچل سرمست جي درگاھ جو گادي نشين سخي قبول محمد فاروقي لاڏاڻو ڪري ويو.
8 فيبروري 2016ع شاعر ۽ فلمي نغما نگار ندا فاضلي جو انتقال ٿيو.
8 فيبروري 2017ع اديب، محقق ۽ اُستاد محمد پناھ ڦرڙو لاڏاڻو ڪري ويو.
8 فيبروري 2022ع شاعر ۽ استاد اشرف زمان پير چنڊامي لاڏاڻو ڪري ويو.

اڄوڪي ڏينهن 8 فيبروري جا ڪجهہ اهم واقعا

8 فيبروري 1805ع اکين جي سڀ کان پھرين اسپتال روس جي گادي واري هنڌ ماسڪو ۾ قائم ٿي.
8 فيبروري 1960ع قائد اعظم جي مزار جو سنگِ بنياد رکيو ويو.
8 فيبروري 1985ع پھرين عالمي طنز ۽ مزاح ڪانفرنس حيدرآباد دکن ۾ ٿي.
8 فيبروري 1989ع تي فلمي ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جي مقبول اداڪاره بيگم خورشيد مرزا جو وڇوڙو ٿيو.

حوالا:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
بادام ناتوان:

سنڌي زبان جي نامور ليکڪا ”بادام ناتوان“ جو جنم 1930ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو. هن ننڍڙي عمر ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو. بادام ناتوان جو هڪ انٽرويو گهڻو وقت اڳ ماهوار ”اديون“ ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ هن پنهنجي نالي جي باري ۾ چيو هو ته: ”نالو بادام اٿم، جنهن لاءِ اڪثر آدمي پڇندا آهن ته هيءُ نالو ڇو؟ حقيقت هن طرح آهي ته شڪارپور ۾ ڪوئيٽا جا پٺاڻ سرد موسم ۾ ايندا هئا، جن جون نياڻيون تعليم وٺڻ اينديون هيون، انهن پٺاڻين جا اهي نالا هوندا هئا ۽ امان اسڪول جي هيڊمسٽريس هوندي هئي ۽ انهن مان هڪ نالو يعني ”بادام“ مون لاءِ منتخب ڪيائين.“ بادام ناتوان جي تعليم مئٽرڪ (بمبئي يونيورسٽي) هئي، پر سندس مطالعو وسيع هو. هن پنهنجو تخلص ”ناتوان“ ان ڪري رکيو، جو سندس چوڻ مطابق عورت ذات’ناتوان‘ يعني ڪمزور آهي. هوءَ ”بادام ناتوان“ جي ادبي نالي سان ادبي حلقي ۾ مشهور ٿي. بادام ناتوان جي پهرينءَ تصنيف جو نالو ”شڪسته زندگي“ آهي. اهو ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ آهي ۽ ڪتاب جو هرهڪ ڀاڱو اڍائي سؤ صفحن تي مشتمل آهي. سندس ٻي تصنيف آهي ”خوش خصلت خاتون“. هن پهريون ڪتاب ڪراچيءَ مان ڇپرايو هو ۽ سندس ٻيو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو هو، جنهن جون ٻه سئو ڪاپيون ۽ انعام به ان وقت جي بورڊ جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي ڏانهس موڪليو هو. بادام جي ٽين تصنيف ”قلبي اُڃ“ آهي، جيڪا شڪارپور مان شايع ٿي، جنهن تي برک دانشور ۽ اسڪالر علامه آءِ. آءِ. قاضي مرحوم تبصرو ڪيو هو. ان کان علاوه سندس تصنيفن ۾ ”نماڻي نار“، ”خلوت ۾“ ۽ ”رنم رت ڦڙا“ قابل ذڪر آهن. مرحومه پنهنجي ڀيڻ روشن آرا مغل جي وفات تي سندس سڪ ۾ هڪ رسالو ”تنهنجي ياد ۾“ پڻ ڇپايو هو. بادام ناتوان، سنڌي ادب جي پهرين عورت هئي، جنهن مضمون کي فڪشن جو روپ ڏنو. بادام ناتوان کي سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ، اردو، فارسي ۽ انگريزي زبانن جي پڻ خاصي ڄاڻ هئي. هن 8 فيبروري 1988ع تي پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور ۾ وفات ڪئي.
 
Back
Top