• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محترم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي 32 هين ورسي (رپورٽ سهڻي پارس)

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ پاران ۽ سنڌ صحافي سنگت جي سهڪار سان ممتاز مرزا حال حيدرآباد ۾ 7.2.2013 تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري نقاد ،صحافي ،ناوِل نگار ،عالم ،اديب ۽ محقق محترم محمد عثمان ڏيپلائي جي 32 هين ورسيءَ جي تقريب منعقد ڪئي وئي .پروگرام جي ڪاروائي محترم نصير مرزا تمام سهڻي نموني نڀائي. هِن تقريب ۾ سنڌ جي نامياري شخصيتن حميد سنڌي ،پير مظهرالحق صديقي ،حبيب الله صديقي ،تاج جويو ،ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ،پاڻ ڊاريڪٽر جنرل ڪلچرل ڊپارٽمنٽ آهن ،سنڌ صحافي سنگت جي صدر الهبخش ڪنڀر ، محترمه نسرين الطاف ،محترمه تهمينه مفتي ، محترمه نذير قريشي ،۽ محمد علي ڏيپلائي پاڻ محمد عثمان ڏيپلائي جا فرزند آهن، شرڪت ڪئي.۽ محمد عثمان ڏيپلائي جي سموري خاندان پڻ شرڪت ڪئي.۽ سڀني آيل محترم مهمانن محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي علمي ادبي سياسي سماجي پهلوئن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.تقريرن کان پوءِ محترم محمد عثمان ڏيپلائي جي ڪتابَ ”هِڪُ مطعالعيو“ جو مهورت ڪيو ويو ڪتابَ1997 اٽيچمينٽ ڏسو1998 اٽيچمينٽ ڏسو1999 اٽيچمينٽ ڏسو1999 اٽيچمينٽ ڏسو2000 اٽيچمينٽ ڏسو2002 اٽيچمينٽ ڏسو2003 اٽيچمينٽ ڏسو2004 اٽيچمينٽ ڏسو2005 اٽيچمينٽ ڏسو2006 اٽيچمينٽ ڏسو جا لِکندڙ محترم جبار جوڻيجو صاحب آهن.تقريب جي دوران محترم محمد علي ڏيپلائي ۽ محترم تاج جوئي جي صلاح سان هِڪ رِٿا حڪومتِ سنڌ جي اڳيان پيش ڪئي وئي ته محمد عثمان ڏيپلائي ٽڪليءَ جي منظوري ڏِني وڃي ،۽ شاه عبداللطيف ڀٽائي ٽڪليءَ پڻ هئڻ گهرجي.جهڙيءَ طرح هندستان ۾ چند مهان شخصيتن جي نالن سان ٽِڪليون آهن پاڪستان ۾ به ائين هئڻ گهرجي . تقريرن کان پوءِ محمد عثمان ڏيپلائي ڪارڪردگي صنعدن جي تقريب ٿي جِنهن ۾ صحافت جي شعبي ۾ جاکوڙيندڙن کي بهترين ڪارڪردگي صنعدون ڏنيون ويون .
آخر ۾ ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ جي ڊاريڪٽر جنرل محترم محمد علي مانجهي محترمه سسئي پليجي جو موڪليل پيغام پڙهي ٻڌايو.ته محترمه سسئي پليجو سينٽ جي اجلاس جي مصروفيت سبب هِن پروگرام ۾ شرڪت نه ڪري سهگيون آهن. پاڻ هِڪ پيغام موڪليو اٿن جيڪو ڪجه هِن ريت هو.
2008 ۾ ثقافت کاتي 99 پروگرام ڪيا آهن ،200 ڪتابَ تقريبن 5 سالن ۾ ڇپرايا آهن .7 ضلعن ۾ ممتاز مرزا حال جهڙا حالَ ميوزم لائبريريز اڏاوتن هيٺ آهن.ميرپور خاص ۽ مِٺيءَ ۾ ڪلچرل ڪامپليڪس ڪم ڪرڻ به شروع ڪري ڏِنو آهي .۽ محمد عثمان ڏيپلائي جا هِن پروگرام کان الاوا ٻيا به پروگرام ڪرايا ويندا .ثقافت کاتي هميشه سنڌ جي ثقافت کي هَٿي ڏني آهي اڳتي آندو آهي ۽ ڪئي پروگرام رٿيا آهن .
 
واه واه ۽ مٺيء ۾ ڪلچرل ڪامپليڪس اڃان تائين ته ٻڌڻ ۾ ناهي آيو۔۔۔۔۔۔۔۔ الله ڪري ٺهي وڃي
 
محمد عثمان ڏيپلائي جو نالو ايندي ئي سندس ناول سانگهڙ ذهن ۾ ايندو آهي، جيڪو تاريخي ناول آهي ۔۔۔۔ سنڌ جي عظيم شخصيت کي سهڻي ڀيٽا ڏيڻ تي ثقافت کاتي کي جس ڏيون ٿا۔

اوهان جون به مهربانيون جو اوهان خوبصورت رپورٽ اسان سان ونڊ ڪئي۔
 
محمد عثمان ڏيپلائي صاحب هڪ بهترين سنڌي ادب جو جاکوڙي اديب رهيو آهي، سندس ٻين تحريرن سان گڏ ناول سانگڙ هڪ نه وسرندڙ ڪاوش آهي، جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب حُرن بابت هڪ منظر ڪشي ڪري اسان سامهون آندو آهي، جنهن ناول کي پڙهڻ گهرجي. ناول پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو.
 
Back
Top