اڄوڪو ڏينهن 8 فيبروري تاريخ جي دري مان

'فيبروري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 8 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    8 فيبروري 1875ع مخدوم محمد عثمان قريشي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 فيبروري 1935ع ليکڪ، صحافي ۽ تعليمي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
    8 فيبروري 1942ع موسيقار ۽ گلوڪار ناري شرما (حيدر آباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 فيبروري 1944ع ليکڪ پرتاب پرسواڻي (رستم / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 فيبروري 1946ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام رسول سومرو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 فيبروري 1941ع گلوڪار ۽ غزل جي بادشاهه جگجيت سنگهه جو جنم ڏينهن آهي.
    8 فيبروري 1943ع اردو ٻولي جي اسڪالر، شاعر ۽ تعليمي ماهر، ڪراچي يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي پيرزاده قاسم جو جنم ڏينهن آهي.
    8 فيبروري 1948ع سنڌي ڪمپيوٽنگ جي اهم شخصيت عبدالماجد ڀرڳڙي جو جنم ڏينهن آهي.
    8 فيبروري 1953ع سگهڙ صالح فقير (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 فيبروري 1957ع گلوڪاره وملا ڀاٽيا (نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 فيبروري 1965ع ليکڪ محمد عمر سومرو (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 فيبروري 1968ع صحافي نماڻو نوراني (ٺل) جو جنم ڏينهن آهي.
    8 فيبروري 1987ع ليکڪ اعجاز علي چنا جو جنم ڏينهن آهي.


    وڇوڙو:

    8 فيبروري 1931ع خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير امام بخش خان ٽالپر جو انتقال ٿيو.
    8 فيبروري 1942ع موسيقار ۽ گلوڪار استاد سينڌو خان جو انتقال ٿيو.
    8 فيبروري 1948ع سياستدان علي محمد شاهه (نوابشاهه) لاڏاڻو ڪري ويو.
    8 فيبروري 1975ع پ پ پ اڳواڻ حيات محمد خان شيرپائو بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو.
    8 فيبروري 1988ع ناليواري ليکڪا بادام ناتوان (شڪارپور) جو انتقال ٿيو.
    8 فيبروري 2015ع سچل سرمست جي درگاهه جو گادي نشين سخي قبول محمد فاروقي لاڏاڻو ڪري ويو.

    _______

    اڄوڪي ڏينهن 8 فيبروري جا ڪجهه اهم واقعا

    [​IMG]
    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    _______

     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏9 فيبروري 2015
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بادام ناتوان:

    سنڌي زبان جي نامور ليکڪا ”بادام ناتوان“ جو جنم 1930ع ڌاري شڪارپور ۾ ٿيو. هن ننڍڙي عمر ۾ ئي لکڻ شروع ڪيو. بادام ناتوان جو هڪ انٽرويو گهڻو وقت اڳ ماهوار ”اديون“ ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ هن پنهنجي نالي جي باري ۾ چيو هو ته: ”نالو بادام اٿم، جنهن لاءِ اڪثر آدمي پڇندا آهن ته هيءُ نالو ڇو؟ حقيقت هن طرح آهي ته شڪارپور ۾ ڪوئيٽا جا پٺاڻ سرد موسم ۾ ايندا هئا، جن جون نياڻيون تعليم وٺڻ اينديون هيون، انهن پٺاڻين جا اهي نالا هوندا هئا ۽ امان اسڪول جي هيڊمسٽريس هوندي هئي ۽ انهن مان هڪ نالو يعني ”بادام“ مون لاءِ منتخب ڪيائين.“ بادام ناتوان جي تعليم مئٽرڪ (بمبئي يونيورسٽي) هئي، پر سندس مطالعو وسيع هو. هن پنهنجو تخلص ”ناتوان“ ان ڪري رکيو، جو سندس چوڻ مطابق عورت ذات’ناتوان‘ يعني ڪمزور آهي. هوءَ ”بادام ناتوان“ جي ادبي نالي سان ادبي حلقي ۾ مشهور ٿي. بادام ناتوان جي پهرينءَ تصنيف جو نالو ”شڪسته زندگي“ آهي. اهو ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ آهي ۽ ڪتاب جو هرهڪ ڀاڱو اڍائي سؤ صفحن تي مشتمل آهي. سندس ٻي تصنيف آهي ”خوش خصلت خاتون“. هن پهريون ڪتاب ڪراچيءَ مان ڇپرايو هو ۽ سندس ٻيو ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو هو، جنهن جون ٻه سئو ڪاپيون ۽ انعام به ان وقت جي بورڊ جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي ڏانهس موڪليو هو. بادام جي ٽين تصنيف ”قلبي اُڃ“ آهي، جيڪا شڪارپور مان شايع ٿي، جنهن تي برک دانشور ۽ اسڪالر علامه آءِ. آءِ. قاضي مرحوم تبصرو ڪيو هو. ان کان علاوه سندس تصنيفن ۾ ”نماڻي نار“، ”خلوت ۾“ ۽ ”رنم رت ڦڙا“ قابل ذڪر آهن. مرحومه پنهنجي ڀيڻ روشن آرا مغل جي وفات تي سندس سڪ ۾ هڪ رسالو ”تنهنجي ياد ۾“ پڻ ڇپايو هو. بادام ناتوان، سنڌي ادب جي پهرين عورت هئي، جنهن مضمون کي فڪشن جو روپ ڏنو. بادام ناتوان کي سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ، اردو، فارسي ۽ انگريزي زبانن جي پڻ خاصي ڄاڻ هئي. هن 8 فيبروري 1988ع تي پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور ۾ وفات ڪئي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    نه صرف سنڌ سلامت جو پر جنهن به فورم تي هي سلسلو رکيو ويندو آهي انتهائي ڄاڻ ڏيندڙ آهي زبردست ادا سليمان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو